| إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1) |
|
جنهن وقت سج بي نور ڪيو ويندو |
| وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جنهن وقت تارا ڪري پوندا |
| وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جنهن وقت جبل هَلايا ويندا |
| وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4) |
|
۽ جنهن وقت ڏهن مهينن جون ڍڪيون ڏاچيون کوليون وينديون |
| وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5) |
|
۽ جنهن وقت وحشي جانور گڏ ڪيا ويندا |
| وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6) |
|
۽ جنهن وقت سمنڊ (سڀني سمنڊن کي ملائي) ڀريو ويندو |
| وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7) |
|
۽ جنهن وقت هر قسم جي ماڻهن کي ان قسم جي ماڻهن سان ملايو ويندو |
| وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8) |
|
۽ جنهن وقت زندهه دفن ڪيل ڇوڪريءَ کان پڇيو ويندو |
| بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9) |
|
ته توکي ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو؟ |
| وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10) |
|
۽ جنهن وقت اعمال نامان کوليا ويندا |
| وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11) |
|
۽ جنهن وقت آسمان (پنهنجي جاءِ تان) اکوڙيو ويندو |
| وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12) |
|
۽ جنهن وقت جهنم چڱيءَ طرح ٻاري ويندي |
| وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13) |
|
۽ جنهن وقت جنت (پرهيزگارن لاءِ) ويجھي ڪئي ويندي |
| عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14) |
|
(ان وقت) هر انسان سمجھندو جيڪو ان حاضر ڪيو هوندو (نيڪي يا برائي) |
| فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15) |
|
پوءِ مون کي قسم آهي انهن پنجن سِتارن جو |
| الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16) |
|
جيڪي هلي واپس موٽن ٿا |
| وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17) |
|
۽ قسم آهي ان رات جو جڏهن اها اونداهي آڻي ٿي |
| وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18) |
|
۽ قسم آهي صبح جو جڏهن ان جي روشني پکڙجي ٿي |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19) |
|
بيشڪ اهو (قرآن ڪريم) قابلِ احترام رسول جو پڙهڻ آهي |
| ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20) |
|
جيڪو وڏي قوت وارو (۽) عرشِ عظيم جي مالڪ وٽ قابلِ احترام آهي |
| مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21) |
|
ان جو حڪم تسليم ڪيو وڃي ٿو ان جاءِ تي امين به آهي |
| وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22) |
|
"۽ توهان جو صاحب |
| وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23) |
|
۽ بيشڪ پاڻ ڪريمن ان کي بلند ڪناري تي ڏٺو |
| وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24) |
|
۽ رسولِ عربي غيب بيان ڪرڻ تي بخيلي نٿا ڪن |
| وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25) |
|
۽ قرآن ڪريم تڙيل شيطان جو پڙهڻ ناهي |
| فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ توهان ڪيڏانهن وڃو ٿا؟ |
| إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27) |
|
قرآن ڪريم ته سڀني جهانن لاءِ نصيحت آهي |
| لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28) |
|
توهان مان جيڪو ماڻهو چاهي صحيح راه اختيار ڪري |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29) |
|
۽ توهان نٿا چاهيو مگر جيڪو الله تعالى چاهي، جيڪو سڀني جهانن جو رب آهي |