يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَنفالِ قُلِ الأَنفالُ لِلَّهِ وَالرَّسولِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَصلِحوا ذاتَ بَينِكُم وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 1) |
پُڇنِئي کَٽيل مال جا، حِصّا ۽ حَقدار، چئو، کَٽيل مال، خاص، سندو صاحبِ جِي سرڪار، پڻ سندسِ پيغمبر پاڪ جو؛ پوءِ ڏور ڀر ڏاتار، ۽ لڳ لاڳاپا پاڻ ۾، سُڌاريو سالار!، ربَّ ۽ سندس رسول جا، رَهو تابِعدار، اَوهين اِعتبار،جي آڻڻ وارا آهيو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَإِذا تُلِيَت عَلَيهِم ءايٰتُهُ زادَتهُم إيمٰنًا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 2) |
مُؤمن اُهي ئـِي مُور، ته جڏهن ياد الله ڪجي، ته دِليون سندنِ دَهشت کان، ڀِڄي ٿِين ڀَرپُور، ۽ جڏهن پَڙهجن اُنهن مَٿي، اُن مولي جا مذڪور، ته ڪن اُنهن کي، اِيمان ۾، زياده ضرور، ۽ ڌارِيان ڌِڪي دُور، رکن پنهنجي ربّ مٿي. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جي پڙهن نِمازون پُوريون، ۽ ڪڍن زڪوٰة ضرور،جو مال ڏِنوسون، تِنهن مَنجھان؛ |
أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم دَرَجٰتٌ عِندَ رَبِّهِم وَمَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
مؤمن اُهي مُور، درجا سندنِ ڌڻِي وَٽ؛ اُنهن لئي مُقّرر مَنظور، بخشش پڻ ڀَرپُور، ۽ سڳورِي سانجاڻ ڪا. |
كَما أَخرَجَكَ رَبُّكَ مِن بَيتِكَ بِالحَقِّ وَإِنَّ فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ لَكٰرِهونَ (آيت : 5) |
جيئن، توکي ڪَڍيو، تو گَھران، تَنهنجي سائينءَ، مَٿي سَچ، ۽ هُئو ڳَـڻـتـيون کيندڙ ڳَچ مؤمن مان، ميڙڪو. |
يُجٰدِلونَكَ فِى الحَقِّ بَعدَما تَبَيَّنَ كَأَنَّما يُساقونَ إِلَى المَوتِ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 6) |
دوست !دَڙِين سچ ۾، توسان، تِنهن پُڃاڻ، کُلي خبر اُنهن تي، ڪر موت پاسي پاڻ، هَلائـِجن هاڻِ، ۽ مُنهن ۾، ڏِسن پِيا مورهين. |
وَإِذ يَعِدُكُمُ اللَّهُ إِحدَى الطّائِفَتَينِ أَنَّها لَكُم وَتَوَدّونَ أَنَّ غَيرَ ذاتِ الشَّوكَةِ تَكونُ لَكُم وَيُريدُ اللَّهُ أَن يُحِقَّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَيَقطَعَ دابِرَ الكٰفِرينَ (آيت : 7) |
۽ جڏهن ٻِن ٻارين مان، هڪ ٻارِيءَ جو ٻِيهار، واحد، ڏپيو واعِدو، ته اُها اوهان هار، ۽ اوهين اِرادو پِيا ڪريو، ته بنا هٿيار، پَنوهار، اوهان ڪارڻ قافلو؛ ۽ ٿو گُھري رَبُّ، غَفّار، ته حق کي، حق ثابت ڪري، پَنهنجي حُڪمن سان هيڪار، پڻ ڪڍي سَنديون ڪُفار، پَٽي پارون پَٽ مان. |
لِيُحِقَّ الحَقَّ وَيُبطِلَ البٰطِلَ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 8) |
تان حق کي، حَق ثابت ڪري، ۽ باطل ڪري ناس، تان هوندي کي، هوندو ڪري، ۽ ناس کي، ناس، ۽ وَر ته رَهن ناراس، هَلندڙ ٻاهر، حُڪمن کان. |
إِذ تَستَغيثونَ رَبَّكُم فَاستَجابَ لَكُم أَنّى مُمِدُّكُم بِأَلفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُردِفينَ (آيت : 9) |
جڏهن دانهيان پنهنجي ڌڻئ کي، پوءِ ٻُڌويسينِيان ٻاڪار، ته مدد ڏيندوسِينيان، مَلڪن سان،هڪ ٻئي پُٺيان هزار، |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ وَلِتَطمَئِنَّ بِهِ قُلوبُكُم وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ الله نه، اِهو ڪم ڪيو، مگر مبارڪِي هار، پڻ اِنهي ساڻ اوهان جا، ٿِين قلب قرار، ۽ ناهي مدد ڪا، مگر واحد وٽان، وَهار، صاحب ربُّ، ستار، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو. |
