| عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
|
هُن ڪاوڙ ڏيکاري ۽ منھن ڦيريائين. |
| أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
|
(ان ڳالهه تي) ته ان وٽ هڪ انڌڙو ماڻهو اچي پھتو . |
| وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
|
پر توکي ڪهڙي خبر ته شايد اِهو (انڌڙو) سڌري وڃي؟ |
| أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
|
يا نصيحت کي ڌيان سان ٻڌي پوءِ اها نصيحت ان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي. |
| أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
|
پر جيڪو ماڻهو لاپرواهه ٿيو. |
| فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
|
تون ان ڏي گهڻو توجھه ڏئين ٿو. |
| وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
|
حالانڪه ان جي سڌرڻ جي ذميداري تنھنجي مٿان نه آهي. |
| وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
|
پر جيڪو ماڻهو تو وٽ پاڻ هلي اچي ٿو. |
| وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
|
ان کي (الله تعالى جو) خوف به آهي. |
| فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
|
تون اهڙي ماڻهوءَ کان منھن ڦيرين ٿو. |
| كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
|
(اي نبيﷺ!) ايئن هرگز نه ٿيندو آهي! هي (قرآن) ته هڪ نصيحت آهي. |
| فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
|
جنهن جي دل گهري ان کي مڃي. |
| فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
|
(هي قرآن) باعزت ورقن ۾ لکيل آهي. |
| مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
|
جيڪي وڏي شان وارا بلند ۽ (غلطين کان) پاڪ آهن. |
| بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
|
اهڙن لکندڙن جي هٿن ۾ آهن. |
| كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
|
جيڪي وڏي عزت وارا ۽ وڏا نيڪ آهن. |
| قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
|
لعنت هجي انسان تي ڪيڏو ته وڏو ناشڪرو آهي. |
| مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
|
(نٿو ڏسي ته) کيس (الله تعالى) ڪهڙي شيءِ مان پيدا ڪيو آهي؟ |
| مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
|
هڪ (گندي) نطفي مان، پوءِ ان جي تقدير ٺاهيائين. |
| ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
|
پوءِ ان جي لاءِ (زندگي گذارڻ جي) راهه آسان بنائي. |
| ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
|
پوءِ کيس موت ڏيئي قبر ۾ رکيو. |
| ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
|
وري جڏهن هُو چاهيندو ته کيس ٻيھر جيئرو ڪندو. |
| كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
|
هرگز نه! اُن اڃا اُهو ڪم پورو ئي نه ڪيو آهي، جنھن جو کيس حڪم ڏنو ويو آهي. |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
|
انسان کي کپي ته هو پنھنجي خوراڪ تي نظر ڪري. |
| أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
|
بيشڪ اسان (ان جي لاءِ) خوب پاڻي نازل ڪيو. |
| ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
|
پوءِ زمين کي هر طرح سان چيريو ۽ ڦاڙيو. |
| فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
|
پوءِ اُن ۾ اناج وارا فصل اُپايا. |
| وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
|
انگور ۽ سبزيون به. |
| وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
|
زيتون ۽ کجيون. |
| وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
|
گهاٽا باغ. |
| وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
|
۽ مختلف قسمن جا ميوا ۽ گاهه به (اپايا) |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
|
(اِهي سڀ ڪجهه) هن توهان کي ۽ توهان جي جانورن کي فائدو پھچائڻ لاءِ پيدا ڪيا. |
| فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
|
پوءِ جڏهن ڪنن کي ٻوڙو ڪرڻ واري رَڙِ ٿيندي. |
| يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
|
ماڻهو پنھنجي ڀاءُ کان پري ڀڄندو. |
| وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
|
پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ کان به. |
| وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
|
پنھنجي گهر واري ۽ اولاد کان (به ڀڄندو) |
| لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
|
ان ڏينھن هر ماڻهو جو اهو حال هوندو جو کيس (دنيا جي مٽي مائٽي ۽ واسطيداري جو) ڪو هوش ئي نه هوندو. |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
|
پوءِ ان ڏينھن ڪيترائي چَھِرا ٻَھڪندڙ هوندا. |
| ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
|
(اُهي) مسڪرائيندڙ ۽ وڏا خوش هوندا. |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
|
۽ وري ان ڏينھن ڪيترائي چھرا اهڙا به هوندا جن تي ڌوڙ پيل هوندي. |
| تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
|
(۽) انهن تي ڪارنهن به مَليل هوندي. |
| أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
|
اهي ئي انڪار ڪندڙ گنهگار ماڻهو هوندا. |