يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَنفالِ قُلِ الأَنفالُ لِلَّهِ وَالرَّسولِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَصلِحوا ذاتَ بَينِكُم وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 1) |
(اي رسول!) تو کان ماڻهو انفال (غنيمت جي مال) بابت پڇندا رهن ٿا. (کين) چئو ته انفال خاص خدا ۽ رسول جي لاءِ آهي ته (پوءِ) خدا کان ڊڄو ۽ پنهنجي اندروني معاملن کي درست ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهين (سچا) ايماندار آهيو ته خدا ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَإِذا تُلِيَت عَلَيهِم ءايٰتُهُ زادَتهُم إيمٰنًا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 2) |
سچا ايماندار ته فقط اهي آهن جو جڏهين (انهن جي اڳيان) خدا جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڏڪي وڃن ٿيون ۽ جڏهن انهن اڳيان سندس آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته سندن ايمان اڃا به وڌيڪ ٿئي ٿو پڻ اهي پنهنجي پروردگار تي ڀروسو رکن ٿا. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
نماز کي پابنديءَ سان پڙهن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا. |
أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم دَرَجٰتٌ عِندَ رَبِّهِم وَمَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
اهي ئي سچا ايمان وارا آهن، جن لاءِ سندن پالڻهار وٽ (تمام وڏا) درجا آهن پڻ معافي ۽ عزت آبرو سان چڱي روزي آهي. |
كَما أَخرَجَكَ رَبُّكَ مِن بَيتِكَ بِالحَقِّ وَإِنَّ فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ لَكٰرِهونَ (آيت : 5) |
(اهو غنيمت جي مال جو جهڳڙو ائين ئي آهي) جيئن اوهان جي پالڻهار توهان کي پوري پوري (مصلحت سان) توهان جي گهر مان (جنگ بدر ۾) ڪڍيو هو ۽ مومنن جو هڪ ٽولو (هن ڳالھ مان) ناخوش هو. |
يُجٰدِلونَكَ فِى الحَقِّ بَعدَما تَبَيَّنَ كَأَنَّما يُساقونَ إِلَى المَوتِ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 6) |
جيڪي حق جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به تو سان (اجايو سجايو) سچي ڳالھ ۾ وڙهن ٿا ۽ اهڙي طرح (جهڳڙو) ڪرڻ لڳا جو ڄڻ ته (زبردستي سان کين) موت جي منهن ۾ ڌڪيو وڃي ٿو. |
وَإِذ يَعِدُكُمُ اللَّهُ إِحدَى الطّائِفَتَينِ أَنَّها لَكُم وَتَوَدّونَ أَنَّ غَيرَ ذاتِ الشَّوكَةِ تَكونُ لَكُم وَيُريدُ اللَّهُ أَن يُحِقَّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَيَقطَعَ دابِرَ الكٰفِرينَ (آيت : 7) |
۽ ان کي (پنهنجن اکين سان) ڏسي رهيا آهن ۽ (هي اهو وقت هو) جڏهن خدا اوهان سان واعدو ڪري رهيو هو ته (مڪي جي ڪافرن مان) ٻن گروهن مان هڪ اوهان لاءِ ضروري آهي. ۽ اوهان وري جي اها مرضي هئي ته توهان جي چنبي ۾ ڪمزور گروھ اچي (جيئن جنگ بدر کانسواءِ غنميت جو مال هٿ لڳي) پر خدا جي مرضي هئي ته پنهنجين ڳالهين سان حق سچ کي ثابت (قائم) ڪري ڪافرن جي پاڙ پٽي. |
لِيُحِقَّ الحَقَّ وَيُبطِلَ البٰطِلَ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 8) |
ته جيئن حق کي (سچ) ثابت ڪري ۽ ڪوڙ کي ناس ڪري جيتوڻيڪ گنهگار (ڪافر) ان مان ناراض ئي ڇو نه هجن. |
إِذ تَستَغيثونَ رَبَّكُم فَاستَجابَ لَكُم أَنّى مُمِدُّكُم بِأَلفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُردِفينَ (آيت : 9) |
(هي اهو وقت هو) جڏهن اوهين پنهنجي پروردگار وٽ فرياد ڪري رهيا هئا ته هن توهان جي ٻڌي ۽ جواب ڏنو ته: آءُ اوهان جي مدد اڳ ايندڙ هڪ هزار ملائڪن سان ڪندس. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ وَلِتَطمَئِنَّ بِهِ قُلوبُكُم وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ (غيبي مدد) خدا رڳو اوهان جي خوشيءَ جي لاءِ ڪئي هئي ته ان سان اوهان دلين کي خاطري ٿئي. ۽ (ياد رکو ته) فتح رڳو خدا وٽان آهي. بيشڪ خدا زبردست ۽ حڪمت وارو آهي. |
إِذ يُغَشّيكُمُ النُّعاسَ أَمَنَةً مِنهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيكُم مِنَ السَّماءِ ماءً لِيُطَهِّرَكُم بِهِ وَيُذهِبَ عَنكُم رِجزَ الشَّيطٰنِ وَلِيَربِطَ عَلىٰ قُلوبِكُم وَيُثَبِّتَ بِهِ الأَقدامَ (آيت : 11) |
