يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَنفالِ قُلِ الأَنفالُ لِلَّهِ وَالرَّسولِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَصلِحوا ذاتَ بَينِكُم وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 1) |
توکان غنيمت جي مالن جو پڇن ٿا. چئو ته غنيمت جا مال الله ۽ رسول جا آهن. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ پنهنجي اندروني معاملن کي درست ڪريو (يعني پاڻ ۾ جهڳڙو نه ڪريو) ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَإِذا تُلِيَت عَلَيهِم ءايٰتُهُ زادَتهُم إيمٰنًا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 2) |
ايمان وارا فقط اهي آهن جو جڏهن الله کي ياد ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڊڄن ٿيون، ۽ جڏهن کين سندس آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي (آيتون) انهن جي ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا، |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جيڪي نماز کي قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا. |
أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم دَرَجٰتٌ عِندَ رَبِّهِم وَمَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
اهي ئي سچا ايمان وارا آهن، انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ درجا ۽ معافي ۽ چڱي روزي آهي. |
كَما أَخرَجَكَ رَبُّكَ مِن بَيتِكَ بِالحَقِّ وَإِنَّ فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ لَكٰرِهونَ (آيت : 5) |
جيئن توکي تنهنجي پاليندڙ تنهنجي گهر مان مصلحت سان ڪڍيو ۽ بيشڪ ايمان وارن مان هڪ جماعت (ان ڪم کي) ناپسند ڪرڻ واري هئي. |
يُجٰدِلونَكَ فِى الحَقِّ بَعدَما تَبَيَّنَ كَأَنَّما يُساقونَ إِلَى المَوتِ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 6) |
انهن سچي ڳالهه پڌري ٿيڻ بعد به ان ۾ جهڳڙو ڪيو ٿي ڄڻ ته انهن کي موت ڏي ڪاهيو وڃي ٿو ۽ اهي (موت) ڏسي رهيا آهن. |
وَإِذ يَعِدُكُمُ اللَّهُ إِحدَى الطّائِفَتَينِ أَنَّها لَكُم وَتَوَدّونَ أَنَّ غَيرَ ذاتِ الشَّوكَةِ تَكونُ لَكُم وَيُريدُ اللَّهُ أَن يُحِقَّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَيَقطَعَ دابِرَ الكٰفِرينَ (آيت : 7) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن الله اوهان سان وعدو ڪيو ٿي ته (ڪافرن جي) ٻن جماعتن مان هڪ اوهان کي هٿ لڳندي ۽ اوهان پسند ڪيو ٿي ته بي هٿيار جماعت اوهان کي ملي ۽ الله گهريو ٿي ته سچ کي پنهنجي ڳالهين سان ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ وڍي ڇڏي، |
لِيُحِقَّ الحَقَّ وَيُبطِلَ البٰطِلَ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 8) |
هن لاءِ ته سچ کي ثابت ڪري ۽ ڪوڙ کي ناس ڪري جيتوڻيڪ گنهگار (اها ڳالهه) ناپسند ڪن. |
إِذ تَستَغيثونَ رَبَّكُم فَاستَجابَ لَكُم أَنّى مُمِدُّكُم بِأَلفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُردِفينَ (آيت : 9) |
جڏهن اوهان پنهنجي پاليندڙ کي فرياد ٿي ڪيو پوءِ اوهان جي دعا قبول ڪيائين ته آءُ اڳ ايندڙ هزار ملائڪن سان اوهان جي مدد ڪرڻ وارو آهيان. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ وَلِتَطمَئِنَّ بِهِ قُلوبُكُم وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ الله ان (مدد) کي رڳو خوشخبري ڪيو ۽ هن لاءِ ته اسان اوهان جي دلين کي تسلي ٿئي.۽ فتح رڳو الله وٽان آهي. بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
إِذ يُغَشّيكُمُ النُّعاسَ أَمَنَةً مِنهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيكُم مِنَ السَّماءِ ماءً لِيُطَهِّرَكُم بِهِ وَيُذهِبَ عَنكُم رِجزَ الشَّيطٰنِ وَلِيَربِطَ عَلىٰ قُلوبِكُم وَيُثَبِّتَ بِهِ الأَقدامَ (آيت : 11) |
