| عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
|
(نبيءَ) گُهنڊ وڌو ۽ منهن ڦيرايو، |
| أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
|
هن ڪري، جو وٽس انڌو آيو. |
| وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر، جو هو شايد پاڪ ٿئي ها. |
| أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
|
يا نصيحت وٺي، جا نصيحت کيس فائدو ڏئي؟ |
| أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
|
مگر جيڪو بي پرواهه آهي. |
| فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
|
ان ڏي ته تون ڌيان ڏين ٿو. |
| وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
|
۽ توتي ڪا به ميار ناهي، جيڪڏهن هو نه سڌري. |
| وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
|
پر جيڪو شخص تو ڏانهن ڊوڙندو ٿو اچي. |
| وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
|
۽ هو الله جو ڊپ ٿو رکي. |
| فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
|
ته تون وري ان کان بي رخو ٿو ٿين؟ |
| كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
|
ياد رک! هي ته رڳو نصيحت آهي. |
| فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
|
پوءِ جنهن کي وڻي، سو منجهانئس نصيحت وٺي. |
| فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
|
اهو سڳورن، ورقن ۾ آهي. |
| مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
|
مٿانهين درجي وارن پاڪ |
| بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
|
لکندڙن جي هٿ ۾ آهي. |
| كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
|
نهايت سڳورن، نيڪ |
| قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
|
اُهو انسان شل ناس ٿئي، جو ڪهڙو نه بي شڪر آهي! |
| مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
|
هو ڪهڙيءَ چيز مان خلقيو ويو آهي؟ |
| مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
|
هڪ قطري مان! کيس خلقيائين،پوءِ سندس اندازو بنايائين. |
| ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
|
پوءِ هن لاءِ رستي کي سولو ڪيائين. |
| ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
|
پوءِ کيس موت ڏيئي قبر داخل ڪيائين. |
| ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
|
وري جڏهن وڻندس تڏهن کيس اٿاريندو. |
| كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
|
پوءِ به هو کيس جيڪو حڪم ٿو ڏئي، سو پورو نٿو ڪري! |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
|
پوءِ انسان کي پنهنجي کاڌي ڏانهن نظر ڪرڻ کپي. |
| أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
|
(ته ڪيئن) اسان پاڻي وسايو. |
| ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
|
پوءِ اسان زمين کي پوريءَ طرح چيريو. |
| فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
|
پوءِ اُن مان پيدا ڪياسون اَنُ، |
| وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
|
انگور، ۽ ڀاڄي. |
| وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
|
زيتون، ۽ کجيون، |
| وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
|
۽ گهاٽا باغ. |
| وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
|
۽ ميوو ۽ چارو. |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
|
جي اوهان خواهه اوهان جي ڍورن لاءِ فائدي مند آهن. |
| فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
|
پوءِ جڏهن شور مچائيندڙ (قيامت) ايندي، |
| يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
|
ان ڏينهن ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کان ڀڄي پري ٿيندو. |
| وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
|
۽ ماءُ ۽ پيءُ، |
| وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
|
زال ۽ پٽن کان. |
| لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
|
ان ڏينهن منجهانئن هر شخص کي اهڙو فڪر هوندو، جو ٻين ڏي ڌيان نه ڏيئي سگهندو. |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
|
ان ڏينهن ڪي منهن ٻهڪندڙ، |
| ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
|
کلندڙ ۽ خوشي ڪندڙ هوندا_ |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
|
۽ ڪي منهن ان ڏينهن اهڙا هوندا، جن تي لٽ هوندي. |
| تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
|
۽ ڪارنهن چڙهيل. |
| أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
|
اهي شخص بدڪار ڪافر هوندا_ |