عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
مُرسل مُنهن کَٽو ڪيو، ۽ پُٺ وَرائـِين پاڻ، |
أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
هِن تان ته اُن وَٽ آئيو، ڪو اَنڌو اَکِيَن ساڻ، |
وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
۽ توکي ڪَل ڪِهڙِي؟ ته مَڃي اِهوئـِي آڻ، |
أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
يا ساڱائـِيندو، سو صَحِي، جي سَمجھائبو سُڄاڻ، |
أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
پَر جو بي پَرواه ٿيو، |
فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
پوءِ تون ڪوشش ڪَرين تِنهن ڪاڻ، |
وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
۽ هوڏانهن حَرف نه توتي، جي حَقَّ نه مَڃِيندو هاڻ، |
وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
پر اَچي اوهان وَٽ ڊوڙندو، جو ڪارڻ رُوح، رِهاڻ، |
وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
۽ ڊڄي ڊاء ڌڻِئَ جي، اِي اُنهِئَ جا اُهڃاڻ، |
فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
اُنهِئَ کان اڳواڻ!، تون مُرڳوئـِي مُنهن موڙِين. |
كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
خَبردار خَبِـير!، هي آھِ سبق ساڃاءِ جو، |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
پوءِ وَڻي، سو تِنهن واعظ کي، سانڍي منجھ سَرِير، |
فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
صَحِي صَحِيفن ۾، |
مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
جي پاڪ اُتم اِڪسير، |
بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
هَٿ ۾ اِهڙن ايلچن، جي سڳورا سَفِير، |
كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
نِرمل، نيڪ نَذِير، اُچا اَخلاقن ۾. |
قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
مار پوي ماڻهؤَ کي!، ڦيريَسِ ڪِهڙي اَنڌ؟ |
مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
جنهنکي جوڙيئـِين ڇا مَنجھان؟ جوڙيئـِين مَنجها مَند، |
مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
پوءِ تڪي توري تِنهن کي، پُرزا ڪيئـِين پَيوند، |
ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
پوءِ آسان ڪَئـِين اُن تي، راماڻي جا، رَند، |
ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
موٽي مارئين ان کي، ڪيائين بُٺِئَ ۾ بند، |
ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
پوءِ اٿارئين ان کي، جڏهن گھريو خداوند، |
كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
سَمجھ حقِيقت حال جِي، ڪَرهِيون پَنهنجو هَنڌ، پاري سا نه پَنڌ، جيڪا ڏيسِ، ڏيھ ڌَڻِي. |
فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
پوءِ آهي حَقَّ اِنسان تي، قائـِم بَرقرار، ته ڪري سَندسِ قُوت ڏي، نائي نيڻ نِهار، |
أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
ته اَسان آب اُڀ کان، نايو نارو نار، |
ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
وَرِي ڦوڙي سُون ڦوڙڻ کي، ڌرتي ڌارو ڌار، |
فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
پوءِ اُڀاڙياسون، اُن سان، اَنڇر اَن اَنبار، |
وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
ڪِشمِش، قِسم ڪيترا، ۽ ڀاڄيون بـيشمار، |
وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
۽ زيتون ۽ کَجيون خُوب طرح، |
وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
۽ گھاٽا گُل گُلزار، |
وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
۽ ميوا موڪ مُلڪ ۾، ۽ وَڻ ٽِڻ، وِي وَلهار، |
مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
نَفعا سَڀ نِروار، اوهان ۽ اوهان جي مال لئي. |
فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
پوءِ جڏهن آئـِي ڪَڙڪيدار، ڪَڙڪو ڪيائـِين ڪُل تي، |
يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
تِنهن ڏِينهن ڀاءُ. ڀاءکان، ڀَڄِي ٿئي بيزار، |
وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
پڻ پنهنجي ماء، پيء ڪنان، |
وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
پڻ ٻَـيَر سَندسِ ، يا ٻار، |
لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
تڏهن هُوندو گِرفتار، هَرڪو پَنهنجي حال ۾. |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
۽ ڪي مُنهن تِنهن مَهل ۾، چمڪن چَنڊ چوڌار، |
ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
کِل مُکه، کِيرن لَهڻان، کِڙيا کَٽڻهار، |
وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
۽ ڪي مُنهن تِنهن ڏِينهن، ميرڙا، مَٿِن گِرد عُبار، |
تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
چوڌارِي چِڻگن جِي، مَٿنِ وارو وار، |
أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
ڪافِر، بَدڪِردار، اُهي آهِن اِهڙي حال ۾. |