جڏهن پنهنجي طرف کان تسلي (ڏيڻ) لاءِ اوهان کي اوجهراڪيءَ سان ڍڪيائين ٿي ۽ اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي لاٿائين ٿي ته ان سان اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان کان شيطان جي پليتي پري ڪري ۽ اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ ان سان اوهان جا پير ڄمائي. |
إِذ يوحى رَبُّكَ إِلَى المَلٰئِكَةِ أَنّى مَعَكُم فَثَبِّتُوا الَّذينَ ءامَنوا سَأُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ فَاضرِبوا فَوقَ الأَعناقِ وَاضرِبوا مِنهُم كُلَّ بَنانٍ (آيت : 12) |
جڏهن تنهنجي پاليندڙ ملائڪن ڏي وحي ٿي ڪيو ته آءُ اوهان سان آهيان پوءِ ايمان وارن کي همٿايو. آءُ ڪافرن جي دلين ۾ دهشت وجهندس، پوءِ گردنن تي ڌڪ هڻو ۽ انهن جي سنڌ سنڌ تي ڌڪ هڻو ! |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِقِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 13) |
اهو هن ڪري آهي جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جي سزا سخت آهي. |
ذٰلِكُم فَذوقوهُ وَأَنَّ لِلكٰفِرينَ عَذابَ النّارِ (آيت : 14) |
ان (سزا) کي (هينئر) چکو ۽ (ڄاڻو ته) ڪافرن لاءِ باهه جو عذاب آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا زَحفًا فَلا تُوَلّوهُمُ الأَدبارَ (آيت : 15) |
اي ايمان وارؤ ! جڏهن ميدان جنگ ۾ ڪافرن سان آمهون سامهون ٿيو ته انهن کان پٺيون نه ڦيريو. |
وَمَن يُوَلِّهِم يَومَئِذٍ دُبُرَهُ إِلّا مُتَحَرِّفًا لِقِتالٍ أَو مُتَحَيِّزًا إِلىٰ فِئَةٍ فَقَد باءَ بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 16) |
۽ لڙائيءَ جي کيڏاڙيءَ يا (پنهنجي لشڪر جي) ڪنهن جماعت ڏي پناهه وٺندڙ کان سواءِ جيڪو ان ڏينهن انهن کان پنهنجي پٺ ڦيريندو سو بيشڪ الله جو ڏمر وٺي ڦريو ۽ ان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. |
فَلَم تَقتُلوهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ قَتَلَهُم وَما رَمَيتَ إِذ رَمَيتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ رَمىٰ وَلِيُبلِىَ المُؤمِنينَ مِنهُ بَلاءً حَسَنًا إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 17) |
پوءِ اوهان انهن کي قتل نه ڪيو پر انهن کي الله قتل ڪيو، ۽ جڏهن تو (ڌوڙ جي مٺ) اڇلي ته اها تو نه اُڇلي پر الله اڇلي ۽ هن لاءِ ته ايمان وارن تي پنهنجي طرفان چڱو احسان ڪري. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
ذٰلِكُم وَأَنَّ اللَّهَ موهِنُ كَيدِ الكٰفِرينَ (آيت : 18) |
ڳالهه اها آهي ۽ (ڄاڻو ته) بيشڪ الله ڪافرن جي تدبير کي ڪمزور ڪرڻ وارو آهي. |
إِن تَستَفتِحوا فَقَد جاءَكُمُ الفَتحُ وَإِن تَنتَهوا فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَعودوا نَعُد وَلَن تُغنِىَ عَنكُم فِئَتُكُم شَيـًٔا وَلَو كَثُرَت وَأَنَّ اللَّهَ مَعَ المُؤمِنينَ (آيت : 19) |
(اي ڪافرؤ !) جيڪڏهن فتح گهرو ٿا ته (اها) فتح اوهان وٽ پهچي چڪي. ۽ جيڪڏهن باز اچو ٿا ته اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ جيڪڏهن وري اهوئي ڪم ڪندؤ ته اسين به اهوئي ڪم ڪنداسون ۽ اوهان کي اوهان جو لشڪر ڪجهه به ڪم نه ايندو جيتوڻيڪ گهڻو هجي ۽ پڪ (ڄاڻو ته) الله ايمان وارن سان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَوَلَّوا عَنهُ وَأَنتُم تَسمَعونَ (آيت : 20) |
اي ايمان وارؤ ! الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ ان کان نه ڦرو هوڏانهن اوهين (قرآن) ٻڌو ٿا. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ قالوا سَمِعنا وَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 21) |
۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن چيو ته اسان ٻڌو ۽ اهي نه ٻڌندا هئا. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الصُّمُّ البُكمُ الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 22) |
بيشڪ سڀني جانورن مان زياده بڇڙا الله وٽ اهي ٻوڙا گونگا آهن جيڪي عقل کان ڪم نه ٿا وٺن. |
وَلَو عَلِمَ اللَّهُ فيهِم خَيرًا لَأَسمَعَهُم وَلَو أَسمَعَهُم لَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
۽ جيڪڏهن الله انهن ۾ ڪا ڀلائي ڄاڻي ها ته ضرور کين ٻڌائي ها ۽ جيڪڏهن انهن کي ٻڌائي ها ته به اهي منهن موڙي ڦري وڃن ها. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَجيبوا لِلَّهِ وَلِلرَّسولِ إِذا دَعاكُم لِما يُحييكُم وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَحولُ بَينَ المَرءِ وَقَلبِهِ وَأَنَّهُ إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
اي ايمان وارؤ ! الله ۽ رسول جو حڪم قبول ڪريو جڏهن اوهان کي ان ڪم ڏي سڏي جنهن ۾ اوهان جي زندگي آهي. ۽ ڄاڻو ته الله ماڻهوءَ ۽ سندس دل جي وچ ۾ پردو ٿئي ٿو ۽ ان ڏي ئي اوهان کي گڏ ڪيو ويندو |
وَاتَّقوا فِتنَةً لا تُصيبَنَّ الَّذينَ ظَلَموا مِنكُم خاصَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 25) |
۽ اهڙي فساد کان ڊڄو جو خاص ڪري اوهان مان ظالمن تي نه پوندو (پر عام هوندو). ۽ ڄاڻو ته الله جي سزا سخت آهي. |
وَاذكُروا إِذ أَنتُم قَليلٌ مُستَضعَفونَ فِى الأَرضِ تَخافونَ أَن يَتَخَطَّفَكُمُ النّاسُ فَـٔاوىٰكُم وَأَيَّدَكُم بِنَصرِهِ وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 26) |
۽ ياد ڪريو جڏهن اوهين زمين ۾ (مڪي ۾) ٿورا (۽) ڪمزور سمجهيا ويندا هئا، اوهين ڊنا ٿي ته متان اوهان کي ماڻهو امالڪ کڻي وڃن، پوءِ اوهان کي (مديني ۾ ) جاءِ ڏنائين ۽ اوهان کي پنهنجي مدد سان طاقت ڏنائين ۽ اوهان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين مَنَ اوهين شڪر ڪريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَخونُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ وَتَخونوا أَمٰنٰتِكُم وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 27) |
اي ايمان وارؤ ! الله ۽ رسول جي خيانت نه ڪريو ۽ ڄاڻي واڻي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي امانتن جي خيانت نه ڪريو. |
وَاعلَموا أَنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 28) |
۽ ڄاڻو ته اوهان جا مال ۽ اوهان جا اولاد رڳو امتحان آهن، ۽ الله وٽ وڏو اجر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَتَّقُوا اللَّهَ يَجعَل لَكُم فُرقانًا وَيُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
اي ايمان وارؤ ! جيڪڏهن الله کان ڊڄندؤ ته اوهان ۾ (حق کي باطل کان) جدا ڪندڙ طاقت پيدا ڪندو ۽ اوهان جا گناهه اوهان کان پري ڪندو ۽ اوهان کي معاف ڪندو. ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. |
وَإِذ يَمكُرُ بِكَ الَّذينَ كَفَروا لِيُثبِتوكَ أَو يَقتُلوكَ أَو يُخرِجوكَ وَيَمكُرونَ وَيَمكُرُ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 30) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ڪافرن توسان فريب ٿي ڪيو ته توکي قيد ڪن يا توکي قتل ڪن يا توکي (ملڪ مان) ڪڍي ڇڏين. ۽ انهن رٿ رٿي ٿي ۽ الله به رٿ رٿي ٿي. ۽ الله سڀني رٿ رٿيندڙن کان چڱو آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا قالوا قَد سَمِعنا لَو نَشاءُ لَقُلنا مِثلَ هٰذا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چون ٿا ته بيشڪ اسان ٻڌو، جيڪڏهن اسين گهرون ها ته ان جهڙو اسين به چئون ها، اهو رڳو اڳوڻن جون آکاڻيون آهي. |