هي اهو وقت هو جڏهين پنهنجي طرف کان تسلي (ڏيڻ) لاءِ اوهان کي اوجهراڪي سان ڍڪيائين ٿي ۽ اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي لاٿائين ٿي ته ان سان اوهان کي پاڪ صاف ڪري اوهان کان شيطان جي پليتي پري ڪري ۽ اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ ان سان اوهان جا پير ڄمائي. |
إِذ يوحى رَبُّكَ إِلَى المَلٰئِكَةِ أَنّى مَعَكُم فَثَبِّتُوا الَّذينَ ءامَنوا سَأُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ فَاضرِبوا فَوقَ الأَعناقِ وَاضرِبوا مِنهُم كُلَّ بَنانٍ (آيت : 12) |
(اي رسول! هي اهو وقت هو) جڏهن تنهنجو پروردگار فرشتن کي فرمائي رهيو ته آءُ پڪ اوهان سان آهيان. اوهين ايمان وارن کي ثابت قدم رکو (همٿايو). آءُ ڪافرن جي دلين ۾ دهشت وجهندس. پوءِ سندن ڪنڌ ڪپيو ۽ سندن سنڌن تي ڌڪ هڻو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِقِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 13) |
هي (سزا) هن ڪري آهي جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالف ڪندو ته بيشڪ الله سخت سزا ڪرڻ وارو آهي. |
ذٰلِكُم فَذوقوهُ وَأَنَّ لِلكٰفِرينَ عَذابَ النّارِ (آيت : 14) |
(ڪافرو! دنيا ۾ ته) وٺو پوءِ ان (سزا) جو مزو چکيو پر (پوءِ آخرت ۾ ته) ڪافرن لاءِ دوزخ جو عذاب ته آهي (ئي) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا زَحفًا فَلا تُوَلّوهُمُ الأَدبارَ (آيت : 15) |
اي ايمان وارو! جڏهن ڪافرن سان ميدان جنگ ۾ آمهون سامهون ٿيو ته (ياد رکو!) انهن کان پٺيون نه ڦيرجو. |
وَمَن يُوَلِّهِم يَومَئِذٍ دُبُرَهُ إِلّا مُتَحَرِّفًا لِقِتالٍ أَو مُتَحَيِّزًا إِلىٰ فِئَةٍ فَقَد باءَ بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 16) |
۽ (خبردار) لڙائي جي کيڏاڙيءَ يا (پنهنجي لشڪر جي) ڪنهن جماعت ڏي پناھ وٺندڙ کانسواءِ جيڪو ان ڏينهن انهن کان پنهنجي پٺ ڦيرندو سو بيشڪ خدا جو ڏمر وٺي ڦريو ۽ ان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي ۽ اهو (ڪهڙو نه) بڇڙو ٺڪاڻو آهي. |
فَلَم تَقتُلوهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ قَتَلَهُم وَما رَمَيتَ إِذ رَمَيتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ رَمىٰ وَلِيُبلِىَ المُؤمِنينَ مِنهُ بَلاءً حَسَنًا إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 17) |
۽ (مسلمانو!) هنن ڪافرن کي اوهان ته ڪين قتل ڪيو پر کين خدا قتل ڪيو ۽ (اي رسول!) جڏهن تو تير ماريو ۽ جيئن ئي پنهنجي طرف کان مومنن تي چڱيءَ طرح احسان ڪري بيشڪ خدا (سڀ جي) ٻڌي ۽ (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو. |
ذٰلِكُم وَأَنَّ اللَّهَ موهِنُ كَيدِ الكٰفِرينَ (آيت : 18) |
هي ته اهو خدا ته ڪافرن جي مڪاريءَ کي ڪمزور ڪرڻ وارو آهي. |
إِن تَستَفتِحوا فَقَد جاءَكُمُ الفَتحُ وَإِن تَنتَهوا فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَعودوا نَعُد وَلَن تُغنِىَ عَنكُم فِئَتُكُم شَيـًٔا وَلَو كَثُرَت وَأَنَّ اللَّهَ مَعَ المُؤمِنينَ (آيت : 19) |
(ڪافرو!) جيڪڏهن توهان اهو گهرو پيا ته (جيڪو حق تي هوندو تنهن جي) فتح ٿئي ته (مسلمانن جي) فتح ته اوهان جي اڳيان اچي پهتي (هاڻي باقي ڪهڙو عذر اٿو!) ۽ جيڪڏهن (اڃا به اسلام جي مخالفت کان) باز اچو ته اوهان لاءِ سٺو آهي پر جيڪڏهن وري اهو ئي ڪم ڪندو ته اسين به اهو ئي ڪم ڪنداسون (۽ اوهان کي برباد ڪري ڇڏينداسون) ۽ اوهان جي جماعت جيتوڻيڪ تمام گهڻي به هجي تڏهن به ڪجھ ڪم نه ايندي ۽ خدا ته پڪ مومنن سان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَوَلَّوا عَنهُ وَأَنتُم تَسمَعونَ (آيت : 20) |
اي ايمان وارو! خدا ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو ۽ ان (ڳالھ) کان منهن نه موڙيو جڏهن اوهين ٻڌي رهيا آهيو. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ قالوا سَمِعنا وَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 21) |