إِذ يُغَشّيكُمُ النُّعاسَ أَمَنَةً مِنهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيكُم مِنَ السَّماءِ ماءً لِيُطَهِّرَكُم بِهِ وَيُذهِبَ عَنكُم رِجزَ الشَّيطٰنِ وَلِيَربِطَ عَلىٰ قُلوبِكُم وَيُثَبِّتَ بِهِ الأَقدامَ (آيت : 11) |
پِيو وَٺنيان خواب خُمار، جڏهن تَسلي طرفان تِنهنجي، ۽ اوهان مَٿي اُڀ ڪنان، پِيو لاهي جَر جَبار، تان اَڇو اُجرو اُن سان، ڪري اوهان کي ڪَلتار، ۽ ميرائـِي مَردود جِي، نِـئي اوهان کان نِبار، ۽ ڪَنيان قلب قرار، پڻ پُختا اوهان جا پير ڪري. |
إِذ يوحى رَبُّكَ إِلَى المَلٰئِكَةِ أَنّى مَعَكُم فَثَبِّتُوا الَّذينَ ءامَنوا سَأُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ فَاضرِبوا فَوقَ الأَعناقِ وَاضرِبوا مِنهُم كُلَّ بَنانٍ (آيت : 12) |
تُنهنجو مالِڪ مَلڪن کي، ٿو وَحي ڪري، جنهن وير، ته اوهان سان گڏ آهيان، ڀيڙو آئون ڀَلير!، پوءِ آيا، جي اِيمان تي، ثابت رکو، سي شير!، دِليون دَهلائيندسِ تن جون، جن ڦِريَن کاڌو ڦير، پوءِ هڻونِ ڪُند، ڪَنڌن تان، مَٿا ڪُٽيونِ مَٿير!، پڻ ڇِڻڪيون سندنِ هَٿ، پير، سَڀْ ڪِنهن سَنڌ، سنڌ کان. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِقِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 13) |
اُهو اِنهئ ڪاڻ، ته وِڌئون ڪاڻ ڪريم، ساڻ، پڻ سندسِ پيغمبر پاڪ سان؛ جو ڪاڻو وِجھندو ڪاڻ، ۽ ربَّ ۽ سندسِ رسول سان، پوءِ ڪانهي اُن ۾ ڪاڻ، ته صاحب ربُّ، سُڄاڻ، آهي، سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو. |
ذٰلِكُم فَذوقوهُ وَأَنَّ لِلكٰفِرينَ عَذابَ النّارِ (آيت : 14) |
اِهو آهي، اوهان جو، پوءِ چکوسِ چڱِئَ چال، ۽ سَندو باھِ بحال، ڪاڙهو ڪافر ذات لئي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا زَحفًا فَلا تُوَلّوهُمُ الأَدبارَ (آيت : 15) |
اي مؤمن! مُنڪرن کي، جڏهن مِلو مَنجھ جنگ، ته اُنهن کي اَڙٻنگ!، پُٺيون نه ڏِيو پِڙ ۾، |
وَمَن يُوَلِّهِم يَومَئِذٍ دُبُرَهُ إِلّا مُتَحَرِّفًا لِقِتالٍ أَو مُتَحَيِّزًا إِلىٰ فِئَةٍ فَقَد باءَ بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 16) |
۽ جو پُٽ ڏِيندن پَنهنجِي، واري اُنهي وار، مگر، ته موٽي جنگ لئي، پاسِيرو ڪِنهن پار، يا ڦِرِي پنهنجِي فوج ۾، ڪندڙ جاءِ قرار، تِنهن قابو ڪرايو پاڻ کي، ڏَمر مَنجھ ڏاتار، دوزخ اُن جو دار، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ ٿيو. |
فَلَم تَقتُلوهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ قَتَلَهُم وَما رَمَيتَ إِذ رَمَيتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ رَمىٰ وَلِيُبلِىَ المُؤمِنينَ مِنهُ بَلاءً حَسَنًا إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 17) |
پوءِ، اوهان نه ڪُـٺو اُنهن کي، پر ڪُٺو کِين قهار، نه چُٽـئـِي، جڏهن چٽـئـِي، پر چٽيون چٽڻ هار، تان پاڻا وٺينِ پَرک چڱِي، جي مومن مڻياندار، سُڻندڙ سَمجھدار، الله جَلّ جَلالہٗ، |
ذٰلِكُم وَأَنَّ اللَّهَ موهِنُ كَيدِ الكٰفِرينَ (آيت : 18) |
اهو اوهان هار، ۽ الله جَلّ جلالہٗ، هرگز ڏيندڙ هارِ، هر ڪم ۾، ڪافرن کي. |
إِن تَستَفتِحوا فَقَد جاءَكُمُ الفَتحُ وَإِن تَنتَهوا فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَعودوا نَعُد وَلَن تُغنِىَ عَنكُم فِئَتُكُم شَيـًٔا وَلَو كَثُرَت وَأَنَّ اللَّهَ مَعَ المُؤمِنينَ (آيت : 19) |
جي سوڀ گُھرو، ته سوڀ صحِي اوهان کي آئـِي، جي بَس ڪندا، ته آهي ڀَلِي، اوهان لي اِهائي، ۽ جي ورندا، ته ورندا سون اَسين به، ڪنهن پر نه پروائـِي، ۽ اوج اوهان کي، ڪُجھ نه ڏي، اَهنجو ڀَت ڀائي، ۽ وَر، جَجِهي هُجي جائـِي، مولىٰ، ته مَدد مؤمنين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَوَلَّوا عَنهُ وَأَنتُم تَسمَعونَ (آيت : 20) |
