| إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن (قيامت اچڻ وقت) سج کي ويڙهيو ويندو، (۽ منجهس روشني نه رهندي). |
| وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن تارا هيٺ ڪري ٽڙي پکڙجي پوندا. |
| وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن جبلن کي (هلڪڙي شئ وانگر) هلايو ويندو. |
| وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن ڏهن مهينن جون (ڌنارن کي پياريون) ڍڪيون ڏاچيون (ڌنار کان سواءِ) ڇوٽ ڇڏيون وينديون. |
| وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5) |
|
۽ جڏهن (هڪ ٻئي کان ٽهڻ وارا) جهنگلي جانور (به خوف ۽ گهٻراهٽ ۾) گڏ ڪيا ويندا. |
| وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6) |
|
۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) درياهه (باهه وانگر) تپايا ويندا. |
| وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7) |
|
جڏهن ڀانت ڀانت جا ماڻهو (هڪ جاءِ تي) آندا ويندا. |
| وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8) |
|
۽ جڏهن جيئري پوريل (۽ ناحق ماريل) نياڻي کان پڇيو ويندو، |
| بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9) |
|
ته ڪهڙي گناهه ڪري هوءَ ماري ويئي هئي؟ |
| وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن (ماڻهن جي ڪيل عملن جا) دفتر کوليا ويندا. |
| وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن آسمان جي کل لاٿي ويندي. (جو اهو کل لٿل ٻڪريءَ وانگر ڳاڙهو هوندو.) |
| وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12) |
|
۽ جڏهن دوزخ جي باهه ڀڙڪائي ويندي. |
| وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13) |
|
۽ جڏهن جنت کي ويجهو ڪيو ويندو. (مطلب ته جڏهن هي قيامت جا سڀ منظر سامهون بيهندا.) |
| عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14) |
|
تڏهن سڀڪو شخص انهن (دنيا ۾ ڪيل عملن) کي ڄاڻندو جن کي پاڻ سان کڻي آيو هوندو. |
| فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15) |
|
پوءِ (قيامت جي منظرن جون اهي ڳالهيون ائين چيل ناهن، بلڪ قرآن ۾ چيل آهن، جنهن جي سچائي تي) پٺتي هٽندڙ (تارن جو نظام به) شاهد آهي. |
| الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16) |
|
سڌو هلندڙن (۽ پنهنجي منزل طرف) لڪي هلندڙ (تارن جو نظام به اوهان کي شاهدي ڏيندو). |
| وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جي (شاهدي) جڏهن اها اچي ٿي، |
| وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18) |
|
صبح جي (شاهدي) جڏهن (اهو زندگيءَ جي پيغام کڻي) ظاهر ٿئي ٿو. |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19) |
|
ته اهو (قرآن) خوبين واري قاصد (جبرائيل) ذريعي موڪيل ڪلام آهي. |
| ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20) |
|
جو سگهه وارو، عرش جي مالڪ (الله) وٽ مرتبي وارو آهي. |
| مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21) |
|
اتي (آسمانن ۾ ملائڪن وٽ) سندس حڪم مڃيل ۽ امانت وارو آهي. |
| وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22) |
|
۽ (اي مڪي وارؤ!) اوهان سان گڏ رهڻ وارو (محمدﷺ) ڪو چريو نه آهي. (الله اوهان جي لاءِ به ڪائنات وانگر مستحڪم ۽ ٺوس قانون انهيءَ رسول جي ذريعي رسائي ٿو.) |
| وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23) |
|
۽ (کيس خدا جي پاران وحي رسي ٿو) بيشڪ ان (رسول وحي آڻيندڙ) جبرائيل کي آسمان جي پڌري ڪناري تي ڏٺو آهي. |
| وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24) |
|
۽ هو غيب جي خبرن (وحي کان مليل پيغام) ٻڌائڻ ۾ بخل ڪرڻ وارو نه آهي. (جيئن جو تيئن پهچائي ٿو). |
| وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25) |
|
۽ نه اهو (قرآن اندازي تي مبني يا حقيقت کان پري) تڙيل شيطان جو ڪلام آهي. |
| فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26) |
|
جڏهن حقيقت اها آهي ته پوءِ اوهان ڪيڏانهن ڀٽڪو ٿا؟ |
| إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27) |
|
اهو (قرآن پڪ ڄاڻو ته) جهان وارن لاءِ نصيحت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. |
| لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28) |
|
انلاءِ نصيحت آهي جيڪو اوهان مان (فضيلتپڻي جي واٽ تي) سڌو هلڻ گهري ٿو. |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29) |
|
۽ اوهين جهان وارن جي پاليندڙ الله جي (قانونن آڏو سيس نوائي سندس) گهر کان سواءِ (فضيلتپڻي جي واٽ تي سڌي هلڻ جو) ارادو ڪري نٿا سگهو. |