| إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو. |
| وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن ستارا ڇڻي پوندا. |
| وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن سمنڊ وهايا ويندا. |
| وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن قبرون اکيڙيون وينديون. |
| عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
|
تڏهن هر شخص ڄاڻي وٺندو جيڪي (عمل) اڳتي موڪليائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيائين. |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
|
اي انسان! تو کي ڪهڙي شيءِ پنهنجي ڪريم پالڻهار جي باري ۾ دوکي ۾ وڌو آهي؟ |
| الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
|
جنهن تو کي پيدا ڪيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين پوءِ (توازن ۾) برابر ڪيائين. |
| فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
|
جهڙي صورت ۾ چاهيائين تو کي جوڙيائين. |
| كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
|
هرگز نه بلڪه توهان جزا ۽ سزا جي ڏينهن کي ڪوڙو چئو ٿا. |
| وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
|
۽ بيشڪ توهان تي نگهبان مقرر آهن. |
| كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
|
جي عزتدار (اوهان جي عملن کي) لکڻ وارا آهن. |
| يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
|
اُهي ڄاڻن ٿا جيڪي توهان ڪيو ٿا. |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
|
بيشڪ نيڪوڪار نعمتن ۾ هوندا. |
| وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
|
۽ بيشڪ بدڪار دوزخ جي باهه ۾ هوندا. |
| يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
|
اُهي ان ۾ بدلي واري ڏينهن داخل ٿيندا. |
| وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
|
۽ اُهي ان (جهنم) کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن. |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته بدلي وارو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
|
پوءِ تو کي ڪهڙي خبر ته بدلي وارو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
|
اُهو ڏينهن آهي جو ڪو شخص ڪنهن شخص لاءِ ڪنهن شيءِ جو مختار نه هوندو. (سواءِ الله جي اِذِنَ جي) سمورو حڪم ان ڏينهن الله جو هوندو. |