عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
گُهنڊ وڌائين منهن ۾ ۽ منهن موڙيائين |
أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
ان ڪري جو وٽس نابين آيو |
وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
۽ ڪهڙي خبر توکي ته شايد اهو سڌري وڃي |
أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
يا ڌيان ڏئي پوءِ نفعو ڏئي ان کي نصيحت |
أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
پر جيڪو ماڻهو بي پرواهي ڪري ٿو |
فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
پوءِ تون ڏئين ٿو انهيءَ کي توجهه |
وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
پر توتي ڪهڙي ذميواري آهي جي اهو نه سڌري |
وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
۽ جيڪو پاڻ تو وٽ اچي ٿو ڊوڙندو |
وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
۽ اهو ڊڄي به رهيو آهي |
فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
پوءِ ان کان بي رُخي اختيار ڪرين ٿو |
كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
هرگز نه! بيشڪ هيءَ هڪ نصيحت آهي |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
پوءِ جيڪي چاهي ان کي قبول ڪري |
فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
هي اهڙن صحيفن (ورقن) ۾ لکيل آهي جيڪي تعظيم وارا آهن |
مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
وڏي مرتبي وارا پاڪيزه آهن |
بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
سڳورن ڀلارن لکڻ وارن جي هٿن ۾ رهن ٿا |
كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
ڀلاين وارا تابعدار آهن |
قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
مار پوي (لعنت هجي) انسان تي ڪهڙو نه حق جو سخت منڪر آهي |
مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
ڪهڙي ته شيءِ مان کيس پيدا ڪيو؟ |
مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
مَني جي ڦڙي مان پيدا ڪيو پوءِ سندس تقدير مقرر ڪئي |
ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
پوءِ راهه زندگي سندس لاءِ سهنجي ڪئي |
ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
پوءِ کيس موت ڏنو پوءِ قبر ۾ پهچايو |
ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
پوءِ جڏهن (الله) پاڻ گُهري ته کيس ٻيهر اٿاري |
كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
هرگز نه (خبردار!) نه پورو ڪيو فرض جيڪو (الله) حڪم ڪيو هو |
فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
پوءِ ڏسي انسان ڪجهه پنهنجي خوراڪ کي |
أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
بيشڪ اسان چڱيءَ طرح پلٽيو پاڻي آسمان (ڪڪرن) مان |
ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
پوءِ چيريوسين زمين کي (چڱي طرح) ڏاريو |
فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
پوءِ اُپايوسين انهيءَ ۾ اناج |
وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
۽ انگور ۽ ڀاڄيون |
وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
۽ زيتون ۽ کجيون |
وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
۽ باغ گهاٽا |
وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
۽ قسمين قسمين ميوا ۽ گاهه |
مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
سامان زندگيءَ جو توهان لاءِ ۽ توهان جي ڍورن لاءِ |
فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
پوءِ جڏهن ايندي (ڪنن کي ٻوڙو ڪندڙ) هڪل |
يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
ان ڏينهن ڀڄندو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کان |
وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
۽ پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کان |
وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
۽ پنهنجي زال ۽ پٽ کان |
لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
هر ڪنهن ماڻهو جو تنهن ڏينهن اهڙو حال هوندو جو پاڻ بنا ڪنهن جو به هوش نه هوندو |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
۽ ڪجهه منهن ان ڏينهن چمڪندا |
ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
کلندڙ خوش ٿيندڙ هوندا |
وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
۽ ڪي منهن اهڙا هوندا ان ڏينهن جو انهن تي ڌوڙ پيل هوندي |
تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
مَلي ويندي انهن تي ڪا رنهن |
أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
اهي ئي ماڻهو منڪر (ڪافر) فاجر (بدڪار) آهن |