| إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان چيربو، |
| وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
|
جڏهن تارا کِڙندا، |
| وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
|
جڏهن درياءُ ڦاٽندا، |
| وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن قبرن وارا جيئاربا. |
| عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
|
تڏهن هر شخص کي پتو پوندو ته ڇا اڳتي موڪليو اٿس، ۽ ڇا پوئتي ڇڏيو اٿس. |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
|
اي انسان! توکي تنهنجي سڳوري ڌڻيءَ کي مڃڻ کان ڪهڙي ڳالهه ٿي دوکي ۾ وجهي؟ |
| الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
|
جنهن توکي خلقيو، پوءِ تنهنجا عضوا ٺيڪ ڪيائين؛ توکي پورو برابر ڪيائين. |
| فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
|
۽ جيڪا صورت وڻيس سا توکي ڏنائين. |
| كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
|
(اڻ ڄاڻ) هر گز نه (آهيو) بلڪ اوهين قيامت کي ٿا ڪوڙ سمجهو. |
| وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
|
۽ پڪ اوهان مٿي نگهبان آهن |
| كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
|
سڳورا لکندڙ |
| يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
|
جي اوهان جي ڪمن کي ڄاڻن ٿا. |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
|
بيشڪ نيڪ، نعمتن ۾ هوندا |
| وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
|
۽ بدڪار دوزخ ۾ |
| يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
|
وڃي پوندا قيامت ڏينهن |
| وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
|
هو ان مان نڪري نه سگهندا. |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
|
۽ توکي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
|
وري به ٿا چئون، ته توکي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
|
هو اُهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ ڪو به شخص ڪنهن شخص کان ڪجهه ٽاري به نه سگهندو ۽ ان ڏينهن حڪم فقط الله جو هلندو. |