اي جن مڃيو!، سي مَڃيو ربُّ، ۽ سندسِ رسول، ۽ نه مُنهن موڙيو کانِس مَلول!، ۽ جڏهن ٻُڌو حُڪم حاضرِي. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ قالوا سَمِعنا وَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 21) |
۽ اَصل نه ٿيو، اُنهن جِھا، جن چيو، ته ٻُڌِي سون ڳالھ، ۽ هو، تن جو هِي حال، ته حُڪم نه ٻُڌن هيڪڙو. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الصُّمُّ البُكمُ الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 22) |
آهن، اُهي اَلله وٽ، بُڇڙا وَهٽ بَحال، ٻوڙا، گنگا، ڪا ڳالھ، جي سُڻنِ، سَمجھنِ ڪِين ڪي. |
وَلَو عَلِمَ اللَّهُ فيهِم خَيرًا لَأَسمَعَهُم وَلَو أَسمَعَهُم لَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
۽ هُوند، چڱائـِي تن ۾، ڄاتِي ڄاڻڻهار، ته صَحِي سُڻائـِين تن کي؛ ۽ جي سُڻاينِ ستار، ته وريا پاڻهِين پار، ۽ اُهي مُنهن موڙيندڙ مُورهين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَجيبوا لِلَّهِ وَلِلرَّسولِ إِذا دَعاكُم لِما يُحييكُم وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَحولُ بَينَ المَرءِ وَقَلبِهِ وَأَنَّهُ إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
اي اُهي جن مڃيو!، ٿيو تَهدِل تابِعدار، ربَّ ۽ سندس رسول جا، جڏهن پُڪارِئين تِنهن پار، جو جيارِينيان جھان ۾، ۽ سمجھو ته ربُّ ستار، ماڻهو ۽ سندسِ مَن وِچان، واحد ڦِري هروار، ۽ اُن ڏينهن آخرڪار، اَوهين مِڙئـِي ميڙيبا |
وَاتَّقوا فِتنَةً لا تُصيبَنَّ الَّذينَ ظَلَموا مِنكُم خاصَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 25) |
۽ ڀَڄو تِنهن بِگيڙ کا، نه رَسندو، رڳو تن، اوهان مان عالَم ۾، جاڙون ڪيون جن، ۽ رکو ماهيت مَن، ته ربُّ ڏاڍو ڏُ ک ڏِيَڻون. |
وَاذكُروا إِذ أَنتُم قَليلٌ مُستَضعَفونَ فِى الأَرضِ تَخافونَ أَن يَتَخَطَّفَكُمُ النّاسُ فَـٔاوىٰكُم وَأَيَّدَكُم بِنَصرِهِ وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 26) |
۽ ڪريو ياد زَمان، جڏهن هُئااوهين ٿورڙا، بي زرو زمين ۾، پيا دَهلو ڀر دامان، ته متان ماڻهو کـڻنيا، پوءِ ڏِنان اَجھو امان، ۽ ڪيان پَنهنجي مدد سان، غالب بي گمان ۽ پاڪ شين مان، پَڪ سان ، رِزق ڏِنا رحمان، ته مُؤمن اوهان مانَ، کائو ۽ ڳُڻ ڳايو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَخونُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ وَتَخونوا أَمٰنٰتِكُم وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 27) |
اي اُهي جن مڃيو!، ۽ ڌاريان دِيانت، ته ربَّ ۽ رسول سان، نه ڪريو خِيانت، ۽ نه کائو اَمانت، جڏهن پاڻ پِيا پَروڙيو. |
وَاعلَموا أَنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 28) |
۽ پَرک پَروڙيو پاڻ لئي، پَنهنجا مال، وِيا، ۽ قادِر، ڪِبريا، اُن وٽ آهي، اجَر وَڏو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَتَّقُوا اللَّهَ يَجعَل لَكُم فُرقانًا وَيُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
اي اُهي جن مڃيو!، ڏَرو ڀَر ڏاتار، ڪري اوهان لئي ڪَرم سان، چِٽائـِي چوڌار، ۽ مِيٽي مَدايون اَهنجون، پڻ بخشِينِيان سڀ بار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، آهي والِي، وَڏي وَڙ جو. |
وَإِذ يَمكُرُ بِكَ الَّذينَ كَفَروا لِيُثبِتوكَ أَو يَقتُلوكَ أَو يُخرِجوكَ وَيَمكُرونَ وَيَمكُرُ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 30) |
