| إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن سِج سُمجھائيو، آيا اَنڌيرا، |
| وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن نِکٽ ڇَڏي نُور کي، مِڙئـِي ٿيا ميرا، |
| وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ هوا ۾ هَلڻ لڳا، جڏهن ڏونگر ڏاڍيرا، |
| وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4) |
|
۽ اُٺيون ڍُڪيون ڏھ ماهيَنِ تان، جڏهن ڀَڳا ويا، ڀيرا، |
| وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5) |
|
۽ جڏهن جناور جَھنگلي، گڏ ٿيا گھيرا، |
| وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6) |
|
۽ جَڏهن بَحر ڀَڙڪايا وِيا، واهُڙ وَڏيرا، |
| وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7) |
|
۽ جڏهن جِئ جوڙيا ويا، کَرا ۽ کيرا، |
| وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8) |
|
۽ پُڇا پُورِيَل ڌِئَ کان، وَٺبِي جِنهن ويرا، |
| بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9) |
|
ته ڪُٺِـي ڪهڙي ڏوھ ۾؟ڪِهڙا کَنئـِين پيرا؟ |
| وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10) |
|
۽ جَڏهن پَرچا پکيڙيا ويا، نياءَ نبـيرا، |
| وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن لاٿِي اُڀ مٿان، چمڙي چوڦيرا، |
| وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12) |
|
۽ جڏهن جَھَنَّم جوش ڪيو، ٿيا ڄِڀـيُنِ ۾ ڄيرا، |
| وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13) |
|
۽ جڏهن باغ بهشت جا، ٿيا اَچِي اوڏيرا، |
| عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14) |
|
هر ڪانهيو، ڪم پنهنجا، بُرا، ڪِ ڀَليرا، سَمجھيو سويرا، جي حاضر ڪَئـِين، حُضور ۾. |
| فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15) |
|
ڪريان پوء، نه گواھ؟ تِن تارن ڇِپندڙن کي، |
| الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16) |
|
اُنتا سُبتا اُڀ ۾، هَلندڙ، سي هرگاھ، |
| وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17) |
|
۽ جڏهن پانهين رات ٿِئي، |
| وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18) |
|
۽ جڏهن صبح کنيو ساھ، |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19) |
|
ته هِي قول رسول ڪريم جو، آيل، کون اَلله، |
| ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20) |
|
مُقرّب مَلڪ ڌَڻِئ جو، وُسعت وارو آھ، |
| مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21) |
|
مَنوتِي وارو مُعتبر، اَمِين اُتاهون واھ!، |
| وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22) |
|
۽ ناھِ خَطا عَقل کان، دوست اوهان دِلخواھ، |
| وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23) |
|
۽ اُن کي اُڀ ڪِنار تي، سَچ پَچ سُوٺو شاھ، |
| وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24) |
|
۽ ڳجھ جي ڪِنهن ڳالھ مان، ڪَري نه ڪُجھ ڪوتاھ، |
| وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25) |
|
۽ اُتو نه، سو اِبليس جو، جو ڌِڪيل، کان درگاھ، |
| فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ ڇَڏيو روشن راھ، رُلو ڪيڏانهن روھ ۾؟ |
| إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27) |
|
هِي نَصِحيت نِڌان، ڪارڻ ڪُل جَھان جي، قادر جو قُرآن، |
| لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28) |
|
وٺڻ گُھري جو واٽ سَنئـِين، هي اُنهِئَ لئي اِحسان، |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29) |
|
۽ گُھري، گھرو ڪيترو، ته به ڪو ڏِي وَرِي ڪا نه، مَگر مُوجِب قاعدي، جو رَکيو رَبَّ، رَحمان، جو صاحِب سَڀ جھان، آگو عالَمن جو. |