| عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
|
منهن مبارڪ ۾ گهنڊ وڌائين ۽ منهن موڙيائين . |
| أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
|
هن جي ڪري جو آيو ان وٽ نابينا . |
| وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
|
۽ ڪنهن سمجهايو توکي ته شايد اهو صاف ٿئي . |
| أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
|
يا نصيحت وٺي پوءِ نفعو ڏئي ان کي نصيحت . |
| أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
|
پر جنهن بي پرواهي ڏيکاري . |
| فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
|
پوءِ تون ان لاءِ متوجہ رهين ٿو . |
| وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
|
۽ ناهي تو تي (ڪو ذمو) هي جو نه ٿوصاف ٿئي . |
| وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
|
۽ پر جيڪو آيو تو وٽ ڊوڙندي . |
| وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
|
۽ اهو ڊڄي پيو . |
| فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
|
پوءِ تون ان کان بي خيال رهين ٿو . |
| كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
|
هرگز نه بيشڪ اها نصيحت آهي . |
| فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
|
پوءِ جيڪو گهري ته ان کي ياد ڪري . |
| فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
|
عزت وارن صحيفن ۾ . |
| مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
|
بلند پاڪ . |
| بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
|
لکندڙن، عزت وارن . |
| كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
|
نيڪو ڪارن جي هٿن سان . |
| قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
|
هلاڪ ڪيو ويو انسان ڪهڙو نه بي شڪر آهي . |
| مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
|
ڪهڙي شيءِ مان ان کي پيدا فرمايائين؟ . |
| مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
|
مني جي ڦڙي مان ان کي پيدا ڪيائين پوءِ ان کي اندازي سان رکيائين . |
| ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
|
ان کان پوءِ ان جي لاءِ رستو آسان ڪيائين . |
| ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
|
ان کان پوءِ ان کي ماريائين پوءِ ان کي قبر ۾ آندائين . |
| ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
|
ان کان پوءِ جڏهن گهرندو ته ان کي ٻاهر ڪڍندو . |
| كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
|
هرگز نه اڃان پورو نه ڪيائين جيڪو ان کي امر ڪيائين . |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
|
پوءِ گهرجي ته ڏسي انسان پنهنجي طعام ڏانهن . |
| أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
|
بيشڪ اسان وسايو پاڻيءَ کي وسائڻ . |
| ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
|
ان کان پوءِ چيريو اسان زمين کي چيرڻ . |
| فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
|
پوءِ ڄمايوسون ان ۾ اناج . |
| وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
|
۽ انگور ۽ ترڪاريون . |
| وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
|
۽ زيتون ۽ کجيون . |
| وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
|
۽ باغ گهاٽا . |
| وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
|
۽ ميوا ۽ گاهه . |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
|
اوهان ۽ اوهان جي چوپاين جي فائدي لاءِ . |
| فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
|
پوءِ جنهن وقت ايندو ڪن ٻوڙا ڪندڙ . |
| يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
|
آواز ان ڏينهن ڀڄندو مڙس پنهنجي ڀاءُ کان . |
| وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
|
۽ پنهنجي ماءَ ۽ پنهنجي پيءُ کان . |
| وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
|
۽ پنهنجي زال کان ۽ پنهنجن پٽن کان . |
| لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
|
هر مڙس جي لاءِ انهن مان ان ڏينهن مشغولي هوندي جو ان لاءِ ڪافي هوندي . |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
|
ڪيترا منهن ان ڏينهن چمڪندڙ . |
| ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
|
کلندڙ، خوش ٿيندڙ هوندا . |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
|
۽ ڪيترا منهن ان ڏينهن انهن تي غبار هوندو . |
| تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
|
ڇائنجي ويندي انهن تي ڪارنهن . |
| أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
|
اهيئي ڪافر فاجر آهن . |