۽ جڏهن سِٽينِ سِٽائون، تولئي، ڦِريا، جي فُجار، ته وارِينئـِي سند واٽ تي، يا ڪُهنئي، ڪِ ڪَڍنِئي ٻَهار، ۽ سِٽائون سِٽينَ سي، سِٽي پڻ سَتار، ۽ قادر برقرار، سُهڻو سِٽِيندڙن ۾. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا قالوا قَد سَمِعنا لَو نَشاءُ لَقُلنا مِثلَ هٰذا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن اَسان جون آيتون، پڙهجن مَٿنِ پاڻ، چي، ٻڌوسون، ۽ هُوند گُهرون، ته هِهڙيون چيوسون هاڻ، ناهن اِهي اُهڃاڻ، مگر آکاڻيون اڳين جون. |
وَإِذ قالُوا اللَّهُمَّ إِن كانَ هٰذا هُوَ الحَقَّ مِن عِندِكَ فَأَمطِر عَلَينا حِجارَةً مِنَ السَّماءِ أَوِ ائتِنا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 32) |
۽ چي، سانيمِ! ربَّ، ستار!، هِي جي حق، تو وٽان، ته اسان تي اُڀ ڪنان، ڇُهو ڇِپَن وار، يا اسان تي آزار، ڪو آزارِيندڙ، آڻ تون. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم وَأَنتَ فيهِم وَما كانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُم وَهُم يَستَغفِرونَ (آيت : 33) |
۽ هر گز تِنهن حال ۾، الله نه ڏينِ آزار، ته حاضر هُجين تون اُن ۾، ۽ نه ڏِيندڙ ڏُ ک ڏاتار، عرض جڏهن اِظهار، ڪَن پيا ربَّ ڪريم کي. |
وَما لَهُم أَلّا يُعَذِّبَهُمُ اللَّهُ وَهُم يَصُدّونَ عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَما كانوا أَولِياءَهُ إِن أَولِياؤُهُ إِلَّا المُتَّقونَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 34) |
۽ اَٿن ڇا؟ ته اُنهن کي، نه کانئي خداوند، منع واري مسجد کان، جڏهن بد، ڪن پِابند، ۽ اُهي، نه آهن اُن جا، پاڙوسِي پسند، ڀاڙوسِي پاڪن سوا، هِي نه ٻِين جو هنڌ، ۽ گھڻا اُنهن مان گَند، پر پروڙِين ڪِين ڪِي. |
وَما كانَ صَلاتُهُم عِندَ البَيتِ إِلّا مُكاءً وَتَصدِيَةً فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 35) |
۽ ناهي نماز اُنهن جِي، مَسجد وٽ مور، مگر تُوتارا ۽ تاڙيون، پوءِ ناھِ سندُ ڀَرپور، وَٺون ذوق ضرور، جِنهن موجب، ڪُفر ڪندا هئا. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنفِقونَ أَموٰلَهُم لِيَصُدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَسَيُنفِقونَها ثُمَّ تَكونُ عَلَيهِم حَسرَةً ثُمَّ يُغلَبونَ وَالَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ يُحشَرونَ (آيت : 36) |
جي ڦريا کان فرمانَ، خرچِين خزانا پَنهنجا، تان روڪِينِ ربَّ جي راه کان، پوءِ سِگھو خرچِيندس خان! موٽِي ٿِيندو مال سو، اُنهن تي اَرمان، نادان پوءِ نِڌان، ٿِينِ شِڪار، شِڪست جو. ۽ ڦِريا، جي فرمان کان، ميڙيا مڱر پار، |
لِيَميزَ اللَّهُ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَيَجعَلَ الخَبيثَ بَعضَهُ عَلىٰ بَعضٍ فَيَركُمَهُ جَميعًا فَيَجعَلَهُ فى جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 37) |
تان پليد کي، پاڪ ڪنان، ڌڻي ڪري ڌار، ۽ پليندن کي، ڪندو، هڪ ٻئي مَٿان هيڪار، پوءِ مِڙئـِي مِلائي هِڪ ڪندنِ، جِيئن ڪڪرن جيِ قطار، پوءِ مَنجھ دوزخ ڏِيندن دار، اُهي مُورِ وِڃائڻا مُورهين. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا إِن يَنتَهوا يُغفَر لَهُم ما قَد سَلَفَ وَإِن يَعودوا فَقَد مَضَت سُنَّتُ الأَوَّلينَ (آيت : 38) |
جي ڦريا، تن فرماءِ تون، بس ڪن، ته ڀلو تن ڪاڻ، جيڪِي اُنهن کان اڳ ٿيو، سو مرهينِ مِهر ساڻ، پوءِ جي پانهون ٿيندا پاڻ، ته پَر پهرينِ گذرِي پڪ سان. |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ كُلُّهُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 39) |
