| عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
|
(محمد) منهن ۾ گهنڊ وڌو ۽ منهن موڙيائين |
| أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
|
ان ڪري جو وٽس انڌو آيو |
| وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
|
۽ توکي (اي محمدﷺ) ڪهڙي خبر ته شايد هو پاڪ ٿئي |
| أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
|
يا ڌيان ڪري ته ان کي اها نصيحت فائدو ڏي. |
| أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
|
پر جو بي پرواهي ڪري ٿو ته |
| فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
|
تون ان جو خيال ڪرين ٿو |
| وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
|
هوڏانهن ان جي پاڪ ٿيڻ جو توتي ڪو الزام نه آهي |
| وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
|
۽ جو تو وٽ ڊوڙندو اچي ٿو |
| وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
|
۽ هو ڊڄي ٿو ته |
| فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
|
تون ان کان بي خيالو ٿئين ٿو |
| كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
|
خبردار اهو (قرآن) هڪ نصيحت آهي |
| فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
|
پوءِ جيڪو گهري سو ان کي ياد رکي |
| فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
|
اهو اهڙن ورقن ۾ آهي جي عزت ڏنل |
| مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
|
بلند شان وارا (غلطين کان) پاڪ آهن |
| بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
|
اهڙن لکڻ وارن جي هٿن ۾ آهن |
| كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
|
جي خوبين وارا (الله جا) تابعدار آهن |
| قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
|
انسان تي مار پوي ڪهڙو نه هو بي شڪر آهي |
| مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
|
ڪهڙي شيءِ مان ان کان پيدا ڪيو اٿس؟ |
| مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
|
منيءَ مان ان کي پيدا ڪيو اٿس پوءِ ان جو اندازو مقرر ڪيو اٿس. |
| ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
|
وري رستي تي اچڻ ان لاءِ آسان ڪيو اٿس |
| ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
|
وري ان کي ماريو اٿس پوءِ قبر ۾ پورجڻ وارو ڪيو اٿس |
| ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
|
وري جڏهن گهرندو ان کي ٻيهر جياريندو |
| كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
|
خبردار! اڃان ته ان اهو ڪم پورو نه ڪيو آهي جنهن جو ان کي حڪم ڪيو اٿس |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
|
پوءِ سڀڪو انسان پنهنجي کاڌي ڏي ڏسي |
| أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
|
ته اسان ئي پاڻيءَ کي (ڪڪرن مان) وهايو آهي |
| ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
|
وري اسان زمين کي چيريو آهي |
| فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
|
پوءِ ان ۾ اَنُ |
| وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
|
۽ ڊاک۽ لوسڻ |
| وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
|
۽ زيتون ۽ کجور |
| وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
|
۽ گهاٽا باغ |
| وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
|
۽ ميوا ۽ انب ڄمايو آهي |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
|
اوهان ۽ اوهان جي وهٽن جي فائدي لاءِ |
| فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
|
پوءِ جڏهن ڪنن کي ٻوڙي ڪرڻ واري دانهن ٿيندي |
| يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
|
جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ |
| وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
|
۽ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ |
| وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
|
۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان ڀڄندو |
| لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
|
انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ ڏينهن اهڙو حال هوندو جو ان لاءِ بس آهي |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
|
ڪي منهن ان ڏينهن روشن |
| ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
|
کلندڙ خوش هوندا |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
|
۽ ڪي منهن (اهڙا هوندا) جن تي اُن ڏينهن ڌوڙ هوندي |
| تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
|
جن کي ڪارهن ويڙهي ويندي |
| أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
|
اُهي ئي ڪافر بدڪار آهن |