| إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن سج کي ويڙهيو ويندو |
| وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن تارا ڪري ٽڙي پکڙجي پوندا |
| وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن جبلن کي هلايو ويندو |
| وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن ڏهن مهينن جون ڍڪيون ڏاچيون (ڌنار کان سواءِ) ڇوٽ ڇڏيون وينديون |
| وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5) |
|
۽ جڏهن جهنگلي جانورن کي (ماڻهن سان) گڏ ڪيو ويندو |
| وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6) |
|
۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) درياه (باه وانگر) تپايا ويندا |
| وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7) |
|
۽ جڏهن سڀئي شخص ملايا ويندا |
| وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8) |
|
۽ جڏهن جيئري پوريل نياڻي پڇي ويندي |
| بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9) |
|
ته ڪهڙي گناهه ڪري ماري ويئي هئي؟ |
| وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن (عملن جا) دفتر کوليا ويندا |
| وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن آسمان جي کل لاٿي ويندي |
| وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12) |
|
۽ جڏهن دوزخ جي باهه ڀڙڪائي ويندي |
| وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13) |
|
۽ جڏهن جنت کي ويجهو ڪيو ويندو |
| عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14) |
|
تڏهن سڀڪو شخص انهن (عملن) کي ڄاڻندو جن کي پاڻ سان کڻي آيو هوندو. |
| فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15) |
|
پوءِ قسم کڻان ٿو پٺتي هٽندڙن |
| الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16) |
|
سڌو هلندڙن، لڪندڙ (تارن) جو |
| وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جو (قسم) جڏهن اچي ٿي |
| وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18) |
|
۽ صبح جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19) |
|
ته اهو (قرآن) خوبين واري قاصد (جبريل) جو ڪلام آهي |
| ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20) |
|
جو سگهه وارو عرش جي مالڪ (الله) وٽ مرتبي وارو |
| مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21) |
|
اُتي (آسمانن ۾ ) سندس حڪم مڃيل ۽ امانت وارو آهي |
| وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22) |
|
۽ (اي مڪي وارؤ!) اوهان سان گڏ رهڻ وارو (محمد) ڪو چريو نه آهي |
| وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23) |
|
۽ بيشڪ ان جبريل کي آسمان جي پڌري ڪناري تي ڏٺو آهي |
| وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24) |
|
۽ هو غيب جي خبرن (وحي) ٻڌائڻ ۾ بخل ڪرڻ وارو نه آهي |
| وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25) |
|
۽ نه اهو (قرآن) تڙيل شيطان جو ڪلام آهي |
| فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26) |
|
سو ڪيڏانهن وڃو ٿا؟ |
| إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27) |
|
اهو (قرآن) جهان وارن لاءِ نصيحت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي |
| لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28) |
|
ان لاءِ نصيحت آهي جو اوهان مان سڌو هلن گهري ٿو |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29) |
|
۽ اوهين جهان وارن جي پاليندڙ الله جي گهر کان سواءِ (سڌي هلڻ جو) ارادو ڪري نٿا سگهو |