۽ لَڙو ساڻنِ لال!، تان رهي، ڪِٿي نه رڳڙو، ۽ رَهي رڳو دين، ڌڻئ جو، پوءِ جي ڪيائون بَس بحال، پوءِ جيڪِي ڪن اعمال، سي ڏسندڙ آهي ڏيہ ڌڻي. |
وَإِن تَوَلَّوا فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَولىٰكُم نِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 40) |
۽ جي ڦِريا، ته رکو فَهم ۾، ڳالھ اِها آئين، ته اللهَ آهي، اوهان جو، سائين سَدائين، سُهڻو سو سائين!، پڻ وَه، وَه،! جِھڙو واهرُو. |
وَاعلَموا أَنَّما غَنِمتُم مِن شَيءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ وَما أَنزَلنا عَلىٰ عَبدِنا يَومَ الفُرقانِ يَومَ التَقَى الجَمعانِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 41) |
"۽ ڄاڻو |
إِذ أَنتُم بِالعُدوَةِ الدُّنيا وَهُم بِالعُدوَةِ القُصوىٰ وَالرَّكبُ أَسفَلَ مِنكُم وَلَو تَواعَدتُم لَاختَلَفتُم فِى الميعٰدِ وَلٰكِن لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا لِيَهلِكَ مَن هَلَكَ عَن بَيِّنَةٍ وَيَحيىٰ مَن حَىَّ عَن بَيِّنَةٍ وَإِنَّ اللَّهَ لَسَميعٌ عَليمٌ (آيت : 42) |
جڏهن هُئا ويجھي هنڌ تي، ۽ هو پراهون پنڌ، هئو هيٺائـِين هنڌ، اوڏو اوهان کي قافلو. ۽ هوند ٻَڌان ٻول ڪو ته وِڌان ٻول ۾ ٻِتُور، پر پرور پورا پاڻ ڪري، جي مٿان ڪم منظور، تان مُئو ، جو ساڻ ثابتِي، تِنهن کي ماري مُور، ۽ جو جِيو ساڻ ثابتِي، تِنهن جِياري ضرور، ۽ سُڻندڙ سڀ مَذڪور، دانا وڏو، پاڻ ڌڻي. |
إِذ يُريكَهُمُ اللَّهُ فى مَنامِكَ قَليلًا وَلَو أَرىٰكَهُم كَثيرًا لَفَشِلتُم وَلَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ سَلَّمَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 43) |
جڏهن ڏيکارئـِي، سي ٿورڙا، تُنهنجي سوڻي منجھ ستار، ۽ جيڪر سي ججھا ڪري، توکي ڏيکاريا ڏاتار، ته دِل ڀڳ ٿيا، ۽ بگڙيا، حڪم ۾ هيڪار، پر صحي سلامت رکيان، قادر ربُّ، ڪلتار، سو سائين سَمجھدار، جيڪي سِر سرير ۾. |
وَإِذ يُريكُموهُم إِذِ التَقَيتُم فى أَعيُنِكُم قَليلًا وَيُقَلِّلُكُم فى أَعيُنِهِم لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 44) |
۽ جڏهن اُهي اوهان کي، ٿورڙا پيو ڏيکاري ڏاتار، اوهان جي اکين ۾؛ وار ڪيان جنهن وار، ۽ آن کي، اُنهن جي اکين ۾، پيو اوڇو ڪري اظهار، ته ڪري ڪم مَنظوري، پورو پالڻهار، ۽ پڪ، پاڪ ڌڻي جي پار، موٽن مڙئـِـي معاملا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُم فِئَةً فَاثبُتوا وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 45) |
اي جن مڃيو!، سي مليا، جڏهن، جَٿي سان جونجھار، پوءِ ثابت ٻَڌو سَندرو، پڻ ساريو گھڻو ستار، اِن آسري آڌار، ته صحِي رسندؤ سوڀ کي. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَنٰزَعوا فَتَفشَلوا وَتَذهَبَ ريحُكُم وَاصبِروا إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 46) |
۽ ربَّ ۽ سندسِ رسول جو، ڪريو چيو، چڱِيء چال، ۽ نه بِگڙو، پوءِ دِل ڀَڳ ٿيو، پوءِ ٿِيندان زور زوال، ۽ سَهو؛ ته سَهندنِ نال، ڀيڙو بارِي بادشاه. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم بَطَرًا وَرِئاءَ النّاسِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَاللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 47) |
۽ اُنهن جِيئن نه ٿيو، ته سندنِ جاين مان، نڪتا، جي نڪار، اَجائـِي آڪڙ سان، مَنجھ ماڻهن، مُنهن نِهار، ۽ روڪِين ربَّ جي راه کان؛ ۽ صاحب ربَّ، ستار، جيڪِي ڪن ڪم ڪار، آھِ ڪُونڊو ڪندڙ اُن کي. |
