| إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو. |
| وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
|
جڏهن تارا ٽڙي پکڙجي ويندا. |
| وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
|
جڏهن سمنڊن (جي تري) کي ڦاڙيو ويندو. |
| وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
|
جڏهن قبرن کي کوليو ويندو. |
| عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
|
پوءِ هر ماڻهوءَ کي خبر پئجي ويندي ته هن اڳ ۽ پوءِ ڪھڙو عمل موڪليو هو؟ |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
|
اي انسان! توکي پنھنجي ٻاجهاري پالڻھار جي باري ۾ ڪهڙي شيءِ ڌوڪي ۾ وڌو آهي؟ |
| الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
|
جنھن توکي پيدا ڪيو، تنھنجي عضون جي جوڙجڪ ڪيائين ۽ توکي مناسب انداز ۾ (سهڻو ڪري) برابر ڪيائين. |
| فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
|
پوءِ جنھن شڪل ۾ چاهيو توکي اهائي شڪل ڏنائين. |
| كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
|
هرگز نه! (اصل ۾) توهان قيامت جي ڏينھن کي ڪوڙو سمجهو ٿا. |
| وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
|
بيشڪ توهان تي نگراني ڪرڻ وارا مقرر آهن. |
| كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
|
وڏا عزت وارا آهن، هُو سڀ ڪجهه لکندڙ آهن. |
| يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
|
توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا اهو سڀ کين معلوم آهي. |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
|
بيشڪ نيڪوڪار ماڻهو نعمتن ۾ هوندا. |
| وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
|
۽ بدڪار ماڻهو جھنم ۾ هوندا. |
| يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
|
اهي قيامت واري ڏينھن ان ۾ داخل ٿيندا. |
| وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
|
اهي جھنم ۾ وڃڻ کان غير حاضر نه ٿي سگهندا. |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته قيامت جو ڏينھن ڇا آهي؟ |
| ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
|
وري ٻڌو! ته توکي ڪهڙي خبر ته قيامت جو ڏينھن ڇا آهي؟ |
| يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
|
هي اهو ڏينھن هوندو جنھن ڏينهن ڪوبه ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جي ڪم نه اچي سگهندو. ان ڏينھن حڪم صرف الله تعالى جو ئي هلندو. |