۽ انهن جهڙا نه ٿيو جيڪي وات سان ته چوندا هئا ته اسين ٻڌي رهيا آهيون پر اهي نه ٻڌندا هئا. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الصُّمُّ البُكمُ الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 22) |
بيشڪ سڀني جانورن مان زياده بڇڙا اهي ٻوڙا گونگا (ڪافر) آهن جيڪي ڪجھ به نٿا سمجهن. |
وَلَو عَلِمَ اللَّهُ فيهِم خَيرًا لَأَسمَعَهُم وَلَو أَسمَعَهُم لَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
پر جيڪڏهن خدا هنن ۾ نيڪيءَ (جي بوءِ به) ڏسي ها ته هوند، انهن ۾ ٻڌندڙ جي قابليت عطا ڪري ها (مگر هي اهڙا ڍيڍا آهن جو) جيڪڏهن انهن ۾ ٻڌڻ جي قابليت به ڏجي ها تڏهن به منهن موڙ ڪري ڀڄن ها. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَجيبوا لِلَّهِ وَلِلرَّسولِ إِذا دَعاكُم لِما يُحييكُم وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَحولُ بَينَ المَرءِ وَقَلبِهِ وَأَنَّهُ إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
اي ايمان وارو! جڏهن اوهان کي (اسان جو) رسول (محمد) اهڙي ڪم لاءِ سڏي جيڪو اوهان جي (روحاني) زندگي جو سبب هجي ته اوهين خدا ۽ رسول جو حڪم دل سان قبول ڪريو. پڻ ياد رکو ته خدا (اهو قادر مطلق آهي جو) آدمي ۽ سندس دل (ارادي) جي وچ ۾ اهڙي طرح اچي ٿو ۽ هي به (ياد رکو) ته اوهين سڀئي سندس اڳيان ظاهر ڪيا ويندو. |
وَاتَّقوا فِتنَةً لا تُصيبَنَّ الَّذينَ ظَلَموا مِنكُم خاصَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 25) |
۽ ان فتني (فساد) کان ڊڄندا رهو جيڪو خاص انهن ماڻهن تي نه پوندو جن توهان مان ظلم ڪيو (پر اوهين سڀئي ان ۾ پئجي ويندو). ۽ هي پڪ سمجهو ته خدا تمام سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي. |
وَاذكُروا إِذ أَنتُم قَليلٌ مُستَضعَفونَ فِى الأَرضِ تَخافونَ أَن يَتَخَطَّفَكُمُ النّاسُ فَـٔاوىٰكُم وَأَيَّدَكُم بِنَصرِهِ وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 26) |
(مسلمانو اهو وقت) ياد ڪريو جڏهن اوهين سرزمين (مڪي ۾) بلڪل ٿورا (۽) ڪمزور سمجهيا ويندا هئا، اوهين ڊنا ٿي ته متان اوهان کي ماڻهو امالڪ کڻي وڃن، پوءِ خدا توهان کي (مديني ۾) پناھ ڏني ۽ خاص پنهنجي مدد سان اوهان جي تائيد ڪئي پڻ اوهان کي پاڪ پاڪيزه شيون کائڻ لاءِ عطا ڪيون ته من اوهين شڪر ڪريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَخونُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ وَتَخونوا أَمٰنٰتِكُم وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 27) |
اي ايمان وارو! نه ته خدا ۽ رسول جي (امانت ۾) خيانت ڪريو ۽ نه پنهنجن امانتن ۾ خيانت ڪريو جڏهن اوهين ڄاڻو ٿا. |
وَاعلَموا أَنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 28) |
۽ پڪ سمجهو ته اوهان جا مال اوهان جا اولاد (رڳو) امتحان آهن (ته جيڪو انهن جي محبت ۾ خدا کي نه وساري اهو ئي دين دار آهي) ۽ يقينن الله وٽ وڏو اجر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَتَّقُوا اللَّهَ يَجعَل لَكُم فُرقانًا وَيُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
اي ايمان وارو جيڪڏهن اوهين الله کان ڊڄندا رهندو ته اوهان ۾ (حق کي باطل کان) جدا ڪندڙ طاقت پيدا ڪندو ۽ اوهان جي طرفان اوهان جي گناهن جو ڪفارو بنائيندو پڻ اوهان کي معاف ڪندو. ۽ خدا وڏي فضل (۽ ڪرم) وارو آهي. |
وَإِذ يَمكُرُ بِكَ الَّذينَ كَفَروا لِيُثبِتوكَ أَو يَقتُلوكَ أَو يُخرِجوكَ وَيَمكُرونَ وَيَمكُرُ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 30) |
(اي رسول اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ڪافرن تو سان فريب ٿي ڪيو ته تو کي قيد ڪن يا تو کي قتل ڪن يا تو کي (ملڪ مان) ڪڍي ڇڏن. ۽ انهن جي خلاف رٿ رٿي ٿي. ۽ الله سڀني رٿ رٿيندڙن کان بهتر آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا قالوا قَد سَمِعنا لَو نَشاءُ لَقُلنا مِثلَ هٰذا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن انهن جي اڳيان اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته چوڻ لڳن ٿا ته اسان ٻڌو ته سهي (پر) جيڪڏهن اسين گهرون ته پڪ اهڙو ئي (قرآن) اسين به چئي سگهون ٿا، هي ته رڳو اڳين جا قصا (ڪهاڻيون) آهن. |
