| إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن سِجُ ويڙهيو ويندو. |
| وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن ستارا ٽڙي پکڙي ويندا. |
| وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن جبل هلايا ويندا. |
| وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن ڏهن مهينن جون حامله ڏاچيون (بي فائده سمجھي) ڇوٽ ڇڏيون وينديون. |
| وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5) |
|
۽ جڏهن جهنگلي جانور گڏ ڪيا ويندا. |
| وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6) |
|
۽ جڏهن سمنڊ ٻڙڪايا ويندا. |
| وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7) |
|
۽ جڏهن جانيون (يعني ماڻهو) جوڙا جوڙا ڪيا ويندا. |
| وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8) |
|
۽ جڏهن جيئري پوريل نياڻي کان پڇا ڪئي ويندي؟ |
| بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9) |
|
ته اُها ڪهڙي گناهه جي سبب قتل ڪئي وئي هئي. |
| وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن اعمال ناما کوليا ويندا. |
| وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن آسمان (پنهنجي جاءِ کان) ڇڪيو ويندو. |
| وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12) |
|
۽ جڏهن جهنم ڀڙڪايو ويندو. |
| وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13) |
|
۽ جڏهن جنت ويجهي ڪئي ويندي. |
| عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14) |
|
تڏهن هر ماڻهو ڄاڻندو ته اهو ڇا کڻي آيو آهي؟ |
| فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15) |
|
پوءِ آءٌ قسم کڻان ٿو پوئتي هٽي وڃڻ وارن (تارن) جو. |
| الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16) |
|
سڌو هلندڙ لڪندڙ تارن جو. |
| وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جو قسم جڏهن وڃڻ لڳي. |
| وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18) |
|
۽ صبح جو قسم جڏهن ساهه کڻڻ لڳي. |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19) |
|
بيشڪ اهو (قرآن) وڏي عزت واري رسول جو (پڙهيل) ڪلام آهي. |
| ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20) |
|
جو سگهارو آهي عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آهي. |
| مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21) |
|
جنهن جي اطاعت ڪئي وڃي ٿي پوءِ امانتدار آهي. |
| وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22) |
|
۽ توهان جو صاحب عقل کان خالي نه آهي. |
| وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23) |
|
۽ بيشڪ پاڻ ان (جلوي) کي آسمان جي روشن ڪناري تي ڏٺائين. |
| وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24) |
|
۽ پاڻ غيب جي ڳالهين ٻڌائڻ تي بخيل به نه آهي. |
| وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25) |
|
۽ اِهو (قرآن) تڙيل شيطان جو ڪلام نه آهي. |
| فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ اوهان ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ |
| إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27) |
|
اِهو (قرآن) جهان وارن لاءِ نصيحت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. |
| لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28) |
|
ان لاءِ (هدايت) آهي جيڪو توهان مان سڌي راهه تي هلڻ چاهي ٿو. |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29) |
|
۽ توهان جي چاهڻ سان ڪجھه نه ٿو ٿئي جيستائين الله چاهي جيڪو جهانن جو پروردگار آهي. |