| إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن اُڀ اَڌ ٿيو، |
| وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن ڇڻيا نِکٽ نُور، |
| وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن گھارا هَڻِي گڏيا، دَرياءَ، دَرياءَ دُور، |
| وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
|
۽ جَڏهن مُئا، جِيرَا ٿيا، اُٿيا اَهل قُبور، |
| عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
|
تڏهن سَڀَڪو، سو سَمجِھيو، پـِيَسِ خُوب پرور، ته جيڪي هِن جَھان ۾، مال ڇَڏئـِين مَجبُور، يا بار ڀَري ڀَرپُور، مُڪائـِين مَهند ڀَرو. |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
|
توکي، اي انسان! ڪِنهن مالِڪ سان مَغرور ڪيو؟ |
| الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
|
جو ڌڻي سڳورو تو سَندو، اَپر سَندسِ اِحسان، جِنهن ڀورا! ڪَئـِين ڀور گَڏي، توکي جوڙيو مَنجھ جھان، پوءِ برابر بَنايَئـِي، بارِ بي گمان، |
| فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
|
توکي جوڙي تيار ڪيو، جيئن رِٽ رِٽي رَحمان، تِنهن صُورت ۾ سُبحان، پوءِ سَڄو سِينگاري ڪَريم. |
| كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
|
هوشيار ٿيو هُوڙ!، مَهندان ڳَرو معاملو، اُٽلو عَدل جي ڏِينهن کي، اَوهِين ڪوٺيو ڪُوڙ، |
| وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
|
۽ آهِن چونڪي آن مَٿي، ڪي زورآور ضرور، |
| كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
|
ڪاتِب، نيڪ ڪُلهن تي، مُوڙھ نه جِن کي مُور، |
| يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
|
پُورِي رَکن پَرُور، جيڪي ڪريو جَھان ۾. |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
|
بيشڪ نيڪ بهشت ۾، جت سدا باغ بهار، |
| وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
|
آهن بلڪل باھ ۾، بُڇڙا ۽ بَدڪار، |
| يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
|
آخِر ڏِينهن اِنصاف جي، پُهچندا، تِنهن پار، |
| وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
|
۽ دائـِم اُن دوزخ کان، سي دَم نه آهِن ڌار، |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
|
۽ ڪِهڙو ڏينهن اِنصاف جو؟ ڪِنهن اَنت ڏِنئِي اِظهار!، |
| ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
|
۽ ڪِهڙو ڏينهن اِنصاف جو؟ ڪِنهن ٻُڌايَئي ٻِيهار، |
| يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
|
ڪري هِڪ، نه ٻي شخص جِي، واھِر جِنهين وار، ۽ اُنهِئَ ڏِينهن اِختيار، آهي هِڪ اَلله جو. |