| إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان ڦاٽندو |
| وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن تارا ٽڙي پکڙي پوندا |
| وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) دريا ڦاڙي وهايا ويندا |
| وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن (مئلن کي جيارڻ لاءِ قبرون) هيٺ مٿي ڪيون وينديون |
| عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
|
تڏهن سڀڪنهن شخص جيڪي اڳي موڪليو هوندو ۽ پٺتي ڇڏيو هوندو، تنهن کي ڄاڻي وٺندو |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
|
اي انسان! توکي ڪهڙي شيءِ پنهجي سڳوري پاليندڙ کان ٺڳيو آهي |
| الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
|
جنهن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي صحيح سالم ڪيو پوءِ توکي برابر ڪيائين |
| فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
|
جنهن به صورت ۾ گهريائين تنهن ۾ توکي جوڙيو اٿس |
| كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
|
خبردار (متان ڪو پاليندڙ بابت ڌوڪو کائي) پر اوهين (عملن جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙ سمجهو ٿا |
| وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
|
هوڏانهن اوهان تي اهڙا نگهبان (مقرر) آهن |
| كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
|
جي خوبين وارا آهن (اوهان جي عملن کي) لکڻ وارا آهن |
| يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
|
جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻن ٿا |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
|
بيشڪ تابعدار ته نعمت ۾ هوندا |
| وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
|
۽ بدڪار دوزخ جي باه ۾ هوندا |
| يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
|
اهي حساب جي ڏينهن ان ۾ گهڙندا |
| وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
|
۽ اهي ان کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
|
۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
|
وري (ٿا چئون ته) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
|
جنهن ڏينهن ڪوبه شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجهه به ڪري ڪين سگهندو ۽ حڪم ان ڏينهن الله جو هوندو. |