القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ المُطَفِّفِیۡنَ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 36


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1)

ماپ تور ۾ گهٽ وڌ ڪندڙ لاءِ ويل آهي،

الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2)

جو جڏهن ماڻهن کان ڀرپ ڪري وٺن، ته پوري ڪري وٺن

وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3)

۽ جڏهن پاڻ ماپي يا توري ڏين ته گهٽ ڪن.

أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4)

ڇا، هو نٿا ڀانئن ته هو ضرور وري جيئاربا

لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5)

نهي وڏي ڏينهن

يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6)

جنهن ڏينهن سڀ ماڻهو جهانن جي پالڻهار اڳيان بيهندا؟

كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7)

ٻڌو! بيشڪ بدڪارن جا عمل ”سجين“ ۾ آهن.

وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8)

۽ توکي ڪنهن پروڙايو ”سجين“ ڇا آهي؟

كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9)

اهو لکيل دفتر آهي.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10)

ان ڏينهن انهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي،

الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11)

جي قيامت کي ڪوڙ ٿا سمجهن.

وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12)

ان کي فقط اهڙو سڀڪو ڪوڙ سمجندو، جو حد کان اُڪرندڙ بدڪار آهي.

إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13)

جڏهن کيس اسان جو آيتون ٻڌائجن ٿيون، ته چوي ٿو ته ”اهي ته اڳين جون آکاڻيون آهن.“

كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14)

نه، بلڪ سندن ڪيتن سبب سندن قلبن تي ڪٽ چڙهيل آهي.

كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15)

ياد رکو! هو انهي ڏينهن سندن رب کي ڏسڻ کان روڪبا.

ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16)

پوءِ اهي دوزخ ۾ داخل ٿيندا.

ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17)

پوءِ چئبن ته ”هي آهي اُهو، جنهن کي اوهين ڪوڙ سمجهندا هئا.

كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18)

ياد رکو! بيشڪ نيڪن جا عمل ”عليين“ ۾ آهن.

وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19)

۽ خبر اٿيئي ته ”عليين“ ڇا آهي؟

كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20)

هڪ لکيل دفتر آهي.

يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21)

جنهن وٽ مقرب ملائڪ حاضر رهن ٿا_

إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22)

بيشڪ، نيڪ نعمتن ۾ هوندا.

عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23)

تختن تي ويهي نظر ڦيرائيندا.

تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24)

تون سندن چهرن ۾ راحت جي تازگي ڏسندين.

يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25)

کين مهر ڪيل خالص شراب پياربو،

خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26)

کٿوريءَ جي مهر ڪيل پوءِ ڀل ته شوقين ان جو شوق رکن!

وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27)

۽ ان ۾ ”تسنيم“ (جي پاڻيءَ) جي ملاوٽ هوندي،

عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28)

جو هڪ چشمو آهي جنهن مان (خدا جا) ويجها بندا پيئندا_

إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29)

بيشڪ بدڪار، مؤمنن تان کِلندا هئا.

وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30)

۽ جڏهن هو وٽانئن لنگهندا هئا ته ٽوڪن مان اشارا ڪندا هئا.

وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31)

۽ جڏهن گهر موٽندا هئا ته خوش ٿيندا موٽندا هئا.

وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32)

۽ جڏهن مؤمنن کي ڏسندا هئا، ته چوندا هئا ته ”بيشڪ هي ته گمراهه آهن.“

وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33)

مگر هو ڪي مٿن نگهبان بنائي نه موڪليل هئا.

فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34)

پر اڄوڪي ڏينهن مؤمن ڪافرن تان کِلندا.

عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35)

تختن تي ويهي نظر ڦيرائيندا.

هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36)

ته ڪافرن کي سندن ڪمن جو عيوض مليو ڪه نه!


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025