وَإِذ قالُوا اللَّهُمَّ إِن كانَ هٰذا هُوَ الحَقَّ مِن عِندِكَ فَأَمطِر عَلَينا حِجارَةً مِنَ السَّماءِ أَوِ ائتِنا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 32) |
۽ (اي رسول! اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن انهن ڪافرن دعائون گهريون هيون ته خداوندا جيڪڏهن هي (دين اسلام) حق (سچ)آهي ته اسان تي آسمان مان پٿر وساءِ يا اسان تي ڪو ٻيو عذاب ئي نازل فرمائي. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم وَأَنتَ فيهِم وَما كانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُم وَهُم يَستَغفِرونَ (آيت : 33) |
هوڏانهن جيستائين تون هنن ۾ موجود آهين خدا مٿن عذاب نه ڪندو ۽ الله اهڙو به نه آهي جو ماڻهو ته هن کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرندا رهن ۽ خدا هنن تي عذاب نازل ڪري. |
وَما لَهُم أَلّا يُعَذِّبَهُمُ اللَّهُ وَهُم يَصُدّونَ عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَما كانوا أَولِياءَهُ إِن أَولِياؤُهُ إِلَّا المُتَّقونَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 34) |
۽ جڏهن اهي ماڻهن کي مسجد الحرام (ڪعبي ۾ عبادت) کان منع ڪن ٿا ته پوءِ هنن لاءِ ڪهڙي ڳالھ باقي رهي جو مٿن عذاب نازل نه ٿئي. ۽ اهي ماڻهو خانه ڪعبي جا متولي به ته نه آهن (ته پوءِ ڇو ٿا جهلن). هن جا متولي ته فقط پرهيزگار ماڻهو ئي آهن. پر انهن ڪافرن مان گهڻا نٿا سمجهن. |
وَما كانَ صَلاتُهُم عِندَ البَيتِ إِلّا مُكاءً وَتَصدِيَةً فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 35) |
۽ ڪعبي وٽ سندن نماز سواءِ سيٽين ۽ تاڙين وڃائڻ جي ٻي ڪهڙي ڳالھ هئي. ته (اي ڪافرو!) جڏهن اوهين ڪفر ڪندا هئا تنهن جي سزا ۾ (پيا) عذاب جو مزو چکيو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنفِقونَ أَموٰلَهُم لِيَصُدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَسَيُنفِقونَها ثُمَّ تَكونُ عَلَيهِم حَسرَةً ثُمَّ يُغلَبونَ وَالَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ يُحشَرونَ (آيت : 36) |
هن ۾ شڪ نه آهي ته اهي ڪافر پنهنجا مال فقط هن لاءِ خرچ ڪن ٿا ته جيئن ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪن سو اهي (ٻيهر به) ان ۾ جلد ئي خرچ ڪندا پوءِ اهو (خرچ ڪرڻ) مٿن پشيماني ٿيندو ۽ پڇاڙي اهي ماڻهو هار کائيندا. ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو (قيامت ۾) سڀئي دوزخ ڏي ڌڪيا ويندا. |
لِيَميزَ اللَّهُ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَيَجعَلَ الخَبيثَ بَعضَهُ عَلىٰ بَعضٍ فَيَركُمَهُ جَميعًا فَيَجعَلَهُ فى جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 37) |
ته جيئن خدا پليت کي پاڪ کان جدا ڪري ۽ پليت ماڻهن کي هڪ ٻئي تي رکي ڍير بڻائي. ۽ وري (انهن) سڀني کي دوزخ ۾ وجهي. اهي ئي نقصان وارا آهن. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا إِن يَنتَهوا يُغفَر لَهُم ما قَد سَلَفَ وَإِن يَعودوا فَقَد مَضَت سُنَّتُ الأَوَّلينَ (آيت : 38) |
(اي رسولٰ) تون ڪافرن کي چئو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو (اڃا به پنهنجي شرارتن کان) باز رهن ته سندن اڳيان ڏوھ معاف ڪيا وڃن پر جيڪڏهن وري اهو ڪم ڪندا ته اڳين تي جاري ٿيل قاعدو گذري چڪو آهي (اهو عذاب انهن تي به جاري رهندو) |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ كُلُّهُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 39) |
مسلمانو! هنن ڪافرن سان جنگ ڪندا رهو تان جو ڪو به فساد (باقي) نه رهي ۽ (بلڪل ساري خدائي ۾) خدا جو دين ئي دين ٿي وڃي. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو (فساد کان) باز اچن ته خدا سندن ڪارواين کي چڱي طرح ڏسي ٿو. |
وَإِن تَوَلَّوا فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَولىٰكُم نِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 40) |
