| عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
|
منهن ۾ گهنڊ وڌائين ۽ منهن ٻئي پاسي ڪيائين |
| أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
|
ان ڪري جو وٽس نابين آيو |
| وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
|
توکي ڪهڙي خبر ته شايد اهو سڌري پوي |
| أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
|
يا ڌيان ڏئي ۽ نصيحت ڪرڻ کيس فائدو ڏئي؟ |
| أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
|
جيڪو شخص لاپرواهي ڏيکاري ٿو |
| فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
|
ان لاءِ ته تون ان جو خيال ٿو ڪرين |
| وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
|
حالانڪه جي هو نه سڌري ته توتي ان جي ڪهڙي ذميواري آهي؟ |
| وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
|
۽ جيڪو پاڻمرادو تو وٽ ڊوڙندو پيو اچي |
| وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
|
۽ پيو ٿو ڊڄندو رهي |
| فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
|
تنهن کان ٿو تون ڌيان ڦيرائين |
| كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
|
ڪڏهن به نه، اها ته هڪڙي نصيحت آهي |
| فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
|
جنهن جي دل گهري ان کي قبول ڪري |
| فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
|
اها اهڙن ورقن ۾ لکيل آهي، جيڪي سڳورا آهن |
| مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
|
بلند مرتبي وارا آهن ۽ پاڪ آهن |
| بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
|
ڪاتبن جي هٿن ۾ هوندا آهن |
| كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
|
مانائتن ۽ نيڪ |
| قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
|
مار پوي انسان تي، ڪهڙو نه حق جو انڪاري آهي |
| مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
|
ڪهڙي شيءِ مان الله پيدا ڪيو اٿس؟ |
| مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
|
هڪڙي ٽيپي مان. الله ان کي پيدا ڪيو، پوءِ سندس تقدير جوڙيائين |
| ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
|
پوءِ ان لاءِ زندگيءَ جي واٽ آسان ڪيائين |
| ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
|
پوءِ وري موت ڏنائينس ۽ قبر ۾ پهچايائينس |
| ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
|
۽ پوءِ جڏهن گهري ته اٿاري کڙو ڪري ڇڏيس |
| كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
|
ڪڏهن به نه، هن ته اهو فرض ادا نه ڪيو، جنهن جو الله کيس حڪم ڏنو هو |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
|
پوءِ انسان ڪجهه پنهنجي کاڌي ڏي نظر ڪري |
| أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
|
اسان خوب پاڻي وهايو |
| ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
|
پـوءِ وري زمـيـن جـي عجب نموني چير ڦاڙ ڪئي سون |
| فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
|
۽ منجهس اناج اُپاياسون |
| وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
|
۽ انگور ۽ سايون ڀاڄيون |
| وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
|
۽ زيتون ۽ کجيون |
| وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
|
۽ گهاٽا باغ |
| وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
|
۽ قسمين قسمين ميوا ۽ گاهه |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
|
زندگي گذارڻ جو سامان ڪري توهان جي لاءِ به ۽ توهان جي چوپائي مال لاءِ به |
| فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
|
نيٺ جڏهن اهو ڪــَـنَ ٻوڙا ڪندڙ ڪڙڪو ٿيندو |
| يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
|
ان ڏينهن ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کان به پري ڀڄندو |
| وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
|
۽ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ کان |
| وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
|
۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان |
| لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
|
انهن مان هر شخص تي انهيءَ ڏينهن اهڙو وقت اچي پوندو جو ان کي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن جو به هوش نه هوندو |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
|
ڪي منهن ان ڏينهن چمڪندڙ هوندا |
| ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
|
ٻهڪندا هوندا خوشيءَ ۾ پيا ٽـڙندا هوندا |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
|
۽ ڪــِـن منهن تي وري ان ڏينهن پئي ڌوڙ وسندي |
| تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
|
۽ ڪارنهن مليل هوندي |
| أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
|
اهي ڪافر ۽ بدڪار ماڻهو هوندا |