وَإِذ قالُوا اللَّهُمَّ إِن كانَ هٰذا هُوَ الحَقَّ مِن عِندِكَ فَأَمطِر عَلَينا حِجارَةً مِنَ السَّماءِ أَوِ ائتِنا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 32) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن چيائون ته اي الله ! جيڪڏهن تنهنجي طرفان هيءُ (قرآن) حق آهي ته اسان تي آسمان مان پٿر وساءِ، يا اسان تي ڪو دردناڪ عذاب آڻ ! |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم وَأَنتَ فيهِم وَما كانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُم وَهُم يَستَغفِرونَ (آيت : 33) |
۽ الله انهن کي تنهنجي انهن ۾ هوندي عذاب ڪرڻ وارو نه هو. ۽ نڪي الله انهن کي عذاب ڏيڻ وارو آهي جنهن حالت ۾ اهي معافي گهرن ٿا. |
وَما لَهُم أَلّا يُعَذِّبَهُمُ اللَّهُ وَهُم يَصُدّونَ عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَما كانوا أَولِياءَهُ إِن أَولِياؤُهُ إِلَّا المُتَّقونَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 34) |
۽ انهن ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي جو الله کين عذاب نه ڪري هوڏانهن اهي مسجد حرام کان روڪين ٿا، ۽ اهي ان (مسجد) جي سنڀالڻ لائق به نه آهن. ان جا سنڀال لائق رڳا پرهيزگار آهن پر (اها ڳالهه) انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
وَما كانَ صَلاتُهُم عِندَ البَيتِ إِلّا مُكاءً وَتَصدِيَةً فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 35) |
۽ سندن نماز ڪعبه وٽ سيٽيون وڄائڻ ۽ تاڙين وڄائڻ کانسواءِ ڪجهه نه آهي. پوءِ اوهين جيڪو ڪفر پيا ڪريو تنهن جي ڪري عذاب چکو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنفِقونَ أَموٰلَهُم لِيَصُدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَسَيُنفِقونَها ثُمَّ تَكونُ عَلَيهِم حَسرَةً ثُمَّ يُغلَبونَ وَالَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ يُحشَرونَ (آيت : 36) |
بيشڪ ڪافر پنهنجا مال هن لاءِ خرچ ڪن ٿا ته الله جي رستي کان روڪين،سو اهي (ٻيهر به) ان کي خرچ ڪندا، پوءِ اهو (خرچ ڪرڻ) مٿن پشيماني ٿيندو وري مغلوب ٿيندا. ۽ ڪافرن کي دوزخ ڏي گڏ ڪيو ويندو. |
لِيَميزَ اللَّهُ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَيَجعَلَ الخَبيثَ بَعضَهُ عَلىٰ بَعضٍ فَيَركُمَهُ جَميعًا فَيَجعَلَهُ فى جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 37) |
هن لاءِ ته الله پليت کي پاڪ کان جدا ڪري ۽ پليت کي هڪ ٻئي تي رکي پوءِ ان کي هيڪاندو ڍير ڪري پوءِ ان کي دوزخ ۾ وجهي. اهي ئي نقصان وارا آهن. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا إِن يَنتَهوا يُغفَر لَهُم ما قَد سَلَفَ وَإِن يَعودوا فَقَد مَضَت سُنَّتُ الأَوَّلينَ (آيت : 38) |
ڪافرن کي چئو ته جيڪڏهن باز ايندا ته جو ڪجهه گذري چڪو سو کين معاف ڪيو ويندو. ۽ جيڪڏهن وري اهو ئي ڪم ڪندا ته اڳين تي جاري ٿيل قاعدو گذري چڪو آهي (سو هنن تي به جاري ٿيندو). |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ كُلُّهُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 39) |
۽ (اي مسلمانؤ) انهن سان جنگ ڪريو تانجو فساد (يعني ڪفر جو غلبو) نه رهي ۽ دين سمورو الله جو ٿئي. پوءِ جيڪڏهن باز اچن ته الله انهن جي ڪمن کي ڏسندڙ آهي. |
وَإِن تَوَلَّوا فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَولىٰكُم نِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 40) |
۽ جيڪڏهن منهن موڙين ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته الله اوهان جو مددگار آهي. (اهوئي) چڱو مالڪ ۽ چڱو مددگار آهي. |
وَاعلَموا أَنَّما غَنِمتُم مِن شَيءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ وَما أَنزَلنا عَلىٰ عَبدِنا يَومَ الفُرقانِ يَومَ التَقَى الجَمعانِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 41) |