۽ جيڪڏهن منهن موڙين ته پوءِ (مسلمانو) پڪ ڄاڻو ته خدا توهان جو مالڪ آهي ۽ (اهو ئي) چڱو مالڪ ۽ چڱو مددگار آهي. |
وَاعلَموا أَنَّما غَنِمتُم مِن شَيءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ وَما أَنزَلنا عَلىٰ عَبدِنا يَومَ الفُرقانِ يَومَ التَقَى الجَمعانِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 41) |
۽ ڄاڻو ته جيڪو نفعو اوهين ڪنهن شيءِ مان حاصل ڪريو ته تنهن جو پنجون حصو خدا ۽ رسول (۽ رسول جي) قرابتدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ پرديسين جو آهي ۽ جيڪڏهن اوهين خدا تي ۽ ان (غيبي مدد) تي ايمان آندو آهي جيڪا اسان پنهنجي عبد (محمد) تي فيصلي جي ڏينهن (جنگ بدر ۾) نازل ڪئي هئي جڏهن (مسلمان ۽ ڪافرن جا) لشڪر آمهون سامهون ٿيا. ۽ خدا ته سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
إِذ أَنتُم بِالعُدوَةِ الدُّنيا وَهُم بِالعُدوَةِ القُصوىٰ وَالرَّكبُ أَسفَلَ مِنكُم وَلَو تَواعَدتُم لَاختَلَفتُم فِى الميعٰدِ وَلٰكِن لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا لِيَهلِكَ مَن هَلَكَ عَن بَيِّنَةٍ وَيَحيىٰ مَن حَىَّ عَن بَيِّنَةٍ وَإِنَّ اللَّهَ لَسَميعٌ عَليمٌ (آيت : 42) |
(هي اهو وقت هو) جڏهن اوهين (جنگ جي ميدان ۾ مديني جي) ويجهو هئا ۽ اهي ڪافر پوئين پاسي هئا ۽ (قافلي وارا) اوهان کان گهڻو هيٺ هئا ۽ جيڪڏهن (وقت مقرر ڪرڻ جو) پاڻ ۾ اوهين وعدو ڪريو ها ته ضرور وعدي ۾ اختلاف ڪريو ها پر (خدا توهان کي اوچتو گڏ ڪيو) هن لاءِ ته جو ڪم ڪرڻو هو تنهن کي خدا پورو ڪري ڏيکاري ته جيئن جو شخص هلاڪ (گمراھ) هجي اهو (حق جي) حجت پوري ٿيڻ کان پوءِ هلاڪ ٿئي ۽ جيڪو جيئرو رهي (سو به) هدايت جي حجت پوري ٿيڻ کان پوءِ جيئرو رهي. ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ يُريكَهُمُ اللَّهُ فى مَنامِكَ قَليلًا وَلَو أَرىٰكَهُم كَثيرًا لَفَشِلتُم وَلَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ سَلَّمَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 43) |
(هي اهو وقت هو) جڏهن خدا توهان کي خواب ۾ ڪافر گهٽ ڪري ڏيکاريا هئا پر جيڪڏهن توهان کي زياده ڪري ڏيکاري ها ته ضرور اوهين بي همت ٿيو ها ۽ لڙائيءَ بابت ضرور پاڻ ۾ جهڳڙو ڪريو ها. مگر خدا ان (بدنامي) کان بچايو. هن ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اهو دلين جي رازن کان واقف آهي. |
وَإِذ يُريكُموهُم إِذِ التَقَيتُم فى أَعيُنِكُم قَليلًا وَيُقَلِّلُكُم فى أَعيُنِهِم لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 44) |
۽ (هي اهو وقت هو) جڏهن اوهان هڪ ٻئي جي سامهون (جنگ ۾) ٿيا هئا ته خدا توهان جي دين ۾ ڪافرن کي گهڻو گهٽ ڪري ڏيکاريو ۽ سندن اکين ۾ اوهان کي (به) ٿورو ڪيو ته جيئن جيڪي خدا کي ڪرڻو منظور هو سو پورو ٿئي ۽ سڀني ڳالهين جو دارو مدار ته خدا تي ئي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُم فِئَةً فَاثبُتوا وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 45) |
اي ايمان وارو! جڏهن اوهين ڪنهن لشڪر سان (جنگ ۾) آمهون سامهون ٿيو ته ثابت قدم رهو ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪريو ته اوهين ڪامياب ٿيو. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَنٰزَعوا فَتَفشَلوا وَتَذهَبَ ريحُكُم وَاصبِروا إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 46) |
۽ خدا جي ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ نه وڙهو (نه ته) اوهين همت هاري وهندو ۽ اوهان جي طاقت ويندي هلي ۽ جنگ جي تڪليف تي صبر ڪريو (ڇو جو) خدا ته پڪ صبر ڪرڻ وارن سان آهي. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم بَطَرًا وَرِئاءَ النّاسِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَاللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 47) |
۽ انهن جهڙا نه ٿيو جيڪي پنهنجي گهرن مان آڪڙ سان ۽ ماڻهن کي ڏيکاريڻ لاءِ نڪتا ۽ الله جي رستي کان (ماڻهن) کي روڪين ٿا. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تن کي الله (جو هر طرح سان) گهيرو ڪيل آهي. |
