عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
ان (رڳو)ايتري ڳالھ تي منهن ۾ گهنڊ وڌو ۽ منهن موڙيائين. |
أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
ان ڪري جو وٽس انڌو آيو. |
وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
۽ تو کي ڪهڙي خبر جو هو سيکارڻ سان پاڪيزگي حاصل ڪري ها. |
أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
يا اهو نصيحت ٻڌي ها ته کيس اها نصيحت فائدو ڪري ها. |
أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
پر جو بي پرواهي ڪري ٿو. |
فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
ته تون ان جو خيال ڪرين ٿو. |
وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
(۽ پر) جيڪڏهن اهو نه سڌري ته تون ذميوار نه آهين. |
وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
۽ جو تو وٽ ڊوڙندو اچي ٿو، |
وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
۽ هو خدا کان ڊڄي ٿو، |
فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
ته تون ان کان بي رخي ڪرين ٿو. |
كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
خبردار! هي (قرآن جون آيتون ته سراسر نصيحت آهن. |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
پوءِ جيڪو گهري سو ان کي ياد رکي. |
فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
(لوح محفوظ جي) تمام احترام وارن ورقن ۾ (لکيل) آهي. |
مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
جي بلند شان وارو (غلطين کان) پاڪ آهن. |
بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
اهڙن لکڻ وارن جي هٿن ۾ آهن، |
كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
جي بزرگ خوبين وارا آهن. |
قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
آدمي تي مار پوي اهو ڪهڙو نه ناشڪرو آهي. |
مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
(خدا) کيس ڪهڙي شيءَ مان پيدا ڪيو؟ |
مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
نطفي مان کيس پيدا ڪيو اٿس پوءِ سندس اندزو مقرر ڪيائين. |
ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
وري سندس راھ آسان ڪيائين، |
ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
وري ان کي موت ڏنو اٿس پوءِ قبر ۾ دفن ٿيڻ وارو ڪيو اٿس. |
ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
وري جڏهن (خدا) گهرندو ان کي ٻيهر جياريندو. |
كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
در اصل خدا جو کيس حڪم ڏنو تنهن کي هن پورو نه ڪيو. |
فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
پوءِ آدمي کي پنهنجي کاڌي ڏي نظر ڪرڻ گهرجي. |
أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
ته اسان ئي (ڪڪرن مان) پاڻي وسايو. |
ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
وري اسان زمين کي چيريو ۽ ان مان ڦوٽهڙو ڪيو. |
فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
وري اسان ان ۾ اناج پيدا ڪيو. |
وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
۽ ڊاک ۽ ڀاڄيون، |
وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
۽ زيتون ۽ کجور |
وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
۽ گهاٽا گهاٽا باغ ۽ ميوا، |
وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
۽ ميوو ۽ چارو، |
مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
اوهان ۽ اوهان جي وهٽن جي فائدي لاءِ، |
فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
پوءِ جڏهن ڪنن جا پردا ڦاڙڻ واري دانهن ٿيندي. |
يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
ان ڏينهن سڀ ڪو ماڻهو ڀڄندو پنهنجي ڀاءُ کان، |
وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
۽ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ، |
وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان. |
لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
ان ڏينهن، ان مان سڀ ڪنهن ماڻهو جو اهڙو حال هوندو جو ان جي (رڌل هجڻ) لاءِ بس هوندو، |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
ڪيترا منهن ته ان ڏينهن چمڪندڙ، |
ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
(۽) کلندڙ خوش هوندا. |
وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
۽ ڪي منهن اهڙا هوندا جن تي ان ڏينهن ڌوڙ (پئي وسندي) هوندي. |
تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
جن تي ڪارنهن ڇانيل هوندي. |
أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
اهي ئي ڪافر بدڪار آهن. |