۽ ڄاڻو ته جيڪا به اوهان (ڪافرن کان) غنيمت هٿ ڪئي، تنهن جو پنجون حصو الله لاءِ ۽ رسول ۽ (رسول جي) مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، جيڪڏهن اوهان الله تي ايمان آندو آهي ۽ ان شيءِ تي (به) جا اسان پنهنجي ٻانهي تي فيصلي جي ڏينهن نازل ڪئي جڏهن ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
إِذ أَنتُم بِالعُدوَةِ الدُّنيا وَهُم بِالعُدوَةِ القُصوىٰ وَالرَّكبُ أَسفَلَ مِنكُم وَلَو تَواعَدتُم لَاختَلَفتُم فِى الميعٰدِ وَلٰكِن لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا لِيَهلِكَ مَن هَلَكَ عَن بَيِّنَةٍ وَيَحيىٰ مَن حَىَّ عَن بَيِّنَةٍ وَإِنَّ اللَّهَ لَسَميعٌ عَليمٌ (آيت : 42) |
جڏهن اوهين اورئين پاسي هئا ۽ اهي پرئين پاسي هئا ۽ قافلي وارا اوهان کان گهڻو هيٺ هئا (يعني سمنڊ جي نزديڪ هئا) ۽ جيڪڏهن پاڻ ۾ (جنگ جو) وعدو ڪريو ها ته ضرور وعدي ۾ اختلاف ڪريو ها پر (اوهان ۽ ڪافرن کي گڏ ڪيائين) هن لاءِ ته جو ڪم ڪرڻو هو تنهن کي الله پورو ڪري، يعني جيڪو برباد ٿئي سو چٽائي ٿيڻ کانپوءِ برباد ٿئي ۽ جيڪو جيئرو رهي سو چٽائي ٿيڻ کان پوءِ جيئرو رهي ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ يُريكَهُمُ اللَّهُ فى مَنامِكَ قَليلًا وَلَو أَرىٰكَهُم كَثيرًا لَفَشِلتُم وَلَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ سَلَّمَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 43) |
جڏهن الله تنهنجي خواب ۾ توکي اهي ٿورا ڏيکاريا. ۽ جيڪڏهن توکي اهي گهڻا ڏيکاري ها ته ضرور اوهين بي همت ٿيو ها ۽ (ان) ڪم ۾ ضرور پاڻ ۾ جهڳڙو ڪريو ها پر الله بچايو. بيشڪ اهو دلين جي ڳالهه کي ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِذ يُريكُموهُم إِذِ التَقَيتُم فى أَعيُنِكُم قَليلًا وَيُقَلِّلُكُم فى أَعيُنِهِم لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 44) |
۽ جڏهن اوهان کي اوهان جي اکين ۾ اهي ٿورا ڏيکاريائين جڏهن اوهين هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا هئا ۽ انهن جي اکين ۾ اوهان کي ٿورا ڪيائين هن لاءِ ته جو ڪم ڪرڻو هو تنهن کي الله پورو ڪري ۽ الله ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُم فِئَةً فَاثبُتوا وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 45) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهين ڪنهن جماعت سان (جنگ ۾ ) ؛مهون سامهون ٿيو ته ثابت قدم رهو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪريو مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَنٰزَعوا فَتَفشَلوا وَتَذهَبَ ريحُكُم وَاصبِروا إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 46) |
۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو نه ڪريو نه ته بي همت ٿي پوندؤ ۽ اوهان جي طاقت ويندي هلي. ۽ صبر ڪريو. بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان آهي. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم بَطَرًا وَرِئاءَ النّاسِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَاللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 47) |
۽ انهن جهڙا نه ٿيو جيڪي پنهنجن گهرن مان آڪڙ سان ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ نڪتا ۽ الله جي رستي کان روڪين ٿا. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کي الله گهيرو ڪندڙ آهي. |
وَإِذ زَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم وَقالَ لا غالِبَ لَكُمُ اليَومَ مِنَ النّاسِ وَإِنّى جارٌ لَكُم فَلَمّا تَراءَتِ الفِئَتانِ نَكَصَ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَقالَ إِنّى بَريءٌ مِنكُم إِنّى أَرىٰ ما لا تَرَونَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 48) |