وَإِذ زَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم وَقالَ لا غالِبَ لَكُمُ اليَومَ مِنَ النّاسِ وَإِنّى جارٌ لَكُم فَلَمّا تَراءَتِ الفِئَتانِ نَكَصَ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَقالَ إِنّى بَريءٌ مِنكُم إِنّى أَرىٰ ما لا تَرَونَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 48) |
۽ جڏهن شيطان سندن ڪرتوتن کي سهڻو ڪري ڏيکاريو ۽ ڪَن ڀريائين ته ماڻهن مان اڄ ڪو به اهڙو نه آهي جيڪو توهان تي غالب ٿي سگهي ۽ آءُ اوهان جو مددگار آهيان. پوءِ جڏهين ٻنهين لشڪرن جو مقابلو ٿيو ته شيطان پوئين پيرين وٺي ڀڳو ۽ چوڻ لڳو ته آءُ اوهان کان بيزار آهيان. آءُ ته اهي شيون ڏسي رهيو آهييان جيڪي اوهان کي نٿيون سجهن. آءُ ته خدا کان ڊڄان ٿو ۽ خدا تمام سخت عذاب وارو آهي. |
إِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ غَرَّ هٰؤُلاءِ دينُهُم وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 49) |
(هي اهو وقت هو) جڏهن منافق ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ (ڪفر جو) روڳ آهي تن چيو ٿي ته هنن مسلمانن کي سندن دين ڌوڪو ڏنو آهي (جو وڏائي ڪندا گهمن ٿا) هوڏانهن جو شخص خدا تي ڀروسو ڪري ٿو (اهو غالب رهي ٿو ڇو ته) خدا بيشڪ غالب ۽ حڪمت وارو آهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ يَتَوَفَّى الَّذينَ كَفَرُوا المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 50) |
۽ (اي رسول تو کي عجب ٿئي ها) جيڪڏهن تون ڏسين ها، جنهن وقت ملائڪ ڪافرن جو ساھ ڪڍن پيا ۽ سندن منهن ۽ انهن جي پٺين تي (گرز) هڻن پيا ۽ (کين چون پيا ته) ٻرندڙ باھ جو عذاب چکيو. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 51) |
اها (سزا) ان جي آهي جيڪي اوهان پنهنجي هٿن سان ڪيو آهي. ۽ خدا بندن تي ڪڏهين به ظلم نٿو ڪري. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 52) |
(هن ماڻهن جي حالت) قوم فرعون ۽ انهن ماڻهن جهڙي آهي جيڪي انهن کان اڳ هئا. ۽ خدا جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ته خدا به سندن گناهن جي بدلي انهن کي پڪڙيو. بيشڪ خدا زبردست ۽ تمام سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ لَم يَكُ مُغَيِّرًا نِعمَةً أَنعَمَها عَلىٰ قَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 53) |
اها (سزا) ان ڪري (ڏني وئي) جو جڏهن ڪا به نعمت خدا ڪنهن قوم کي ڏئي ٿو، جيستائين اهي ماڻهو خود پنهنجي قلبي حالت (نه ٿا) بدلائين خدا به ان کي نه بدلائيندو ۽ خدا ته پڪ (سڀني جي) ٻڌي ٿو ۽ (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَكُلٌّ كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 54) |
(انهن ماڻهن جي حالت) فرعوني قوم ۽ انهن وانگر آهي جيڪي انهن کان اڳ هئا. ۽ پنهنجي پالڻهار جي آيتن کي ڪوڙو ڪندا هئا ته اسان به سندن گناهن جي سبب انهن کي تباھ ڪيو ۽ فرعون جي قوم کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ (اهي) سڀيئي ظالم هئا. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الَّذينَ كَفَروا فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 55) |
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي خدا وٽ جانورن مان ڪافر سڀني کان بڇڙا آهن ته (ان هوندي به) وري ايمان نٿا آڻين. |
الَّذينَ عٰهَدتَ مِنهُم ثُمَّ يَنقُضونَ عَهدَهُم فى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُم لا يَتَّقونَ (آيت : 56) |
(اي رسول) جن ماڻهن سان تو معاهدو ڪيو هو، اهي ماڻهو پنهنجو انجام سڀ ڪنهن ڀيري ڀڃن ٿا ۽ وري (خدا کان) نه ٿا ڊڄن. |
فَإِمّا تَثقَفَنَّهُم فِى الحَربِ فَشَرِّد بِهِم مَن خَلفَهُم لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 57) |
پوءِ جيڪڏهن اهي جنگ ۾ تو کي هٿ لڳن ته (کين اهڙي گوشمالي ڏين جو) هنن سان گڏ انهن ماڻهن کي به سزا ڏي جيڪي سندن پٺيان هجن ته جيئن اهي سبق سکن. |
وَإِمّا تَخافَنَّ مِن قَومٍ خِيانَةً فَانبِذ إِلَيهِم عَلىٰ سَواءٍ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الخائِنينَ (آيت : 58) |
