| عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
|
(محمدﷺ) بي رخي ڏيکاري ۽ منهن موڙيائين. |
| أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
|
ان ڪري جو وٽس هڪ نابينو (صحابي) آيو. |
| وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
|
۽ توکي (اي محمدﷺ) ڪهڙي خبر ته شايد هو (تنهنجي تعليم سان) چڱيءَ طرح نيڪوڪار ٿي وڃي. |
| أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
|
يا (تنهنجي نصيحت تي آهستي آهستي) ڌيان ڪري ته ان کي اها نصيحت فائدو ڏئي. |
| أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
|
پر (ان جي برعڪس) جيڪو (هدايت جي پاسي کان) بي پرواهي ڪري ٿو. |
| فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
|
ته تون ان (جي هدايت) جو خيال ڪرين ٿو. |
| وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
|
هوڏانهن ان جي نيڪوڪار نه ٿيڻ جي توتي ڪاميار نه آهي. |
| وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
|
۽ (ميار انهيءَ ڳالهه تي آهي ته هڪ شخص) تو وٽ (دين جي شوق ۾) ڊوڙندو اچي ٿو. |
| وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
|
۽ هو خدا کان ڊڄي ٿو. |
| فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
|
پوءِ تون ان کان بي خيالو ٿئين ٿو. (سو توکي ائين نه ڪرڻ گهرجي). |
| كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
|
خبردار! بيشڪ اهو (قرآن) هڪ نصيحت آهي. |
| فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
|
پوءِ جيڪو گهري سو انکي ياد (۽ ڌيان ۾) رکي (۽ جنهن کي اها نصيحت حاصل ڪرڻ جي نيت ناهي ته ڊگهو رستو وٺي.) |
| فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
|
اهو (لڪل ناهي بلڪ) اهڙن ورقن ۾ آهي جي عزت ڏنل آهن. |
| مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
|
بلند شان وارا (غلطين کان) پاڪ آهن. |
| بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
|
اهڙن لکڻ وارن جي هٿ ۾ آهن. |
| كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
|
جيڪي خوبين وارا (الله جا) تابعدار آهن. |
| قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
|
(جيڪو اهڙي بلند ۽ پاڪ فڪر اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪري، اهڙي) انسان تي مار پوي جو هو ڪهڙو نه بي شڪر آهي. |
| مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
|
(اهو بي شڪر انسان هي به نٿو سوچي ته) ڪهڙي شئ مان ان کي پيدا ڪيو اٿس؟ |
| مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
|
پاڻي جي نطفي مان ان کي پيدا ڪيو اٿس. پوءِ ان جو (هڪ نرالو جسماني) اندازو مقرر ڪيو اٿس. |
| ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
|
وري (ان کي اکيون، ڪن ۽ عقل وغيره ڏئي ڪاميابي واري) شاهراه تي هلڻ ان لاءِ آسان ڪيو اٿس. |
| ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
|
وري ان کي ماريو اٿس، پوءِ قبر ۾ پورجڻ وارو ڪيو اٿس. |
| ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
|
وري جڏهن گهرندو ان کي (قيامت ڏينهن) ٻيهر جيئاريندو. |
| كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
|
خبردار! اڃان ته، ان (انسان) اهو ڪم پورو نه ڪيو آهي، جنهن جو ان کي حڪم ڪيو اٿس. (پوءِ ان کان وڌيڪ ناشڪري ڇا چئبي؟) |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
|
پوءِ سڀڪو انسان (رڳو) پنهنجي کاڌي ڏي ڏسي. (ته ڪيتريون شيون اسان کيس بنا معاوضي عطا ڪيون آهن.) |
| أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
|
اسان ئي پاڻيءَ کي (ڪڪرن مان ڌرتيءَ تي ۽ درياهن ۽ چشمن ۾) وهايو آهي. |
| ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
|
وري اسان زمين کي (ٻج اڀارڻ لاءِ) چيريو آهي. |
| فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
|
پوءِ ان ۾ اَنُ، |
| وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
|
۽ ڊاک ۽ لوسڻ، |
| وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
|
۽ زيتون ۽ کارڪون، |
| وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
|
گهاٽا باغ ميوا، |
| وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
|
۽ انب ڄمايا آهن (مطلب ته طرحين طرحين ميوا ۽ گاهه حاصل ڪريو ٿا). |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
|
اوهان جي پنهنجي ۽ اوهان جي وهٽن جي فائدي لاءِ. (پوءِ به جيڪڏهن ماڻهو ناشڪريءَ جي واٽ وٺي ته ان لاءِ هلاڪت آهي.) |
| فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
|
پوءِ جڏهن (حساب واري ڏينهن) ڪنن کي ٻوڙي ڪرڻ واري هيبتناڪ دانهن ٿيندي. |
| يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
|
جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ |
| وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
|
۽ پنهنجي ماءُ پنهنجي پيءُ |
| وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
|
۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان ڀڄندو. |
| لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
|
انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ ڏينهن اهڙو حال هوندو جو پاڻ ۾ پورو هوندو (۽ ٻئي ڏانهن متوجه نه ٿي سگهندو). |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
|
ڪيترا منهن ان ڏينهن (ايمان جي ڪري) روشن |
| ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
|
کلندڙ خوش هوندا. |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
|
۽ ڪي منهن (اهڙا هوندا) جن تي (نافرمانين جي ڪري) ان ڏينهن ڌوڙ هوندي. |
| تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
|
جن کي (ظلمت جي) ڪارهن ويڙهي ويندي. |
| أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
|
اهي ئي ڪافر بدڪار آهن (جن زندگيءَ ۾ فرمانبرداريءَ جي واٽ بجاءِ سرڪشي جو رستو اختيار ڪيو.) |