| إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو |
| وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
|
۽ ستارا ڇڻي ڪـِـري پوندا |
| وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن سمنڊ چيريا ويندا |
| وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن قبرون کوليون وينديون |
| عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
|
تڏهن هر شخص کي سندس اڳيون پويون سڀ ڪيو معلوم ٿي ويندو |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
|
اي انسان، توکي ڪهڙيءَ شيءِ انهيءَ مهربان رب جي باري ۾ دوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي |
| الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
|
جنهن توکي خلقيو، پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين ۽ تنهنجي بناوٽ ۾ برابري رکيائين |
| فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
|
۽ جنهن به شڪل ۾ چاهيائين، توکي جوڙي راس ڪيائين؟ |
| كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
|
ڪڏهن به نه، پر (اصل ڳالهه اها آهي ته) توهان حساب ڪتاب کي ڪوڙو ٿا ڀانيو |
| وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
|
جڏهن ته توهان تي نگهبان مقرر ڪيل آهن |
| كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
|
اهڙا مانوارا لکندڙ |
| يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
|
جيڪي توهان جي هر ڪم کي ڄاڻن ٿا |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
|
بيشڪ نيڪ ماڻهو مزن ۾ هوندا |
| وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
|
۽ بيشڪ بدڪار جهنم ۾ پوندا |
| يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
|
حساب ڪتاب جي ڏينهن ان ۾ پوندا |
| وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
|
۽ پوءِ ان مان غير حاضر ٿي نه سگهندا |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته حساب ڪتاب جو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
|
هائو، توکي ڀلا ڪهڙي خبر ته حساب ڪتاب جو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
|
اِهو ته اُهو ڏينهن آهي، جڏهن ڪوبه ڪنهن لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندو ۽ فيصلو انهيءَ ڏينهن بلڪل الله جي هٿ ۾ هوندو |