۽ جيڪڏهن تو کي ڪنهن قوم جي خيانت (انجام ٽوڙڻ) جو خوف هجي ته تون به انهن ڏي (سندن معاهدي کي) اڇلي ڇڏ (انجام ٽوڙڻ سان انجام ٽوڙيو). بيشڪ خدا دغابازن کي پسند نٿو ڪري. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا سَبَقوا إِنَّهُم لا يُعجِزونَ (آيت : 59) |
۽ ڪافر هرگز خيال نه ڪن ته اهي (مسلمانن کان) اڳيان وڌي ويا (ڇو ته) اهي ڪڏهين به (مسلمانن کي) عاجز ڪري نه سگهندا. |
وَأَعِدّوا لَهُم مَا استَطَعتُم مِن قُوَّةٍ وَمِن رِباطِ الخَيلِ تُرهِبونَ بِهِ عَدُوَّ اللَّهِ وَعَدُوَّكُم وَءاخَرينَ مِن دونِهِم لا تَعلَمونَهُمُ اللَّهُ يَعلَمُهُم وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فى سَبيلِ اللَّهِ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 60) |
۽ (مسلمانو!) جيڪي اوهان کان هٿيارن ۽ پاليل گهوڙن مان ٿي سگهي سو انهن (سان جنگ ڪرڻ) لاءِ تيار ڪريو. ان سان اوهين خدا جي دشمنن ۽ پنهنجن دشمنن تي ڌاڪ وهاريو ۽ انهن کان سواءِ ٻين تي (به) جن کي اوهين نٿا ڄاڻو، (پر) خدا جي راھ ۾ خرچ ڪندو سو اوهان کي پورو ڏنو ويندو ۽ اوهان تي ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَإِن جَنَحوا لِلسَّلمِ فَاجنَح لَها وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏهن اهي ڪافر صلح جو خيال ڪن ته تون به ان جو خيال ڪر. ۽ خدا تي ڀروسو ڪر! بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِن يُريدوا أَن يَخدَعوكَ فَإِنَّ حَسبَكَ اللَّهُ هُوَ الَّذى أَيَّدَكَ بِنَصرِهِ وَبِالمُؤمِنينَ (آيت : 62) |
۽ جيڪڏهن اهي ڪافر تو کي فريب ڏين ٿا ته ڪجھ پرواھ ناهي) پوءِ بيشڪ خدا تو لاءِ ڪافي آهي. (اي رسول!) اهو ئي ته اهو (خدا) آهي جنهن پنهنجي خاص مدد ۽ مومنن سان تنهنجي تائيد ڪئي. |
وَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِهِم لَو أَنفَقتَ ما فِى الأَرضِ جَميعًا ما أَلَّفتَ بَينَ قُلوبِهِم وَلٰكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ بَينَهُم إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 63) |
۽ انهيءَ انهن (مسلمانن) جي دلين ۾ اهڙي الفت پيدا ڪئي جو جيڪڏهن جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀئي تون خرچ ڪرين ها ته تڏهين به انهن جي دلين ۾ اهڙي الفت پيدا نه ڪري سگهين ها. پر اهو خدا ئي هو جنهن پاڻ ۾ الفت پيدا ڪئي. بيشڪ اهو زبردست حڪمت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَسبُكَ اللَّهُ وَمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 64) |
اي رسول! تنهنجي لاءِ بس خدا ۽ جيڪي مومن تنهنجا فرمانبردار آهن ڪافي آهن. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَرِّضِ المُؤمِنينَ عَلَى القِتالِ إِن يَكُن مِنكُم عِشرونَ صٰبِرونَ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ يَغلِبوا أَلفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 65) |
اي رسول! تون مومنن کي جهاد لاءِ تيار ڪر (اهي گهٻرائين نه ۽ خدا هنن سان انجام ٿو ڪري ته) جيڪڏهن اوهان ماڻهن مان ثابت قدم رهڻ وارا ويھ به هوندا ته، ٻه سو (ڪافرن تي) غالب ٿيندا. ۽ جيڪڏهن اوهان مان (اهڙا) سو ڄڻا هوندا ته هزار ڪافرن تي غالب ٿيندا. اهو هن ڪري جو هي ماڻهو بي سمجھ آهن. |
الـٰٔنَ خَفَّفَ اللَّهُ عَنكُم وَعَلِمَ أَنَّ فيكُم ضَعفًا فَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ صابِرَةٌ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم أَلفٌ يَغلِبوا أَلفَينِ بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 66) |
هاڻي خدا اوهان تان (پنهنجي حڪم جي سختيءَ ۾) هلڪائي ڪئي ۽ ڏسي ڇڏيو ته پڪ اوهان ۾ ڪمزوري آهي، ته جيڪڏهن اوهان مان ثابت قدم رهڻ وارا هڪ سو هوندا ته ٻه سو (ڪافرن) تي غالب ٿيندو. ۽ جيڪڏهن اوهان ماڻهن مان (اهڙا) هڪ هزار هوندا ته خدا جي حڪم سان ٻه هزار (ڪافرن) تي غالب ٿيندو. ۽ (جنگ جي سختين کي) سهڻ وارن جو خدا ساٿي آهي. |