وَإِذ زَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم وَقالَ لا غالِبَ لَكُمُ اليَومَ مِنَ النّاسِ وَإِنّى جارٌ لَكُم فَلَمّا تَراءَتِ الفِئَتانِ نَكَصَ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَقالَ إِنّى بَريءٌ مِنكُم إِنّى أَرىٰ ما لا تَرَونَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 48) |
۽ جڏهن اُنهن جا ڪم، اُنهن لئي سِينگار يا شيطان، چي، اَڄ نه ڏاڍو ڏيہ ۾، ڪو اوهان کان اِنسان، آئون اوهان سان آهيان، جوڙِي وال جوان، جڏهن ڏِٺائين ٻه جوڙيون، ته کِسڪيو کِڙين ڀرخان، چي، آئون اوهان کان آهيان، بيزار بي گمان، آئون ڏِسان، جو اوهين نه ڏِسو، آئون دَهلان ڀَر دَيَّان، ۽ صاحب ربُّ، سُبحان، سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو. |
إِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ غَرَّ هٰؤُلاءِ دينُهُم وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 49) |
جڏهن ٻوليِن پِيا ٻِچا پڙا، ۽ جيٖ جن کي، منجھ جان، ته هُنن کي، دين هِنن جي، هَڻِي ڪيو حيران، جو رکي مَٿي رحمان، پوءِ سائين سَٻر، سَٻوجھ گھڻو. |
وَلَو تَرىٰ إِذ يَتَوَفَّى الَّذينَ كَفَرُوا المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 50) |
۽ جي هُوند ڏِسِين حال تن، جي ڦِريا ڦيٽوڙا، پورو ڪندنِ پاڪ مَلڪ، وِجھندن وِڇوڙا، ۽ مُطرقن سان مُنهن، پُٺيون، سَٽي ڪندڙ سوڙها، چکو، پوءِ چوڙا، سَندا، سزا ساڙ جِي. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 51) |
اَهنجي هٿن، اڳ حاج ڪئـِي، هِي اُن جو اَجر کَرو، ۽ ظالمِ ناھِ ذَرو، بارِي سندسِ بندن سان. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 52) |
فِرعون وارن جِي، گَندِي گَت مِثال، پُڻ اُنهيان اڳي، جن نه مَڃيا، ربَّ جا، ڪَم ڪمال، پوءِ سَندنِ پاپن ۾، جَھليُنِ جَلَّ جَلال، بارِي سَگھو بحال، سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ لَم يَكُ مُغَيِّرًا نِعمَةً أَنعَمَها عَلىٰ قَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 53) |
اهو اِنهي ڪاڻ، ته ڏاتار، نه ڦيري ڏات کي، جا ڪيائين ڪِنهن قوم تي؛ جا سين نه ڦيريْنِ پاڻ، جيڪِي سائين سَهنج ڪيا، سندنِ جِندن ساڻ، ۽ سُڻندڙ ربُّ، سُڄاڻ، پڻ سَمجھندڙ سَڀ ڳالهيون. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَكُلٌّ كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 54) |
فِرعون وارن جِي، مَٺِيءَ چال مِثال، پڻ اُنهن کان اَ ڳيان؛ جن ڪوڙا چيا ڪالھ، سندنِ سائينءَ پاڪ جا، ڪيڏا ڪم ڪمال، پوءِ مايوسونِ مورهين، سندنِ نالائـِقين نال، ٻوڙي چڏيوسونِ ٻار ۾، فِرعون سندو آل، ۽ جاڙون ڪندڙ جال، مِڙئـِي هُئا مُورهين. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الَّذينَ كَفَروا فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 55) |
وَهِٽ بُڇڙا واحد وٽ، جن ڪئـِي ڪُفر جِي ڪار، پوءِ اُهي، نه مَڃين مُورهين؛ |
الَّذينَ عٰهَدتَ مِنهُم ثُمَّ يَنقُضونَ عَهدَهُم فى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُم لا يَتَّقونَ (آيت : 56) |
جن سان ٻڌئـِي ٻول ٻِيهار، وَرِي واعِدا پنهنجا، ڀَڃن بار بار، ۽ اُهي اِختيار، پَر نه ڪَن پرهيز جِي. |
فَإِمّا تَثقَفَنَّهُم فِى الحَربِ فَشَرِّد بِهِم مَن خَلفَهُم لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 57) |
پوءِ، جي پَڪڙِين کِين، جنگ ۾، ته وِجھ ويڇون ، تن ساڻ، جي پويان سندنِ پاڻ، تان ساڱائينِ مانَ سي! |
وَإِمّا تَخافَنَّ مِن قَومٍ خِيانَةً فَانبِذ إِلَيهِم عَلىٰ سَواءٍ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الخائِنينَ (آيت : 58) |
