| إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن سج ويڙهيو ويندو |
| وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن تارا ڪڻو ڪڻو ٿي ويندا |
| وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن جبل هلايا ويندا |
| وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن ڏهن مهينن جون ڍُڪيون ڏاچيون بنا مالڪيءَ جي ڇڏي ڏنيون وينديون |
| وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5) |
|
۽ جڏهن جهنگلي جانور ميڙي گڏ ڪيا ويندا |
| وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6) |
|
۽ جڏهن سمنڊ (باهه وانگر) دُکايا ويندا |
| وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7) |
|
۽ جڏهن ساهه (جسمن سان) ملايا ويندا |
| وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8) |
|
۽ جڏهن جيئري پوريل ڇوڪريءَ کان پڇيو ويندو |
| بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9) |
|
ته کيس ڪهڙي ڏوهه ڪري ماريو ويو؟ |
| وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن اعمالناما کوليا ويندا |
| وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن آسمان تان پردو هٽايو ويندو |
| وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12) |
|
۽ جڏهن دوزخ کي مچايو ويندو |
| وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13) |
|
۽ جڏهن جنت ويجهو آندي ويندي |
| عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14) |
|
تڏهن هر شخص کي معلوم ٿي ويندو ته هو ڇا کڻي آيو آهي |
| فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15) |
|
پوءِ نه، مان قسم ٿو کڻان لڙي ويندڙ |
| الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16) |
|
۽ وهامي ويندڙ تارن جو |
| وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جو، جڏهن اها موڪلائي وئي |
| وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18) |
|
۽ صبح جو جڏهن ان ساهه کنيو |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19) |
|
بيشڪ اهو (قرآن) هڪڙي مانواري پيغام پهچائيندڙ جو ٻڌايل آهي |
| ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20) |
|
جيڪو وڏي طاقت وارو آهي، عرش واري وٽ وڏي مرتبي وارو آهي |
| مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21) |
|
اتي سندس ڏاڍي مڃتا آهي، ويساهه جوڳو آهي |
| وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22) |
|
۽ (اي مڪي وارؤ) توهان جو سنگتي (پيغمبر) ڪو چريو ناهي |
| وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23) |
|
هن ان پيغام آڻيندڙ کي آسمان جي روشن ڪناري تي ڏٺو آهي |
| وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24) |
|
۽ هو غيب (جي انهيءَ علم کي ماڻهن تائين پهچائڻ) جي معاملي ۾ ڪنجوس نه آهي |
| وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25) |
|
۽ اهو ڪنهن تـڙيل شيطان جو قول ناهي |
| فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟ |
| إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27) |
|
اها ته ساري جڳ جهان وارن لاءِ هڪڙي نصيحت آهي |
| لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28) |
|
توهان مان هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو سڌي واٽ تي هلڻ گهرندو هجي |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29) |
|
پر توهان جي گهرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو آهي، جيستائين جهانن جو پالڻهار الله نه گهري |