| وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1) |
|
(تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي. |
| الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2) |
|
جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن. |
| وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3) |
|
۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن. |
| أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4) |
|
اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو. |
| لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5) |
|
اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ. |
| يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
|
جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا. |
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7) |
|
سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي. |
| وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8) |
|
۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟ |
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9) |
|
ھڪ لکيل دفتر آھي. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10) |
|
اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي. |
| الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11) |
|
جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن. |
| وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
|
۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو. |
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن. |
| كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
|
ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي. |
| كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15) |
|
ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا. |
| ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16) |
|
وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا. |
| ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17) |
|
وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ. |
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18) |
|
سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي. |
| وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19) |
|
۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟ |
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20) |
|
ھڪ لکيل دفتر آھي. |
| يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21) |
|
اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن. |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22) |
|
بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا. |
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23) |
|
تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا. |
| تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24) |
|
(سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين. |
| يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25) |
|
مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن. |
| خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26) |
|
جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن. |
| وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27) |
|
اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي. |
| عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28) |
|
جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا. |
| إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29) |
|
بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا. |
| وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30) |
|
۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا. |
| وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31) |
|
۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا. |
| وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32) |
|
۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن. |
| وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33) |
|
۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا. |
| فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34) |
|
تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا. |
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35) |
|
تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا. |
| هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
|
(۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا. |