القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ التَّکۡوِیۡرِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 29


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1)

جڏهن سج اونداهو ٿيندو.

وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2)

جڏهن تارا ٽٽي ڪرندا،

وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3)

جڏهن جبل هلائبا،

وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4)

جڏهن ويم تي آيل ڏاچيون نڌڻڪيون ٿينديون،

وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5)

جڏهن جهنگلي جانور گڏ ٿي پوندا،

وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6)

جڏهن درياهه باهه ٿيندا.

وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7)

جڏهن روح جسمن سان گڏبا.

وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8)

جڏهن جيئري پوريل جو پڇاڻو ٿيندو.

بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9)

ته ڪهڙي ڏوهه ۾ ماراڻي؟

وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10)

جڏهن دفتر کُلندا،

وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11)

جڏهن آسمان کُلي پوندو،

وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12)

جڏهن دوزخ ڀڙڪندو،

وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13)

جڏهن بهشت ويجهو ڪبو،

عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14)

تڏهن هر شخص کي خبر پوندي ته ڇا آندو اٿس!

فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15)

پوءِ آءُ شاهد ٿو واريان؛ پوئتي هٽندڙ،

الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16)

سڌا ويندڙ ۽ ڇپندڙ تارا،

وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17)

پوري ٿيندڙ رات،

وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18)

۽ ايندڙ صبح،

إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19)

ته بيشڪ هي سڳوري فرشتي جو چوڻ آهي.

ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20)

جو عرش جي ڌڻيءَ وٽ قوت ۽ وڏي درجي وارو آهي.

مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21)

جو سردار آهي، اُتي جو ايماندار آهي.

وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22)

۽ اوهان جو دوست (محمد ﷺ) هر گز چريو نه آهي.

وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23)

۽ هن انهي کي آسمان جي صاف ڪناري تي ڏٺو آهي.

وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24)

هو غيب (ظاهر ڪرڻ) ۾ بخيل ناهي.

وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25)

۽ نڪي اهو تڙيل شيطان جو ڪلام آهي.

فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26)

پوءِ ڪيڏانهن پيا وڃو؟

إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27)

هيءُ ته فقط جهانن لاءِ نصيحت آهي.

لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28)

خاص ڪري ان لاءِ، جو اوهان مان سنئين رستي تي هلڻ چاهي.

وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29)

۽ اوهين ته اهو ئي چاهي سگهندا، جيڪي جهانن جو پالڻهار الله چاهيندو.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025