| عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
|
بي رُخي ڪيائين ۽ منهن ڦيريائين. |
| أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
|
(ان ڪري) جو ان وٽ هڪ نابين آيو. |
| وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
|
۽ توکي ڇا خبر شايد اهو (وڌيڪ) پاڪ ٿي وڃي ها. |
| أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
|
يا نصيحت ٻڌي ها پوءِ ان کي نصيحت فائدو ڏئي ها. |
| أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
|
پر جيڪو (حق کان) بي پرواهه ٿيو. |
| فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
|
پوءِ ان ڏانهن تون پورو توجهه ڪرين ٿو. |
| وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
|
حالانڪه ان جي پاڪ نه ٿيڻ جي تو تي ڪا ذميداري ناهي. |
| وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
|
۽ پر جو ماڻهو تو وٽ ڊوڙندو اچي ٿو. |
| وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
|
۽ اُهو ڊڄي ٿو. |
| فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
|
ته تون ان کان بي توجهي ڪرين ٿو. |
| كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
|
خبردار! هي (قرآن) هڪ نصيحت آهي. |
| فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
|
پوءِ جيڪو چاهي سو ان کي ياد رکي. |
| فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
|
عزت وارن ورقن ۾ (لکيل) آهي. |
| مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
|
جي بلند مرتبه پاڪيزه آهن. |
| بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
|
اهڙن لکڻ وارن جي هٿن (سان لکيل) آهن. |
| كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
|
جي وڏي عزت وارا نيڪوڪار آهن. |
| قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
|
ماريو ويو انسان ڪيڏو ته ناشڪرو آهي. |
| مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
|
(الله) ان کي ڪهڙي شيءِ مان پيدا ڪيو؟ |
| مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
|
نطفي (منيءَ) مان ان کي پيدا ڪيائين پوءِ ان کي هڪ خاص اندازي سان بنايائين. |
| ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
|
پوءِ ان لاءِ رستو آسان ڪيائين. |
| ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
|
پوءِ ان کي موت ڏنائين پوءِ ان کي قبر ۾ جاءِ ڏنائين. |
| ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
|
پوءِ جڏهن چاهيندو ان کي (ٻيهر) جياريندو. |
| كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
|
خبردار! ان اڃا تائين الله جي حڪم جي بجا آوري نه ڪئي آهي. |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
|
پوءِ انسان کي کپي پنهنجي کاڌي کي ڏسي. |
| أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
|
بيشڪ اسان ئي (ڪڪرن مان) پاڻيءَ کي پَلٽِيو آهي. |
| ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
|
پوءِ اسان زمين کي چڱي طرح چيريو آهي. |
| فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
|
پوءِ اسان ان ۾ اناج ڄمايو. |
| وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
|
۽ انگور ۽ ڀاڄيون. |
| وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
|
۽ زيتون ۽ کجور. |
| وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
|
۽ گهاٽا گهاٽا باغ. |
| وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
|
۽ ميوا ۽ گاهه. |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
|
توهان جي لاءِ ۽ توهان جي جانور جي فائدي لاءِ. |
| فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
|
پوءِ جڏهن ڪَنن کي ٻوڙو ڪرڻ واري (قيامت جي رڙ) ايندي. |
| يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
|
ان ڏينهن ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کان ڀڄندو. |
| وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
|
۽ پنهنجي ماءُ کان ۽ پنهنجي پيءُ کان. |
| وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
|
۽ پنهنجي زال کان ۽ پنهنجي اولاد کان. |
| لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
|
ان ڏينهن انهن مان سڀني ماڻهن جي اهڙي حالت هوندي جا ان کي (ٻين کان) بي پرواهه ڪري ڇڏيندي. |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
|
ان ڏينهن ڪي چهرا روشن هوندا. |
| ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
|
کِلندڙ ۽ خوش وخورم هوندا. |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
|
۽ ان ڏينهن ڪي چهرا اهڙا هوندا جن تي ڌوڙ پيل هوندي. |
| تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
|
انهن تي ڪارَنهن چڙهيل هوندي. |
| أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
|
اُهي اِهي ئي ڪافر بدڪار ماڻهو هوندا. |