| إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن سج کي ويڙهيو ويندو. |
| وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2) |
|
جڏهن تارا بي نور ٿي ٽڙي پکڙجي ويندا. |
| وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3) |
|
جڏهن جبل (مٽي ڪري) اُڏاريا ويندا. |
| وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4) |
|
جڏهن ڏهن مھينن جون ڍُڪيون (ڏاچيون) آزاد ڇڏيون وينديون. |
| وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5) |
|
جڏهن سڀني جهنگلي جانورن کي (هڪ هنڌ) گڏ ڪيو ويندو. |
| وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6) |
|
جڏهن سمنڊن کي (باهه وانگر) ڀڙڪايو ويندو. |
| وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7) |
|
جڏهن روح جسمن سان ملايا ويندا. |
| وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8) |
|
جڏهن جيئري پوريل نياڻيءَ کان پڇيو ويندو. |
| بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9) |
|
ته هوءَ ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪئي وئي هئي؟ |
| وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10) |
|
جڏهن اعمال ناما کوليا ويندا. |
| وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11) |
|
جڏهن آسمان کي پردا هٽائي چٽو ڪيو ويندو. |
| وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12) |
|
جڏهن دوزخ کي ڀڙڪايو ويندو. |
| وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13) |
|
۽ جڏهن جنت کي ويجهو ڪيو ويندو. |
| عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14) |
|
ته پوءِ ئي هر ماڻهوءَ کي خبر پئجي ويندي ته هُو (پاڻ سان گڏ) ڇا کڻي آيو آهي؟ |
| فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15) |
|
مان پوئتي هٽندڙ تارن جو قسم کڻان ٿو. |
| الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16) |
|
جيڪي سڌو هلندي هلندي لڪي به ويندا آهن. |
| وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17) |
|
قسم آهي رات جو جڏهن وڃڻ لڳي. |
| وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18) |
|
۽ قسم آهي صبح جو جڏهن اچڻ لڳي. |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19) |
|
ته بيشڪ هي (قرآن) وڏي عزت ڀرئي موڪليل (ملائڪ) جو (ٻڌايل) ڪلام آهي. |
| ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20) |
|
جيڪو طاقتور آهي (۽) عرش جي مالڪ وٽ وڏي مرتبي وارو آهي. |
| مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21) |
|
آسمانن ۾ ان جو حڪم مڃيو ويندو آهي ۽ هُو امانت دار آهي. |
| وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22) |
|
(اي مڪي وارؤ!) توهان سان گڏ رهڻ وارو (ﷴ ﷺ) ديوانو نه آهي. |
| وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23) |
|
هِن اُن (ملائڪ) کي آسمان جي ڪناري تي چڱي طرح ڏٺو آهي. |
| وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24) |
|
۽ هو ڳجهه جون (ٻڌايل) ڳالهيون ٻڌائڻ ۾ ڪنجوسي نه ڪندو آهي. |
| وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25) |
|
(هي قرآن هرگز) ڪنھن تڙيل شيطان جو ڪلام نه آهي. |
| فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ توهان ڪيڏانھن وڃو ٿا؟ |
| إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27) |
|
هي (قرآن) ته جھان وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي. |
| لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28) |
|
(نصيحت) انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪو سڌي رستي تي هلڻ چاهي ٿو. |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29) |
|
(پر) توهان جي چاهڻ سان (به) ڪجهه نه ٿيندو جيستائين جھانن جو پالڻھار الله تعالى نه چاهي. |