| إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان ڦاٽندو. |
| وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن تارا ٽڙي پکڙي ڪري پوندا، |
| وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن دريا وهي (پاڻ ۾ ملي) ويندا. |
| وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن قبرون کوليون وينديون. |
| عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
|
تڏهن سڀ ڪنهن کي معلوم ٿيندو ته اڳ ۾ ڇا موڪليو آهي ۽ پٺ تي ڇا ڇڏي آيو آهي. |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
|
اي انسان! تو کي ڪهڙي شيءِ پنهنجي سڳوري پالڻهار کان ٺڳيو آهي؟ |
| الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
|
جنهن تو کي پيدا ڪيو پوءِ تو کي صحيح سالم ڪيو پوءِ تو کي برابر ڪيائين. |
| فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
|
جنهن به شڪل ۾ چاهيائين تنهن ۾ جوڙيو اٿس، |
| كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
|
ها! ڳالھ هي آهي ته اوهين ماڻهو جزا (جي ڏينهن) کي ڪوڙو ڪريو ٿا. |
| وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
|
هوڏانهن توهان تي نگهبان مقرر آهن، |
| كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
|
بزرگ (فرشتا) سڀ ڳالهيون (لکڻ وارا) ڪراما ڪاتبين، |
| يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
|
جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو سڀ ڄاڻن ٿا. |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
|
بيشڪ نيڪوڪار ته نعمت ۾ هوندا. |
| وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
|
۽ اهي ان کان لڪي نه سگهندا. |
| يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
|
اهي حساب جي ڏينهن ان ۾ گهڙندا. |
| وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
|
۽ ان کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن. |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
|
(وري ٿا چئون ته) تو کي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
|
جنهن ڏينهن ڪو به شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجھ به ڪري ڪين سگهندو. ۽ حڪم ان ڏينهن الله جو ئي هوندو. |