القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ المُطَفِّفِیۡنَ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 36


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1)

ماپ ۽ تور ۾ کوٽ (۽ ٺڳي) ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي.

الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2)

اُهي جڏهن ٻين کان ڪا شيءِ ماپي وٺن ٿا ته پوري ڪري وٺن ٿا.

وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3)

۽ جڏهن ماڻهن کي ماپي يا توري ڏين ٿا ته ان ۾ گهٽتائي ڪن ٿا.

أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4)

ڇا هي ماڻهو نٿا سمجهن ته کين (ٻيھر) جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟

لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5)

هڪ وڏي ڏينھن لاءِ.

يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6)

ان ڏينھن سڀ ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي سامهون بيھندا.

كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7)

هرگز نه! بيشڪ بدڪار ماڻهن جو اعمال نامو سِجّين ۾ آهي.

وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8)

توهان کي ڪهڙي خبر ته سِجّين ڇا آهي؟

كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9)

(هي قيدخاني جو) هڪ لکيل رجسٽر آهي.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10)

ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي.

الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11)

جيڪي قيامت جي ڏينھن کي ڪوڙو ڪن ٿا.

وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12)

اُن ڏينھن کي رڳو حد کان وڌي ويندڙ گنهگار ئي ڪوڙو ڪندو آهي.

إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13)

جڏهن اُن کي اسان جون آيتون (تلاوت ڪري) ٻڌايون وڃن ٿيون ته هو چوندو آهي ته هي گذريل ماڻهن جون ڪھاڻيون آهن.

كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14)

ايئن هرگز نه آهي! بلڪه انهن ماڻهن جي دلين تي سندن بُرن عملن جو ڪَٽُ چڙهيل آهي.

كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15)

هرگز نه! هي ماڻهو اُن ڏينھن پنھنجي پالڻھار جي ديدار کان محروم ڪيا ويندا.

ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16)

آخرڪار اُهي جھنم ۾ وڃي پوندا.

ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17)

پوءِ کين چيو ويندو ته هي آهي اُها (شيءِ) جنھن کي توهان (دنيا ۾) ڪوڙو ڪندا هئا.

كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18)

هرگز نه! بيشڪ نيڪوڪار ماڻهن جو اعمال نامو عِلّيّيۡن ۾ آهي.

وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19)

توهان کي ڪهڙي خبر ته عِلّيّيۡن ڇا آهي؟

كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20)

(هي جنت جو) هڪ لکيل رجسٽر آهي.

يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21)

ان جي نگراني (الله تعالى) جا مقرب (يعني ويجهو رهندڙ) ملائڪ ڪن ٿا.

إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22)

بيشڪ نيڪوڪار ماڻهو نعمتن ۾ هوندا.

عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23)

تختن تي ويھي نظارا پيا ڪندا.

تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24)

(اي مخاطب!) تون انهن جي چھرن تي نعمتن جي خوشي ڏسندين.

يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25)

انهن کي پَيڪ ٿيل (يعني سِيل مھر) اصلي شراب پياريو ويندو.

خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26)

جنھن جي مٿان مشڪ خوشبو (يعني کستوري) جي مھر لڳل هوندي (شراب جي) شوقينن کي گهرجي ته هو هن (شراب) جي حاصل ڪرڻ جو شوق رکن.

وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27)

۽ ان ۾ ڪجهه تسنيم (جو پاڻي به) مليل هوندو.

عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28)

هي (تسنيم) هڪ خاص چشمو آهي جنھن مان رڳو الله تعالى جا ويجها (ٻانها) ئي پيئندا.

إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29)

بيشڪ ڏوهاري ماڻهو (دنيا ۾) ايمان وارن تي کلندا هئا.

وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30)

جڏهن مؤمن انهن جي ڀرسان لنگهندا هئا ته هي ماڻهو (انهن کي ڏسي) پاڻ ۾ اکين جا اشارا ڪندا هئا.

وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31)

پوءِ هُو پنھنجي گهرن ڏانھن اهڙي خوشي واري انداز ۾ موٽندا هئا ڄڻ ته انهن ڪو ڪوٽ کٽيو هجي.

وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32)

۽ جڏهن مؤمنن کي (گهمندي ڦرندي) ڏسندا هئا ته چوندا هئا ته هي ماڻهو ته گمراهه آهن.

وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33)

حالانڪه اُنهن کي (مؤمنن جي مٿان) نگراني ڪرڻ لاءِ ته ڪونه موڪليو ويو هو.

فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34)

سو اڄ (قيامت جي ڏينھن) مؤمن ماڻهو ڪافرن جي مٿان کلي رهيا آهن.

عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35)

تختن تي ويھي نظارا پيا ڪن.

هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36)

(۽ چئي رهيا آهن) ته ڇا ڪافرن کي سندن حرڪتن جو بدلو ملي ويو؟


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025