۽ جڏهن شيطان انهن کي سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا ۽ چيائين ته اڄ ماڻهن مان ڪوبه اوهان تي غالب ٿيڻ وارو نه آهي، ۽ آءُ اوهان جو مددگار آهيان. پوءِ جڏهن ٻنهين جماعتن هڪ ٻئي کي ڏٺو ته (شيطان) پنهنجن کڙين ڀر ڦريو ۽ چيائين ته آءَ اوهان کان بيزار آهيان، جيڪي اوهين نه ٿا ڏسو تنهن کي آءُ ڏسان ٿو. بيشڪ آءُ الله کان ڊڄان ٿو ۽ الله جو عذاب سخت آهي. |
إِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ غَرَّ هٰؤُلاءِ دينُهُم وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 49) |
جڏهن منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آهي تن چيو ٿي ته هنن کي سندن دين ڌوڪو ڏنو آهي ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪري ٿو ته پوءِ بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ يَتَوَفَّى الَّذينَ كَفَرُوا المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 50) |
۽ (توکي عجب ٿئي ها) جيڪڏهن تون ڏسين ها، جنهن وقت ملائڪ ڪافرن جو ساهه ڪڍن ٿا ۽ انهن جي منهن ۽ انهن جي پُٺين کي مارين ٿا ۽ (چون ٿا ته) ٻرندڙ باهه جو عذاب چکو. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 51) |
اهو انهن (ڪرتوتن) جي ڪري آهي جن کي اوهان جي هٿن اڳي موڪليو ۽ هن ڪري ته الله ٻانهن تي ظلم ڪندڙ نه آهي. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 52) |
(انهن جو حال) فرعونين ۽ انهن کان اڳين جي حال جهڙو آهي، انهن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو. پوءِ الله کين سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو. بيشڪ الله طاقتور (۽) سندس سزا سخت آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ لَم يَكُ مُغَيِّرًا نِعمَةً أَنعَمَها عَلىٰ قَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 53) |
اهو هن ڪري آهي جو الله جيڪا به نعمت ڪنهن قوم کي ڏني آهي تنهن کي بدلائڻ وارو نه آهي جيستائين جيڪا سندن حالت آهي تنهن کي اهي نه بدلائين ۽ هن ڪري ته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَكُلٌّ كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 54) |
فرعونين ۽ انهن کان اڳين جي حال وانگر (انهن جو حال آهي). انهن پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين کي ڪوڙو چيو پوءِ انهن کي سندن گناهن جي ڪري برباد ڪيوسون ۽ فرعونين کي ٻوڙيوسون. ۽ (اُهي) سڀئي ظالم هئا. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الَّذينَ كَفَروا فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 55) |
سڀني جانورن مان زياده بڇڙا الله وٽ اُهي آهن جن ڪفر ڪيو پوءِ اهي ايمان نه ٿا آڻين. |
الَّذينَ عٰهَدتَ مِنهُم ثُمَّ يَنقُضونَ عَهدَهُم فى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُم لا يَتَّقونَ (آيت : 56) |
اهي (ڪافر) جن سان تنهنجو معاهدو ٿيو پوءِ اهي پنهنجو انجام سڀڪنهن ڀيري ڀڃن ٿا |
فَإِمّا تَثقَفَنَّهُم فِى الحَربِ فَشَرِّد بِهِم مَن خَلفَهُم لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 57) |
۽ اهي (انجام ڀڃڻ جي وبال کان) نه ٿا ڊڄن. پوءِ جيڪڏهن اهي جنگ ۾ تنهنجي هٿ اچن ته پوءِ کين سزا ڏيڻ سان انهن کي ڀڄاءِ جيڪي سندن پٺيان آهن ته مَنَ اهي ياد رکن. |
وَإِمّا تَخافَنَّ مِن قَومٍ خِيانَةً فَانبِذ إِلَيهِم عَلىٰ سَواءٍ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الخائِنينَ (آيت : 58) |
۽ جيڪڏهن توکي ڪنهن قوم جي دغابازيءَ کان ڊپ ٿئي ته تون انهن ڏي (سندن معاهدي کي) اهڙي طرح اڇل جيئن تون ۽ اهي برابر ٿي وڃو. بيشڪ الله دغابازن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا سَبَقوا إِنَّهُم لا يُعجِزونَ (آيت : 59) |