ما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكونَ لَهُ أَسرىٰ حَتّىٰ يُثخِنَ فِى الأَرضِ تُريدونَ عَرَضَ الدُّنيا وَاللَّهُ يُريدُ الءاخِرَةَ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 67) |
ڪو به نبي جيستائين روءِ زمين تي (ڪافرن جي) رت ڇاڻ نه ڪري تنهن وٽ قيدين جو رهڻ چڱو نه آهي. اوهين ماڻهو ته دنيا جي ساز و سامان جا طلبگار آهيو. پر خدا (اوهان لاءِ) آخرت (جي ڀلائي) چاهي ٿو. ۽ خدا زبردست حڪمت وارو آهي. |
لَولا كِتٰبٌ مِنَ اللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُم فيما أَخَذتُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 68) |
۽ جيڪڏهن خدا جي طرف کان اڳ ۾ ئي (ان جي معافي جو) حڪم نه اچي چڪو هجي ته تو جيڪي (بدر جي قيدين کي ڇڏي ڏيڻ جو بدلو) فديو ورتو هو تنهن جي سزا ۾ اوهان کي ضرور وڏو عذاب رسي ها. |
فَكُلوا مِمّا غَنِمتُم حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 69) |
(ته خير جيڪي ٿيو سو ٿيو) هاڻي جيڪي تو غنيمت جو مال حاصل ڪيو آهي اهو کائو (اهو اوهان لاءِ) حلال پاڪ آهي ۽ خدا کان ڊڄندا رهو بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِمَن فى أَيديكُم مِنَ الأَسرىٰ إِن يَعلَمِ اللَّهُ فى قُلوبِكُم خَيرًا يُؤتِكُم خَيرًا مِمّا أُخِذَ مِنكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 70) |
اي رسول! جيڪي قيدي اوهان جي قبضي ۾ آهن تن کي چئو ته جيڪڏهن خدا توهان جي دلين ۾ نيڪي ڏسندو ته جيڪو (مال) اوهان کان کسيو ويو آهي ان کان گهڻو سٺو اوهان کي عطا ڪندو ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
وَإِن يُريدوا خِيانَتَكَ فَقَد خانُوا اللَّهَ مِن قَبلُ فَأَمكَنَ مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تو کي دغا ڏيڻ گهرن ٿا ته خدا سان اڳ ۾ ئي دغا ڪري چڪا آهن ته (ان جي سزا ۾) خدا هنن تي تو کي قبضو ڏنو ۽ خدا ته وڏو واقفڪار حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَالَّذينَ ءامَنوا وَلَم يُهاجِروا ما لَكُم مِن وَلٰيَتِهِم مِن شَيءٍ حَتّىٰ يُهاجِروا وَإِنِ استَنصَروكُم فِى الدّينِ فَعَلَيكُمُ النَّصرُ إِلّا عَلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 72) |
جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ هجرت ڪئي ۽ پنهنجي جان ۽ مال سان خدا جي راھ ۾ جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن (هجرت ڪرڻ وارن کي) جڳھ ڏني ۽ (هر طرح) انهن جي خبر چار لڌي اهي ئي ماڻهو هڪ ٻئي جا (پاڻ ۾) سرپرست ۽ دوست آهن. ۽ جن ماڻهن ايمان ته قبول ڪيو پر هجرت نه ڪئي ته اوهان ماڻهن جو سندن سرپرستيءَ سان ڪو واسطو نه آهي ايستائين جو هجرت ڪن ۽ (هاءُ پر) دين جي ڳالهين ۾ تو کان مدد چاهين ته تو تي (هنن جي مدد ڪرڻ لازمي ۽ واجب آهي پر انهن ماڻهن جي مقابلي لاءِ نه جن ۾ اوهان ۾ پاڻ ۾ (صلح جو) معاهدو آهي. ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا اهو (سڀني کي) ڏسي ٿو. |
وَالَّذينَ كَفَروا بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ إِلّا تَفعَلوهُ تَكُن فِتنَةٌ فِى الأَرضِ وَفَسادٌ كَبيرٌ (آيت : 73) |
۽ جيڪي ماڻهو ڪافر آهن اهي به (پاڻ ۾) هڪ ٻئي جا سرپرست آهن. جيڪڏهن تون (اهڙي طرح مدد) نه ڪندين ته روءِ زمين تي فتنو پيدا ٿي پوندو ۽ وڏو فساد ٿيندو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 74) |
۽ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ هجرت ڪئي ۽ خدا جي راھ وڙهيا ڪيا ۽ جن ماڻهن (اهڙي نازڪ وقت ۾) مهاجرن کي جڳھ ڏني پڻ (سندن) هر طرح سنڀال ڪئي اهي ئي ماڻهو سچا ايماندار آهن انهن لاءِ بخشش ۽ عزت آبرو واري روزي آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا مِن بَعدُ وَهاجَروا وَجٰهَدوا مَعَكُم فَأُولٰئِكَ مِنكُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 75) |
۽ جن ماڻهن (صلح حديبيه کان) پوءِ ايمان قبول ڪيو ۽ هجرت ڪئي ۽ اوهان سان گڏجي جهاد ڪيو اهي به اوهان مان ئي آهن. ۽ قرابت وارا خدا جي ڪتاب ۾ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا (ٻين جي مقابلي ۾) زياده حقدار آهن. بيشڪ خدا هي ڳالھ کان چڱيءَ طرح واقف آهي. |