| إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن سج بي نور ڪيو ويندو . |
| وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن تارا ڪرندا . |
| وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن جبل سيرڪرايا ويندا . |
| وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن ڏهن مهينن جون ڍُڪيون ڏاچيون بيڪار ڇڏيون وينديون . |
| وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5) |
|
۽ جڏهن وحشي جانور گڏ ڪيا ويندا . |
| وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6) |
|
۽ جڏهن سمنڊ ٻاريا ويندا . |
| وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7) |
|
۽ جڏهن نفس جوڙيا ويندا . |
| وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8) |
|
۽ جڏهن جيئريون پوريلون پڇا ڪيون وينديون . |
| بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9) |
|
ته ڪهڙي گناهه جي ڪري قتل ڪيون ويون . |
| وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن اعمالناما کوليا ويندا . |
| وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن آسمان ڇليا ويندا . |
| وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12) |
|
۽ جڏهن دوزخ سخت ٻاريو ويندو . |
| وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13) |
|
۽ جڏهن جنت ويجهي ڪئي ويندي ته . |
| عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14) |
|
ڄاڻندو هر نفس اهو جيڪو حاضر ڪيو هوندائين . |
| فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15) |
|
پوءِ قسم کڻان ٿو پوئتي هٽندڙ تارن جو . |
| الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16) |
|
سڌو هلندڙن، رڪجندڙن جو . |
| وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جو جڏهن وڃڻ واري ٿئي . |
| وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18) |
|
۽ صبح جو جڏهن اچڻ واري ٿئي ٿي . |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19) |
|
بيشڪ اهو آندل قول رسول عزت واري جو آهي . |
| ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20) |
|
وڏي قوت وارو آهي عرش جي مالڪ وٽ عزت وارو آهي . |
| مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21) |
|
مـڃيل آهي اتي امانت وارو آهي . |
| وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22) |
|
۽ ناهي اوهان جو صاحب مجنون . |
| وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23) |
|
۽ البته تحقيق ڏٺائين ان کي صاف ڪناري تي . |
| وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24) |
|
۽ ناهي اهو غيب تي بخيلي ڪندڙ . |
| وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25) |
|
۽ ناهي اهو قول شيطان تڙيل جو . |
| فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ ڪيڏي وڃو ٿا؟ . |
| إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27) |
|
ناهي اهو مگر نصيحت جهانن جي لاءِ . |
| لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28) |
|
ان لاءِ جنهن گهريو اوهان مان ته سڌي واٽ وٺي . |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29) |
|
۽ نه ٿا گهرو اوهان مگر هي ته گهري الله رب جهانن جو . |