وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1) |
تباهي آهي (انهن لاءِ) جيڪي تور ماپ ۾ کوٽ ڪن ٿا |
الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2) |
(انهن جو حال هي آهي) جڏهن وٺن ٿا ماڻهن کان ته پورو (ماپي توري) |
وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3) |
۽ جڏهن ماپي توري ڏين ٿا ته تورين ٿا (ماپين ٿا) گهٽائي (کوٽ سان) |
أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4) |
ڇا کين اندازو ناهي ته انهن کي ضرور اٿاري آندو ويندو |
لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5) |
ان ڏينهن وڏي تي |
يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
اهو ڏينهن جڏهن بيهندا ماڻهو پنهنجي رب العالمين جي اڳيان |
كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7) |
هرگز نه (خبردار!) بيشڪ اعمالنامو بدڪارن جو قيد خاني جي دفتر ۾ آهي |
وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8) |
۽ ڇا خبر توکي ته اهو قيد خاني جو دفتر ڇا آهي؟ |
كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9) |
اهو آهي لکيل هڪ دفتر |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10) |
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ |
الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11) |
جيڪي ڪوڙو ڀائين ٿا (خدا جي) ڏينهن حساب ڪتاب واري کي |
وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
۽ نٿو ان کي ڪوڙو ڀانئين پر هر اهو ماڻهو جيڪو حد ٽپندڙ بد عمل آهي |
إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
جڏهن ان کي ٻڌايون وڃن ٿيون اسان جون آيتون ته چوي ٿو، هي ڪهاڻيون آهن اڳين وقتن جون |
كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
هرگز نه، (خبردار) حقيقت ۾ ڪٽ چڙهيل آ دلين تي انهن جي سندن بُرن عملن جي ڪري |
كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15) |
هرگز نه (خبردار!) بيشڪ اهي پنهنجي رب (جي نظر) کان ان ڏينهن محروم رکيا ويندا |
ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16) |
پوءِ اهي بيشڪ وڃي پوندا دوزخ ۾ |
ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17) |
پوءِ انهن کي چيو ويندو ته هي اها ئي شيءِ آهي جنهن کي توهان ڪوڙو ڀائيندا هئا |
كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18) |
هرگز نه (خبردار!) بيشڪ اعمالنامو نيڪ ماڻهن جو بلند پايه ماڻهن جي دفتر ۾ آهي |
وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19) |
۽ ڪهڙي خبر توکي ته ڇا آهي اهو بلند پايه ماڻهن جو دفتر؟ |
كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20) |
هڪ ڪتاب لکيل (دفتر) |
يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21) |
جنهن جي سنڀال ويجها فرشتا ڪندا آهن |
إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22) |
بيشڪ نيڪ ماڻهو ڏاڍي مزي ۾ هوندا |
عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23) |
بلند تختن تي ويٺا نظارو پيا ڪندا |
تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24) |
تون سمجهي ويندين انهن جي چهرن تي تازگي محسوس ڪندين |
يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25) |
کين پياريو ويندو مشروب سربند |
خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26) |
جنهن تي مهر هوندي مشڪ جي، ۽ جيڪي ماڻهو اڳرائي ڪن ته ڀل ڪن |
وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27) |
۽ ان ۾ ملاوٽ هوندي تسنيم جي |
عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28) |
اهو هڪ چشمو آهي جنهن جي پاڻي سان ملائي پيئندا قرب وارا ماڻهو |
إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29) |
بيشڪ جيڪي ڏوهاري هئا اهي (دنيا ۾) انهن ماڻهن تي جيڪي ايمان وارا هئا، کِلون ڪندا هئا |
وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30) |
۽ جڏهن لنگهندا هئا انهن وٽان ته هڪ ٻئي کي اکيون هڻندا هئا |
وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن موٽندا هئا گهرن ڏانهن ته ڏاڍيون خوشيون ڪندي ٽڙندا هئا |
وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32) |
۽ جڏهن ڏسندا هئا انهن کي ته چوندا هئا، ته بيشڪ هي آهن ڀُليل ماڻهو |
وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33) |
۽ جڏهن ته اهي موڪليا نه ويا هئا انهن تي نگهبان ڪري |
فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34) |
پر اڄوڪي ڏينهن اهي ماڻهو جيڪي ايمان وارا آهن ڪافرن تي کلي رهيا آهن |
عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35) |
مٿانهن تختن تي ويٺي انهن جو حال ڏسي رهيا آهن |
هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
اجهو ملي ويو بدلو ڪافرن کي ان جو جيڪي هو ڪندا هئا |