۽ جي ڀانئـِين ڀَو، ڪِنهن قوم کان، ڀَڃڻ اُنهن اَنجام، ته اُڇل وَرِي اُنهن ڏي، مُنهن مُقابِل ڄام!، خِيانتِي، جي خام، سي پَڪ نه وَڻن، ربَّ پاڪ کي. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا سَبَقوا إِنَّهُم لا يُعجِزونَ (آيت : 59) |
بِلڪل نه ڀانئـِين ڪِين ڪِي، جي ڦِريا کان فرمان، ته ڪَسر ٿِيا ڪُفران، ڪَس نه ڪَسِيرو، ڏينِ سي. |
وَأَعِدّوا لَهُم مَا استَطَعتُم مِن قُوَّةٍ وَمِن رِباطِ الخَيلِ تُرهِبونَ بِهِ عَدُوَّ اللَّهِ وَعَدُوَّكُم وَءاخَرينَ مِن دونِهِم لا تَعلَمونَهُمُ اللَّهُ يَعلَمُهُم وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فى سَبيلِ اللَّهِ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 60) |
پُهچي سَگهيا جنهن کي، سوتن لئي رکو تيار، طاقت جنگ جِھاد جِي، ۽ سَرحد تي سُوار، دُشمن ڊِيڄاريو تن سان، پَنهنجا، ڪِ پالڻهار، ۽ ٻِيا، نه ٻُجھو جن کي، ٻُجهي ڌڻِي، تن ڌار؛ ۽ جو خرچيو ربَّ جي راه ۾، سو مِلندان پُورا پار، ۽ اَوهان سان آخرڪار، ظُلم ذَرو ڪِين ڪَبو. |
وَإِن جَنَحوا لِلسَّلمِ فَاجنَح لَها وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 61) |
۽ جي جُھڪيا صُلح لئي، پوءِ اُن لئي جُھڪ، ۽ رک بارِي مٿي بار، سُڻندڙ ربُّ، ستار، سَمجھندڙ سڀ ڳالهيون. |
وَإِن يُريدوا أَن يَخدَعوكَ فَإِنَّ حَسبَكَ اللَّهُ هُوَ الَّذى أَيَّدَكَ بِنَصرِهِ وَبِالمُؤمِنينَ (آيت : 62) |
۽ جي ٺڳڻ گُھرن توکي، پوءِ هادِي بَس، توهار، جنهن پَنهنجي مدد، ۽ مؤمن سان، طاقت ڏِنـئـِي تڪرار؛ |
وَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِهِم لَو أَنفَقتَ ما فِى الأَرضِ جَميعًا ما أَلَّفتَ بَينَ قُلوبِهِم وَلٰكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ بَينَهُم إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 63) |
۽ ڳَـنڍي، ڳولي هِڪ ڪيا، قَلب سندنِ ڪَلتار، جيڪر جيڪِي زمين ۾، لُٽـئي لَـک هزار، ته هِڪ ٻئي سان، تن جا هِنيان، مَلائيِي نه مُختيار!، پر الله هِڪ، هِڪ ڪيا، سندنِ قلب قرار ڏاڍو، سو ڏاتار، پڻ ڏاهو آي، ڏيہ ڌڻي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَسبُكَ اللَّهُ وَمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 64) |
اي نيڪ نبي! تولئي، آهي بَس الله، پڻ جي رَميا، تُنهنجِي راه، مومنن مان مُورهين. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَرِّضِ المُؤمِنينَ عَلَى القِتالِ إِن يَكُن مِنكُم عِشرونَ صٰبِرونَ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ يَغلِبوا أَلفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 65) |
مُرسل! ڀڙڪاءِ مومنِين، جنگ مٿي جونجھار!، ته هوندا صابر اوهان منجهان، پُورا وِيھ وِينجھار، ته کَـٽنڊا ٻِن سَون کان؛ جي هڪ سؤ، ته ڪنان هزار، مَنجھان تن مُنجهائـِـلِين، جن ڪَئـِي ڪفر جِي ڪار، اِهو اِن آڌار، ته قيامًا، نه سَمجھي قوم سا. |
الـٰٔنَ خَفَّفَ اللَّهُ عَنكُم وَعَلِمَ أَنَّ فيكُم ضَعفًا فَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ صابِرَةٌ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم أَلفٌ يَغلِبوا أَلفَينِ بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 66) |
هِينئرهَلڪو اَوهان مٿان، بارِئَ ڪيو بار، ۽ ڄاتئـِين، ته آھِ اوهان ۾، هِيڻائـِي هيڪار، پوءِ هُوندا جي اوهان، صابِر سَو سَچار، ته صحِي ڀائـِن سوڀ سي، ٻن سَوَن تي ٻِيهار، جي هوندو هزار اوهان مان، ته ٻِن هزارنِيان ٻَهار، حُڪم حق درٻار، ۽ سائـِين ڀيڙو صابِرِين. |
ما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكونَ لَهُ أَسرىٰ حَتّىٰ يُثخِنَ فِى الأَرضِ تُريدونَ عَرَضَ الدُّنيا وَاللَّهُ يُريدُ الءاخِرَةَ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 67) |
