| إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
|
جڏھن آسمان ڦاٽندو. |
| وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا. |
| وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا. |
| وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏھن قبرون پٽبيون. |
| عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
|
(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين. |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
|
اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟ |
| الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
|
جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين. |
| فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
|
جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين. |
| كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
|
ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو. |
| وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
|
۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن. |
| كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
|
سڳورا لکڻ وارا. |
| يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
|
جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن. |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
|
بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا. |
| وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
|
۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا. |
| يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
|
عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا. |
| وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
|
۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا. |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
|
۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ |
| ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
|
وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ |
| يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
|
اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي. |