| إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
|
جنهن وقت آسمان ڦاٽي پوندو |
| وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جنهن وقت تارا ٽٽي پکڙجي ويندا |
| وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جنهن وقت سمنڊ هڪ ٻِئي سان ملايا ويندا |
| وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
|
۽ جنهن وقت قبرون کوٽيون وينديون |
| عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
|
(ان وقت) هر نفس ڄاڻندو جيڪو عمل ان حياتي ۾ ڪيو ۽ جيڪو ان پويان ڇڏيو |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
|
اي انسان (ڪافر) توکي پنهنجي رب ڪريم کان ڪنهن مغرور ڪيو؟ |
| الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
|
انهي رب کان جنهن توکي خلقيو پوءِ توکي برابر ڪيو پوءِ توکي هموار ڪري |
| فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
|
جهڙيءَ صورت ۾ پسند ڪيو ترڪيب ڏنو |
| كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
|
خبردار ! بلڪ توهان قيامت جو انڪار ڪريو ٿا |
| وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
|
۽ بيشڪ توهان تي مُحافظ آهن |
| كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
|
جيڪي ڪراماً ڪاتبين آهن |
| يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
|
اهي ڄاڻن ٿا ان عمل کي جيڪو توهان ڪريو ٿا |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
|
بيشڪ نيڪوڪار يقيناً جنت ۾ آهن |
| وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
|
۽ بيشڪ بدڪار جهنم ۾ آهن |
| يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
|
اِهي قيامت جي ڏينهن انهيءَ ۾ داخل ٿيندا |
| وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
|
۽ نه اهي ان کان غائب ٿيندڙ هوندا |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
|
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڪهڙو آهي؟ |
| ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
|
ان کان پوءِ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڪهڙو آهي؟ |
| يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
|
ان ڏينهن، ڪوبه مؤمن ڪنهن به ڪافر تان ڪا به شيءِ دفع ڪري نه سگھندو ۽ سمورا حڪم ان ڏينهن الله تعالى جا هوندا |