| إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان ڦاٽندو . |
| وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن تارا پکڙجي ويندا . |
| وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن سمنڊ وهايا ويندا . |
| وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن قبرون کوليون وينديون . |
| عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
|
ته ڄاڻندو هر نفس اهو جيڪو اڳي ڪيائين ۽ پوءِ ڪيائين . |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
|
اي انسان!ڪنهن ڌوڪو ڏنو توکي پنهنجي رب ڪريم سان . |
| الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
|
جنهن پيدا ڪيو توکي پوءِ برابر رکيائين توکي . |
| فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
|
جنهن به صورت ۾ گهريائين ڳنڍيائين توکي . |
| كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
|
هرگز نه بلڪ ڪوڙو چئو ٿا قيامت کي . |
| وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
|
۽ بيشڪ اوهان تي البته نگهبان آهن . |
| كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
|
عزت وارا، لکندڙ . |
| يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
|
ڄاڻن ٿا جيڪي ڪيو ٿا . |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
|
بيشڪ نيڪو ڪار البته نعمتن ۾ هوندا . |
| وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
|
۽ بيشڪ بدڪار البته دوزخ ۾ هوندا . |
| يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
|
داخل ٿيندا ان ۾ جزا واري ڏينهن . |
| وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
|
۽ نه هوندا اهي ان کان غائب . |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
|
۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي بدلي جو ڏينهن . |
| ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
|
ان کان پوءِ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڪهڙو آهي بدلي جو ڏينهن؟ . |
| يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
|
جنهن ڏينهن نه مالڪ ٿيندو ڪو نفس ڪنهن جي لاءِ ڪجهه به ۽ امر ان ڏينهن الله جو آهي . |