| إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1) |
|
جڏھن سج ويڙھبو. |
| وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏھن تارا ميرا ٿيندا. |
| وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏھن جبل ھلايا ويندا. |
| وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏھن ڍُڪيون ويامڻ تي ڏاچيون بيڪار ڇڏبيون. |
| وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5) |
|
۽ جڏھن جھنگلي جانور گڏ ڪبا. |
| وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6) |
|
۽ جڏھن درياءَ (باھ وانگر) تپائبا. |
| وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7) |
|
۽ جڏھن جيءَ پاڻ ۾ ملائبا. |
| وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8) |
|
۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته. |
| بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9) |
|
ڪھڙي ڏوھ ڪري ماري وئي. |
| وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏھن اعمالناما کولبا. |
| وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏھن آسمان ڇلبو. |
| وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12) |
|
۽ جڏھن دوزخ ٻاربو. |
| وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13) |
|
۽ جڏھن بھشت ويجھو ڪبو. |
| عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14) |
|
(تڏھن) ھر ھڪ جيءُ جيڪي حاضر آندو سو ڄاڻندو. |
| فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15) |
|
پوئتي ھٽندڙ تارن جو قَسم کڻان ٿو. |
| الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16) |
|
جي (ڪڏھن) سڌا ھلندڙ آھن (ڪڏھن) لڪي ويندڙ آھن. |
| وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17) |
|
۽ قسم آھي رات جو جڏھن پوئتي موٽندي آھي. |
| وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18) |
|
۽ قسم آھي صُبح جو جڏھن روشن ٿئي. |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19) |
|
ته بيشڪ اھو (قرآن) ھڪ موڪليل سڳوري (مَلَڪ) جو پيغام ڏيڻ آھي. |
| ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20) |
|
جو سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آھي. |
| مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21) |
|
جو مڃوتيءَ وارو اُتي (مَلڪوت ۾) امين آھي. |
| وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22) |
|
۽ (ھي) اوھان جو سنگتي (ﷴ ﷺ ڪو) چريو نه آھي. |
| وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23) |
|
۽ بيشڪ (اوھان جي سنگتي) اُن (مَلَڪ) کي آسمان جي پڌري ڪناري تي (چتائي) ڏٺو آھي. |
| وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24) |
|
۽ اُھو (اوھان جو سنگتي) ڳجھ (جي ڳالھ ڏسڻ) تي بخل ڪندڙ نه آھي. |
| وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25) |
|
۽ قرآن تڙيل شيطان جو ڪلام نه آھي. |
| فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ ڪيڏانھن وڃو ٿا؟ |
| إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27) |
|
ھيءُ (قرآن) جھان وارن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي. |
| لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28) |
|
اوھان مان جيڪو سڌو ھلڻ گھري تنھن لاءِ آھي. |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29) |
|
۽ جھانن جي پالڻھار الله جي گھُر کانسواءِ (ٻيو) ڪي اوھين گھري نه سگھندؤ. |