| إِذَا الشَّمسُ كُوِّرَت (آيت : 1) |
|
جڏهن سج ويڙهيو (بي نور ڪيو) ويندو |
| وَإِذَا النُّجومُ انكَدَرَت (آيت : 2) |
|
۽ جڏهن ستارا وکري ويندا (ٽڪرا ٿي ڪِري پوندا) |
| وَإِذَا الجِبالُ سُيِّرَت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن جَبل هَلايا ويندا |
| وَإِذَا العِشارُ عُطِّلَت (آيت : 4) |
|
۽ جڏهن ڍُڪيون ڏاچيون ( مهينن جون) بنا ڌنار آزاد هونديون |
| وَإِذَا الوُحوشُ حُشِرَت (آيت : 5) |
|
۽ جڏهن جانور (جهنگلي) گڏ ڪيا ويندا ته هڪ ٻئي کان بدلو وٺن |
| وَإِذَا البِحارُ سُجِّرَت (آيت : 6) |
|
۽ جڏهن سمنڊ (باهه وانگر) ٻڙڪايا ويندا |
| وَإِذَا النُّفوسُ زُوِّجَت (آيت : 7) |
|
۽ جڏهن ساهه جسمن سان ملايا ويندا |
| وَإِذَا المَوءۥدَةُ سُئِلَت (آيت : 8) |
|
۽ جڏهن جيئري پوريل ڌيءُ کان پڇيو ويندو |
| بِأَىِّ ذَنبٍ قُتِلَت (آيت : 9) |
|
ته اها ڪهڙي ڏوهه ۾ ماري وئي؟ |
| وَإِذَا الصُّحُفُ نُشِرَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن اعمالناما پکيڙيا ويندا |
| وَإِذَا السَّماءُ كُشِطَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن آسمان جو پردو هٽايو ويندو |
| وَإِذَا الجَحيمُ سُعِّرَت (آيت : 12) |
|
۽ جڏهن دوزخ ٻاريو ويندو |
| وَإِذَا الجَنَّةُ أُزلِفَت (آيت : 13) |
|
۽ جڏهن بهشت کي ويجهو ڪيو ويندو |
| عَلِمَت نَفسٌ ما أَحضَرَت (آيت : 14) |
|
تڏهن ماڻهو کي پتو پوندو ته هن ڇا آندو آهي؟ |
| فَلا أُقسِمُ بِالخُنَّسِ (آيت : 15) |
|
پوءِ نه، آئون قسم کڻان ٿو پوئتي هٽي ويندڙ |
| الجَوارِ الكُنَّسِ (آيت : 16) |
|
لڪي ويندڙ تارن جو |
| وَالَّيلِ إِذا عَسعَسَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جو جڏهن پوئتي هٽي ٿي |
| وَالصُّبحِ إِذا تَنَفَّسَ (آيت : 18) |
|
۽ صبح جو جڏهن ساهه کنيائين |
| إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 19) |
|
بيشڪ هي هڪ قول آهي رسول سڳوري ڀلي جو |
| ذى قُوَّةٍ عِندَ ذِى العَرشِ مَكينٍ (آيت : 20) |
|
آهي وڏي طاقتوارو انهيءَ وٽ جيڪو عرش واري جو مرتبي وارو آهي |
| مُطاعٍ ثَمَّ أَمينٍ (آيت : 21) |
|
اتي هو وڏي اثر وارو امين آهي |
| وَما صاحِبُكُم بِمَجنونٍ (آيت : 22) |
|
۽ (مڪي وارؤ!) توهان جو رفيق (محمد) ڪو ديوانو ناهي |
| وَلَقَد رَءاهُ بِالأُفُقِ المُبينِ (آيت : 23) |
|
۽ هن ڏٺو (پيغام آڻيندڙ کي) آسمان جي روشن افق (ڪنارن) تي پڌرو |
| وَما هُوَ عَلَى الغَيبِ بِضَنينٍ (آيت : 24) |
|
۽ ناهي اهو انهيءَ غيب جي علم کي پهچائڻ ۾ ڪو ڪنجوس |
| وَما هُوَ بِقَولِ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 25) |
|
۽ ناهي هي قول ڪنهن شيطان تڙيل جو |
| فَأَينَ تَذهَبونَ (آيت : 26) |
|
پوءِ ڪيڏانهن پيا وڃو توهان (اي انسانو)؟ |
| إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 27) |
|
هي ته آهي سمجهاڻي ساري جهان جي لاءِ |
| لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَستَقيمَ (آيت : 28) |
|
پوءِ جيڪو چاهي توهان مان اهو سڌي راهه تي هلي |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 29) |
|
۽ نٿا چاهيو توهان پر جيڪي گهري الله، جيڪو پالڻهار آهي جهانن جو |