عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين. |
أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
ھن ڪري جو وٽس نابين آيو. |
وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا. |
أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا. |
أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
پر جنھن بي پرواھي ڪئي. |
فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين. |
وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي. |
وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو. |
وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو. |
فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو. |
كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي. |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي. |
فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
(بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن. |
مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن. |
بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
لکندڙن جي ھٿن ۾. |
كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
جي سڳورا ڀلارا آھن. |
قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي. |
مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
(ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس. |
مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس. |
ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس. |
ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس. |
ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو. |
كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين. |
فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي. |
أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو. |
ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
وري زمين کي پوري طرح چيريوسون. |
فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون. |
وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون. |
وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
۽ زيتون ۽ کجيون. |
وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
۽ گھاٽا باغ. |
وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
۽ ميوو ۽ گاھ (به). |
مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ. |
فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي. |
يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو. |
وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان. |
وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو. |
لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي. |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا. |
ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا. |
وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي. |
تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي. |
أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن. |