۽ ڪافر هرگز خيال نه ڪن ته اهي اڳي وڌي ويا. بيشڪ اهي عاجز ڪري نه سگهندا. |
وَأَعِدّوا لَهُم مَا استَطَعتُم مِن قُوَّةٍ وَمِن رِباطِ الخَيلِ تُرهِبونَ بِهِ عَدُوَّ اللَّهِ وَعَدُوَّكُم وَءاخَرينَ مِن دونِهِم لا تَعلَمونَهُمُ اللَّهُ يَعلَمُهُم وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فى سَبيلِ اللَّهِ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪي اوهان کان هٿيارن ۽ پاليل گهوڙن مان ٿي سگهي سو انهن (سان جنگ ڪرڻ) لاءِ تيار ڪريو، ان سان اوهين الله جي دشمنن ۽ پنهنجن دشمنن کي ڊيڄاريندؤ، ۽ انهن کانسواءِ ٻين کي (به) جن کي اوهين نه ٿا ڄاڻو، الله انهن کي ڄاڻي ٿو. جو ڪجهه الله جي رستي ۾ خرچ ڪندو سو اوهان کي پورو ڏنو ويندو ۽ اوهان تي ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَإِن جَنَحوا لِلسَّلمِ فَاجنَح لَها وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏهن اهي صلح جو خيال ڪن ته تون به ان جو خيال ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر! بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِن يُريدوا أَن يَخدَعوكَ فَإِنَّ حَسبَكَ اللَّهُ هُوَ الَّذى أَيَّدَكَ بِنَصرِهِ وَبِالمُؤمِنينَ (آيت : 62) |
۽ جيڪڏهن توکي دغا ڏيڻ گهرن ٿا ته پوءِ بيشڪ الله تولاءِ ڪافي آهي. هو اُهو آهي جنهن توکي پنهنجي مدد سان ۽ ايمان وارن سان طاقت ڏني. |
وَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِهِم لَو أَنفَقتَ ما فِى الأَرضِ جَميعًا ما أَلَّفتَ بَينَ قُلوبِهِم وَلٰكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ بَينَهُم إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 63) |
۽ ايمان وارن جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين. جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀئي تون خرچ ڪرين ها ته انهن جي دلين ۾ ميلاپ وجهي نه سگهين ها پر الله سندن وچ ۾ ميلاپ وڌو. بيشڪ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَسبُكَ اللَّهُ وَمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 64) |
اي نبي! الله تولاءِ ڪافي آهي ۽ انهن ايمان وارن لاءِ به جن تنهنجي تابعداري ڪئي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَرِّضِ المُؤمِنينَ عَلَى القِتالِ إِن يَكُن مِنكُم عِشرونَ صٰبِرونَ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ يَغلِبوا أَلفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 65) |
اي نبي! ايمان وارن کي جنگ جو شوق ڏيار! جيڪڏهن اوهان مان ويهه ڄڻا ثابت قدم رهڻ وارا هوندا ته اهي ٻن سَوَن تي غالب ٿيندا. ۽ جيڪڏهن اوهان مان سَوَ ڄڻا هوندا ته هزار ڪافرن تي غالب ٿيندا، اهو هن ڪري ته اهي اهڙي قوم آهن جي نه ٿا سمجهن. |
الـٰٔنَ خَفَّفَ اللَّهُ عَنكُم وَعَلِمَ أَنَّ فيكُم ضَعفًا فَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ صابِرَةٌ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم أَلفٌ يَغلِبوا أَلفَينِ بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 66) |
هاڻي الله توهان تان بار هلڪو ڪيو، ۽ ڄاتائين ته اوهان ۾ ڪمزوري آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان مان ثابت قدم رهڻ وارا سؤ ڄڻا هوندا اهي ٻن سون تي غالب ٿيندا ۽ جيڪڏهن اوهان مان هزار ڄڻا هوندا ته الله جي حڪم سان ٻن هزارن تي غالب ٿيندا. ۽ الله ثابت قدم رهڻ وارن سان آهي. |
ما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكونَ لَهُ أَسرىٰ حَتّىٰ يُثخِنَ فِى الأَرضِ تُريدونَ عَرَضَ الدُّنيا وَاللَّهُ يُريدُ الءاخِرَةَ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 67) |
