يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَنفالِ قُلِ الأَنفالُ لِلَّهِ وَالرَّسولِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَصلِحوا ذاتَ بَينِكُم وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 1) |
(اي نبي) تو کان لُٽ جي مال جي باري ۾ پڇن ٿا؟چؤ ته: ”لُٽ جي مال جو مالڪ الله ۽ رسول آهي. سو الله کان ڊڄو ۽ هڪ ٻئي ۾ صلح اختيار ڪيو ۽ الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو جي اوهان ايمان وارا آهيو“. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَإِذا تُلِيَت عَلَيهِم ءايٰتُهُ زادَتهُم إيمٰنًا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 2) |
ايمان واراصرف اُهي آهن جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ته انهن جون دليون ڪنبي وڃن ٿيون ۽ جڏهن انهن تي ان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته انهن جي ايمان ۾ واڌارو آڻن ٿيون ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو رکن ٿا. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي ان مان (الله جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا. |
أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم دَرَجٰتٌ عِندَ رَبِّهِم وَمَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
اُهي ئي سچا مؤمن آهن. انهن جي لاءِ سندن پالڻهار وٽ (وڏا) درجا آهن ۽ (گناهن جي) بخشش آهي ۽ عزت جي روزي آهي. |
كَما أَخرَجَكَ رَبُّكَ مِن بَيتِكَ بِالحَقِّ وَإِنَّ فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ لَكٰرِهونَ (آيت : 5) |
(مالِ غنيمت جي معاملي جي صورتحال به ائين آهي) جيئن تو کي تنهنجي پالڻهار تنهنجي گهر مان حق سان ڪڍيو ۽ بيشڪ مؤمنن جي هڪ جماعت ان تي ناخوش هئي. |
يُجٰدِلونَكَ فِى الحَقِّ بَعدَما تَبَيَّنَ كَأَنَّما يُساقونَ إِلَى المَوتِ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 6) |
اُنهن تو سان حق جي پڌري ٿيڻ بعد جهڳڙو پئي ڪيو ڄڻڪ اهي موت ڏانهن هڪليا پئي ويا ۽ اُهي (موت اکئين) ڏسي رهيا آهن. |
وَإِذ يَعِدُكُمُ اللَّهُ إِحدَى الطّائِفَتَينِ أَنَّها لَكُم وَتَوَدّونَ أَنَّ غَيرَ ذاتِ الشَّوكَةِ تَكونُ لَكُم وَيُريدُ اللَّهُ أَن يُحِقَّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَيَقطَعَ دابِرَ الكٰفِرينَ (آيت : 7) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن الله اوهان سان (مڪي جي ڪافرن جي) ٻن جماعتن مان هڪ جو وعدو ڪيو ته اها يقيناً اوهان جي هٿ لڳندي ۽ اوهان چاهيو پئي ته بنا هٿيارن واري جماعت توهان کي ملي ۽ الله چاهيو ته پنهنجي ڪلام سان حقَ کي حقُ ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ پٽي. |
لِيُحِقَّ الحَقَّ وَيُبطِلَ البٰطِلَ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 8) |
هن لاءِ ته حق کي حقُ ثابت ڪري ۽ باطل کي باطل بنائي توڙي جو ڏوهاري ان کي ناپسند ڪن. |
إِذ تَستَغيثونَ رَبَّكُم فَاستَجابَ لَكُم أَنّى مُمِدُّكُم بِأَلفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُردِفينَ (آيت : 9) |
جڏهن اوهان پنهنجي پالڻهار کي (مدد لاءِ) ٻاڏايو پئي پوءِ ان اوهان جو سڏڻ قبول ڪيو (فرمايائين ته) ”آءٌ هڪ ٻئي پٺيان لهندڙ هڪ هزار ملائڪن ذريعي اوهان جي مدد ڪندڙ آهيان“. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ وَلِتَطمَئِنَّ بِهِ قُلوبُكُم وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ الله ان (مدد) کي رڳو خوشخبري بنايو ته جيئن ان سان اوهان جون دليون مطمئن ٿين ۽ مدد رُڳو الله وٽان ئي آهي ۽ بلاشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي. |
إِذ يُغَشّيكُمُ النُّعاسَ أَمَنَةً مِنهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيكُم مِنَ السَّماءِ ماءً لِيُطَهِّرَكُم بِهِ وَيُذهِبَ عَنكُم رِجزَ الشَّيطٰنِ وَلِيَربِطَ عَلىٰ قُلوبِكُم وَيُثَبِّتَ بِهِ الأَقدامَ (آيت : 11) |
جڏهن ان پاڻ وٽان امن (۽ سڪون ڏيڻ) لاءِ اوهان تي ڳهر (هلڪي ننڊ) طاري ڪئي ۽ اوهان تي آسمان مان پاڻي نازل ڪيائين هن لاءِ جو اُن سان اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان کان شيطاني پليتي پري ڪري ۽ اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ ان ذريعي اوهان جا پير ڄمائي. |
إِذ يوحى رَبُّكَ إِلَى المَلٰئِكَةِ أَنّى مَعَكُم فَثَبِّتُوا الَّذينَ ءامَنوا سَأُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ فَاضرِبوا فَوقَ الأَعناقِ وَاضرِبوا مِنهُم كُلَّ بَنانٍ (آيت : 12) |
جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن ڏانهن وحي فرمائي ته: ”بيشڪ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان پوءِ اوهان ايمان وارن کي ثابت (قدم) رکو. سگھوئي آءُ ڪافرن جي دلين ۾ (مؤمنن جو) رعب وجھندس. پوءِ اوهان (ڪافرن جي) ڪنڌن مٿان وار ڪيو ۽ انهن جي سَنڌَ سَنڌَ تي وار ڪيو“. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِقِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 13) |
اُهو هن لاءِ ته انهن الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪندو ته پوءِ بلاشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي. |
ذٰلِكُم فَذوقوهُ وَأَنَّ لِلكٰفِرينَ عَذابَ النّارِ (آيت : 14) |
اها (دنياوي سزا) آهي پوءِ ان کي چکو ۽ بلاشڪ ڪافرن لاءِ باهه جو عذاب آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا زَحفًا فَلا تُوَلّوهُمُ الأَدبارَ (آيت : 15) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان ڪافرن سان دوبدو مقابل ٿيو ته انهن کي پُٺيون ڏئي نه ڀڄو. |
وَمَن يُوَلِّهِم يَومَئِذٍ دُبُرَهُ إِلّا مُتَحَرِّفًا لِقِتالٍ أَو مُتَحَيِّزًا إِلىٰ فِئَةٍ فَقَد باءَ بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 16) |
۽ جيڪو ان (مقابلي واري) ڏينهن انهن کي پُٺي ڏئي ڀڄندو، سواءِ ان جي جو ڪا جنگي چال هلندڙ هجي يا (پنهنجي لشڪر) جي ڪنهن ٽولي سان گڏ ٿيندڙ هجي (ته اهو بي ميار آهي، باقي ٻيو جيڪو ائين ڪندو ) سو واقعي الله جو ڏمر وِهائي موٽندو ۽ ان جي جاءِ جهنم آهي ۽ بُري موٽڻ جي جاءِ آهي. |
فَلَم تَقتُلوهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ قَتَلَهُم وَما رَمَيتَ إِذ رَمَيتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ رَمىٰ وَلِيُبلِىَ المُؤمِنينَ مِنهُ بَلاءً حَسَنًا إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 17) |
پوءِ اوهان انهن کي قتل نه ڪيو ۽ پر الله انهن کي قتل ڪيو ۽ (اي نبي!) تو (پٿرين جي مُٺ) نه اڇلائي جنهن وقت تو اڇلائي ۽ پر الله اڇلائي ۽ هن لاءِ ته اُهو (الله) مؤمنن کي چڱي طرح سان آزمائي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
ذٰلِكُم وَأَنَّ اللَّهَ موهِنُ كَيدِ الكٰفِرينَ (آيت : 18) |
اهو (معاملو) اوهان لاءِ هيو ۽ (ڪافرن لاءِ هي ته) بلاشڪ الله ڪافرن جي فريب کي ڪمزور ڪرڻ وارو آهي. |
إِن تَستَفتِحوا فَقَد جاءَكُمُ الفَتحُ وَإِن تَنتَهوا فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَعودوا نَعُد وَلَن تُغنِىَ عَنكُم فِئَتُكُم شَيـًٔا وَلَو كَثُرَت وَأَنَّ اللَّهَ مَعَ المُؤمِنينَ (آيت : 19) |
اگر فتح گهرو ٿا ته پوءِ تحقيق اوهان وٽ فتح اچي وئي ۽ (اي ڪافرو!) جي اوهان رڪجي وڃو ته اهو اوهان لاءِ ڀلو آهي، ۽ جي اوهان وري ساڳيو ڪم ڪندؤ ته اسين به ساڳي (سزا) ورجائينداسين ۽ توهان جي جماعت توهان کي ڪونه بچائي سگهندي ڪنهن شيءِ کان توڙي جو گھڻي هجي ۽ بلاشڪ الله مؤمنن سان گڏ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَوَلَّوا عَنهُ وَأَنتُم تَسمَعونَ (آيت : 20) |
اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ ان کان منهن نه موڙيو ۽ اوهان (قرآن) ٻڌو ٿا. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ قالوا سَمِعنا وَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 21) |