ناهي رَوانبئ کي، ته هُجَنسِ قيد ڪُفار، تان خون وَهائي خاڪ تي؛ نفعو ننڍِي ڄمار، اَوهين گُھرو ۽ گُھري ٿو، ٻِيو جھان جَبّار، ۽ ڏاڍو ڏيہ ڏاتار، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو. |
لَولا كِتٰبٌ مِنَ اللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُم فيما أَخَذتُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 68) |
جي اڳ، نه اَنگ الله کان، لِکيو هو لاشڪ، ته تِنهن ۾ پَڪڙِينان پَڪ، جو وَرتان وِره وڏاندِري. |
فَكُلوا مِمّا غَنِمتُم حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 69) |
پوءِ کائو جيڪِي کَـٽيان، تنهن مان، مال حلال، ۽ رکو خوف خدا جو؛ اَلله جَلَّ جَلال، بَخشِيندڙ بَحال، مِڙنيان مِهربان گھڻو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِمَن فى أَيديكُم مِنَ الأَسرىٰ إِن يَعلَمِ اللَّهُ فى قُلوبِكُم خَيرًا يُؤتِكُم خَيرًا مِمّا أُخِذَ مِنكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 70) |
جي قيدي اَهنجي هَٿن ۾، چَئو تنهن کي پيغمبر! سَمجي خداخير ڪو، جي اَهنجي مَن اندر، ته اوهان کان وَرتو جو ويو، تنهن کان ڀلو بِهتر، ڏيندو؛ ۽ اَهنجي ڏوهن کان، ڪندو درگُذر، ۽ آهي ربُّ رهبر، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو . |
وَإِن يُريدوا خِيانَتَكَ فَقَد خانُوا اللَّهَ مِن قَبلُ فَأَمكَنَ مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
خان! خيانت جو، توسان، جي پَھ پَچائـِن پُور، ته خيانت خدا سان، مَهند ڪيائون مُور، پوءِ، وَجھ وَٺائـِين اُنهن کان، زوري ساڻ ضرور، ۽ پَرور، ساڻ پَرُوڙ، پڻ حڪمتِي، هوشيار گھڻو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَالَّذينَ ءامَنوا وَلَم يُهاجِروا ما لَكُم مِن وَلٰيَتِهِم مِن شَيءٍ حَتّىٰ يُهاجِروا وَإِنِ استَنصَروكُم فِى الدّينِ فَعَلَيكُمُ النَّصرُ إِلّا عَلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 72) |
آندو جن ايمان، ۽ پُوريائون پَرْ ڏيہ کي، لَڙيا ربَّ جي راه ۾، مانجِهي مَنجھ ميدان، سندن مال مَتاع سان، پڻ سندن جسم جان، ۽ ماڳ ڏِنائون ۽ مَددون، آڌر ڀاء عيان، اُهي ڀائر بي گمان، هرگز وارث هِڪ ٻِئي سندا. ۽ آندو جن ايمان، ۽ نه سِڌاريا ساڻيھ کان، تن موئي سندنِ مال مان، ڪاشئ اوهان لئي ڪانه، تان پلاڻينِ پرديس کي، ڇَڏي ماڳ مڪان؛ ۽ جي مدد گُھرنِيان مذهب ۾، ته مَٿيئان مهربان، تِنهن پَهر سوا، ته پاڻ ۾، پَڪا ٻَڌان پيمان، ۽ جيڪِي ڪريو مُنجھ جھان، سو ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌڻي. |
وَالَّذينَ كَفَروا بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ إِلّا تَفعَلوهُ تَكُن فِتنَةٌ فِى الأَرضِ وَفَسادٌ كَبيرٌ (آيت : 73) |
جي ڦِريا کان فرمان، اُهي وارث هِڪ ٻِئن جا، جي ڪيان ڪِين ڪم، اِهو، ته ڀُون ۾ بي گمان، اهکو اِمتحان، پڻ هوندو وڏو وِڏور ڪو . |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 74) |
۽ آندو جن اِيمان، پڻ سِڌاريا ساڻيھ کان، ۽ لڙياربَّ جي راه ۾، جوڌا جنگ، جوان، ماڳ ڏِنائون ۽ مددون، اُهي مُقرّر مسلمان، بَخشش بي گمان، پڻ سَمر سڳورو، اُنهن لئي، |
وَالَّذينَ ءامَنوا مِن بَعدُ وَهاجَروا وَجٰهَدوا مَعَكُم فَأُولٰئِكَ مِنكُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 75) |
۽ آندو جن ايمان پوءِ، ۽ سانگ سِڌاريا، ۽ تو ڀيڙا لالن! لَڙيا، پوءِ اوهان مان عيان؛ ۽ قَرابتِي ڪي ڪن ڪنان، بهتر بي گمان، قادر جي ڪتاب ۾؛ سڀئي باب بيان، سَمجھندڙ سُبحان، حقيقت هر ڳالھ جي. |