نبي کي (ايتري تائين) هيءُ مناسب نه آهي ته سندس هٿ ۾ قيدي هجن جيتري تائين جو زمين ۾ چڱيءَ طرح رت ڇاڻ نه ڪري. اوهين دنيا جو سامان گهرو ٿا ۽ الله (اوهان لاءِ) آخرت جو ارادو ڪري ٿو. |
لَولا كِتٰبٌ مِنَ اللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُم فيما أَخَذتُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 68) |
۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. جيڪڏهن الله جي طرفان لکيل ڳالهه گذري نه چڪي هجي ها ته جيڪو (فديو) اوهان ورتو تنهن جي ڪري اوهان کي ضرور وڏو عذاب پهچي ها. |
فَكُلوا مِمّا غَنِمتُم حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 69) |
پوءِ اوهان غنيمت ۾ جيڪو پاڪ حلال (مال) هٿ ڪيو تنهن مان کائو. ۽ الله کان ڊڄو! بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِمَن فى أَيديكُم مِنَ الأَسرىٰ إِن يَعلَمِ اللَّهُ فى قُلوبِكُم خَيرًا يُؤتِكُم خَيرًا مِمّا أُخِذَ مِنكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 70) |
اي نبي! جيڪي اوهان جي هٿن ۾ قيدي آهن، تن کي چئو ته جيڪڏهن الله اوهان جي دلين ۾ ڪا ڀلائي ڄاڻندو ته جيڪي اوهان کان ورتو ويو آهي تنهن کان گهڻو چڱو اوهان کي ڏيندو ۽ اوهان کي معاف (به) ڪندو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَإِن يُريدوا خِيانَتَكَ فَقَد خانُوا اللَّهَ مِن قَبلُ فَأَمكَنَ مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
۽ جيڪڏهن توسان دغا بازي ڪرڻ گهرندا ته پوءِ بيشڪ انهن هن کان اڳ به الله سان دغابازي ڪئي هئي پوءِ (توکي بدر جي ميدان ۾ ) مٿن قدرت ڏنائين ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَالَّذينَ ءامَنوا وَلَم يُهاجِروا ما لَكُم مِن وَلٰيَتِهِم مِن شَيءٍ حَتّىٰ يُهاجِروا وَإِنِ استَنصَروكُم فِى الدّينِ فَعَلَيكُمُ النَّصرُ إِلّا عَلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 72) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيو ۽ الله جي رستي ۾ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان جنگ ڪئي، ۽ جن (توکي مديني ۾ ) جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اهي هڪ ٻئي جا دوست آهن ۽ جن ايمان آندو پر وطن نه ڇڏيو ته اوهان کي (تيستائين) انهن جي دوستيءَ سان ڪجهه ڪم نه آهي جيستائين اهي وطن نه ڇڏين ۽ جيڪڏهن دين (جي ڪم) ۾ اوهان کان مدد گهرن ته اوهان کي مدد ڏيڻ لازم آهي پر اهڙي قوم جي مقابلي ۾ نه، جن جي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو معاهدو (ٿيل) هجي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ إِلّا تَفعَلوهُ تَكُن فِتنَةٌ فِى الأَرضِ وَفَسادٌ كَبيرٌ (آيت : 73) |
۽ ڪافر هڪ ٻئي جا دوست آهن. جيڪڏهن ان ڪم کي نه ڪندؤ ته زمين ۾ فتنو ۽ وڏو فساد ٿيندو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 74) |
۽ جن ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيو ۽ الله جي رستي ۾ جنگ ڪئي ۽ جن (توکي مديني ۾) جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اهي ئي سچا ايمان وارا آهن. انهن لاءِ معافي ۽ عزت جو رزق آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا مِن بَعدُ وَهاجَروا وَجٰهَدوا مَعَكُم فَأُولٰئِكَ مِنكُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 75) |
۽ جن هن کان پوءِ ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيو ۽ اوهان سان گڏ جنگ ڪئي سي (به) اوهان مان آهن. ۽ مائٽيءَ وارا پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا الله جي حڪم ۾ زياده حقدار آهن، بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |