| إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن سج کي ويڙهيو ويندو، |
| وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2) |
|
۽ چنڊ تارا ڪري پوندا. |
| وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جبلن کي هلايو ويندو. |
| وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن ڏهن مهينن جون ڍڪيون ڏاچيون بيڪار ٿي وينديون. |
| وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5) |
|
۽ جڏهن جنگلي جانورن کي گڏ ڪيو ويندو، |
| وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6) |
|
۽ جڏهن دريا (باھ وانگر) تپايا ويندا، |
| وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7) |
|
روحون هڏن سان ملايون وينديون. |
| وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8) |
|
۽ جڏهن جيئري پوريل نياڻي کان پڇيو ويندو، |
| بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9) |
|
ته ڪهڙي گناھ ڪري ماري وئي هئين؟ |
| وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن عملن جا دفتر کوليا ويندا، |
| وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن آسمان جي کل لاهي ويندي، |
| وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12) |
|
۽ جڏهن دوزخ جي باھ ڀڙڪائي ويندي، |
| وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13) |
|
۽ جڏهن جنت کي ويجهو ڪيو ويندو، |
| عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14) |
|
تڏهن سڀ ڪو ماڻهو ڄاڻيندو ته ان پاڻ سان ڪهڙا (اعمال) آندا آهن. |
| فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15) |
|
پوءِ قسم کڻان ٿو پٺ تي هٽندڙن، |
| الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16) |
|
سڌو هلندڙن (تارن) جو، |
| وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17) |
|
پڻ رات جو (قسم آهي) جڏهن اچي ٿي، |
| وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18) |
|
۽ صبح جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو. |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19) |
|
ته اهو (قرآن) هڪ عزت واري فرشتي (جبرائيل) جي زبان جو پيغام آهي، |
| ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20) |
|
جو وڏي سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وڏي مرتبي واري، |
| مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21) |
|
اتي (سڀني فرشتن جو) سردار امانت دار آهي. |
| وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22) |
|
۽ (اي مڪي وارو!) اوهان جو ساٿي (محمد) ڪو چريو نه آهي. |
| وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23) |
|
۽ بيشڪ ان جبرئيل کي آسمان جي پڌري (مشرقي) ڪناري تي ڏٺو آهي. |
| وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24) |
|
۽ هو غيب جي خبرن ظاهر ڪرڻ ۾ بخيل نه آهي. |
| وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25) |
|
۽ نه اهو (قرآن) تڙيل شيطان جو ڪلام آهي. |
| فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ اوهين ڪيڏانهن وڃو ٿا. |
| إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27) |
|
اهو (ته) سموري جهان وارن لاءِ رڳو نصيحت آهي. |
| لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28) |
|
(پر) تنهن لاءِ جو اوهان مان سڌي راھ تي هلي. |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29) |
|
۽ اوهين چاهيو ئي نه ٿا پر اهو جيڪي جهانن جو پروردگار (خدا) چاهي ٿو. |