القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡاِنۡفِطَارِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 19


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1)

(قيامت جي ٿيڻ ۽ ان جي منظر طرف اسان اوهان جو توجه وري وري ڇڪايون ٿا ته، جيئن اوهان کي ان آخرت واري مسئلي جي اهميت جو اندازو ٿئي، سو ٻڌو ته) جڏهن آسمان ڦاٽندو،

وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2)

جڏهن تارا ڇڻي پوندا،

وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3)

۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) درياهه ڦاڙي ملائي وهايا ويندا.

وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4)

(جڏهن (مئلن کي جيئارڻ لاءِ) قبرون هيٺ مٿي ڪيون وينديون،

عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5)

تڏهن سڀ ڪنهن شخص جيڪي اڳي موڪليو هوندو ۽ پٺتي (طريقو) ڇڏيو هوندو، تنهن کي (تنهنجي سامهون) پڌرو ڏسندو.

يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6)

اي انسان! (تون جو خدا جي قانونن کان منهن موڙيو آهي، سو) توکي ڪهڙي شئ پنهنجي مهربان پالڻهار (جي اطاعت) کان دوکي ۾ وڌو آهي.

الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7)

جنهن توکي (پنهنجي ٻاجھ سان ماءُ جي رحم ۾) پيدا ڪيو، پوءِ توکي صحيح سالم (عقل هوش ۽ حواس وارو) ڪيو، پوءِ توکي (زندگي گهارڻ لاءِ) متوازن ڪيائين.

فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8)

جنهن به صورت ۾ گهريائين تنهن ۾ توکي (مناسب ڊول سان) جوڙيو اٿس.

كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9)

خبردار (پوءِ به اوهان پنهنجي پاليندڙ بابت ڌوڪو کائو ٿا) ان ڪري جو اوهين (سڀني عملن جو ذري پرزي حساب کان پوءِ ان جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙ سمجهو ٿا.

وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10)

هوڏانهن (اوهان جي عملن جو هر پهلو محفوظ ڪرڻ لاءِ) اوهان تي اهڙا نگهبان (مقرر) آهن.

كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11)

جيڪي خوبين وارا آهن (اوهان جي عملن کي مستعد ٿي ايمانداريءَ سان) لکڻ وارا آهن.

يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12)

جيڪي اوهين ڪريو ٿا (لڪ ۾ يا ظاهر ۾) تنهن کي ڄاڻن ٿا.

إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13)

بيشڪ (الله جي قانونن جا) تابعدار ته نعمت ۾ هوندا.

وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14)

۽ (انهن قانونن جا) منڪر) بدڪار دوزخ جي باهه ۾ هوندا.

يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15)

اهي حساب جي ڏينهن (اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ کان پوءِ) ان۾ گهڙندا.

وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16)

۽ (ان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ) اهي ان کان نڪري جدا ٿيڻ وارا به نه آهن.

وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17)

۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (۽ ڪيئن نتيجا ماڻهن کي پلئه پوندا).

ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18)

وري (ڇا چئون ته) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟

يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19)

جنهن ڏينهن (هرهڪ رڳو پنهنجي عملن کي سامهون ڏسندو ۽) ڪوبه شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجھ به ڪري ڪين سگهندو ۽ حڪم ان ڏينهن رڳو الله جو هوندو.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025