| عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
|
منھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين |
| أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
|
ھن ڪري جو وٽس نابين آيو |
| وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
|
۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا |
| أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
|
يا نصيحت ٻڌي ھا، پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا |
| أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
|
پر اهو ماڻهو جيڪو بي پرواهه ٿيو |
| فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
|
پوءِ توهان (ايمان آڻڻ خاطر) ان جي لاءِ ڪوشش ڪريو ٿا |
| وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
|
۽ اهو ڇو نٿو پاڪ ٿئي اهو توهان جو ذمون ناهي |
| وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
|
۽ پر اهو ماڻهو جيڪو توهان وٽ اچي ڪوشش ڪري ٿو |
| وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
|
۽ اهو الله کان ڊڄي ٿو |
| فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
|
پوءِ توهان ٻين ڏانهن مشغول ٿيو ٿا |
| كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
|
خبردار ! بيشڪ اها نصيحت آهي |
| فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
|
پوءِ جيڪو چاهي اهو نصيحت حاصل ڪري |
| فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
|
(اها نصيحت) انهن قابلِ احترام صحيفن (آسماني ڪتابن) ۾ آهي |
| مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
|
جيڪي الله وٽ وڏي شان وارا پاڪ آهن |
| بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
|
(اهڙن ملائڪن يا صالحن) جي هٿان لکيل آهن |
| كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
|
جيڪي مڪرم (۽) نيڪوڪار آهن |
| قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
|
انسان قتل ڪيو وڃي (جو الله جي نعمتن جي باوجود) ڪهڙو نه ناشڪر آهي |
| مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
|
اهو ڪهڙي شيءِ مان پيدا ٿيو؟ |
| مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
|
هڪ نطفي مان ان کي پيدا ڪيو، پوءِ ان کي مختلف مرحلن مان ڪڍيو |
| ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
|
ان کان پوءِ ان لاءِ رستو آسان ڪيو |
| ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
|
ان کان پوءِ ان کي موت ڏنائين ان کان پوءِ قبر ۾ رکرايو |
| ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
|
ان کان پوءِ جڏهن پاڻ چاهي ان کي اُٿاري |
| كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
|
خبردار ! اهڙو ڪوبه ناهي جو سندس امر پورو نه ڪري |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
|
پوءِ انسان پنهنجي طعام ڏانهن (غور ڪري) ڏسي |
| أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
|
بيشڪ اسان چڱي طرح (ڪڪر) مِينهن پلٽايو |
| ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
|
ان کان پوءِ اسان (نباتات سان) زمين کي چڱي طرح چيريو |
| فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
|
پوءِ ان مان اناج پيدا ڪيو |
| وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
|
۽ انگور ۽ سائي ڀاڄي |
| وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
|
۽ زيتون ۽ کجور |
| وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
|
۽ گھاٽا باغ |
| وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
|
۽ ميوا ۽ گاهه پيدا ڪيا |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
|
(اهي) توهان جي فائدي لاءِ ۽ توهان جي چؤپاين جي فائدي لاءِ پيدا ڪيا |
| فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
|
پوءِ جڏهن اها سخت دانهن ايندي |
| يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
|
اُنھيءَ ڏينھن ماڻھو پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو |
| وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
|
۽ (پڻ) پنھنجيءَ ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان |
| وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
|
۽ پنھنجيءَ گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو |
| لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
|
ان ڏينهن هر انسان کي فقط پنهنجو انتطار هوندو |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
|
ان ڏينهن ڪيترائي چهرا روشن هوندا |
| ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
|
کلندڙ هوندا ۽ بيحد خوش هوندا |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
|
۽ ان ڏينهن ڪيترائي چهرا خاڪ آلود هوندا |
| تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
|
انهن تي ڪاراڻ چڙهيل هوندي |
| أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
|
اهي ئي ڪافر (۽) فاجر (گنهگار) هوندا |