۽ انهن ماڻهن مثل نه ٿيو جن (منافقت ڪندي ) چيو ته اسان ٻڌو حالانڪه اُهي نه ٿا ٻڌن. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الصُّمُّ البُكمُ الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 22) |
بيشڪ الله وٽ بڇڙا ساهه وارا اهي ٻوڙا (۽) گونگا (ماڻهو) آهن جيڪي نه ٿا سمجهن. |
وَلَو عَلِمَ اللَّهُ فيهِم خَيرًا لَأَسمَعَهُم وَلَو أَسمَعَهُم لَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
۽ جيڪڏهن الله انهن ۾ ڪو خير ڄاڻي ها ته انهن کي ٻُڌِرائي ها. ۽ جيڪڏهن انهن کي ٻڌرائي ها ته به اُهي منهن موڙي ڦِري وڃن ها. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَجيبوا لِلَّهِ وَلِلرَّسولِ إِذا دَعاكُم لِما يُحييكُم وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَحولُ بَينَ المَرءِ وَقَلبِهِ وَأَنَّهُ إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
اي ايمان وارؤ! الله ۽ رسول جو چيو مڃو جڏهن رسول اوهان کي ان ڪم ڏي سڏي جنهن ۾ اوهان جي زندگي آهي ۽ ڄاڻو ته الله ماڻهو ۽ ان جي دل جي وچ ۾ حائل هجي ٿو ۽ هي ته بلاشڪ توهان ان ڏانهن گڏ ڪيا ويندا. |
وَاتَّقوا فِتنَةً لا تُصيبَنَّ الَّذينَ ظَلَموا مِنكُم خاصَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 25) |
۽ ان عذاب کان ڊڄو جيڪو رڳو خاص انهن کي نه پهچندو جن اوهان مان ظلم ڪيو (مگر طاقت هوندي ظلم کان نه روڪڻ وارن کي به پهچندو) ۽ ڄاڻو بلاشڪ الله سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
وَاذكُروا إِذ أَنتُم قَليلٌ مُستَضعَفونَ فِى الأَرضِ تَخافونَ أَن يَتَخَطَّفَكُمُ النّاسُ فَـٔاوىٰكُم وَأَيَّدَكُم بِنَصرِهِ وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 26) |
۽ ياد ڪيو جڏهن اوهان ٿورڙا هيا زمين ۾ (معاشي ۽ سياسي طرح) ڪمزور هيا ان خوف ۾ هيا ته متان ماڻهو اوهان کي کنڀي نه وٺن پوءِ ان (الله) اوهان کي پناهه ڏني ۽ پنهنجي مدد سان اوهان کي قوت ڏنائين ۽ اوهان کي پاڪيزه شين مان رزق ڏنائين ته جيئن توهان شڪر گذار ٿيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَخونُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ وَتَخونوا أَمٰنٰتِكُم وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 27) |
اي ايمان وارؤ! الله ۽ رسول (ﷺ) سان خيانت نه ڪيو. ۽ نه هڪ ٻئي جي امانتن ۾ خيانت ڪيو. حالانڪه توهان سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا. |
وَاعلَموا أَنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 28) |
۽ ڄاڻو ته اوهان جا مال ۽ اوهان جا اولاد صرف آزمائش آهن ۽ بيشڪ الله وٽ زبردست اجر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَتَّقُوا اللَّهَ يَجعَل لَكُم فُرقانًا وَيُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن اوهان الله کان ڊڄندا رهندؤ ته اهو اوهان لاءِ حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪندو ۽ اوهان کان اوهان جا گناهه ميٽائي ڇڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو ۽ الله زبردست فضل (فرمائڻ) وارو آهي. |
وَإِذ يَمكُرُ بِكَ الَّذينَ كَفَروا لِيُثبِتوكَ أَو يَقتُلوكَ أَو يُخرِجوكَ وَيَمكُرونَ وَيَمكُرُ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 30) |
۽ ياد ڪر جڏهن ڪافرن تنهنجي خلاف خفيه سازش پئي ڪئي هن لاءِ ته تو کي قيد ڪن يا تو کي قتل ڪن يا تو کي (وطن کان) ڪڍن. ۽ اهي خفيه سازشون ڪري رهيا هئا ۽ الله خفيه تدبير ڪري رهيو هيو. ۽ الله سڀ کان بهتر خفيه تدبير ڪرڻ وارو آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا قالوا قَد سَمِعنا لَو نَشاءُ لَقُلنا مِثلَ هٰذا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن انهن تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته چون ٿا: ”بيشڪ اسان ٻڌوسين جي اسان چاهيون ته اسان به ان (ڪلام) وانگر چئي سگهون ٿا. هي ته رڳو اڳين جون آکاڻيون ئي آهن“. |
وَإِذ قالُوا اللَّهُمَّ إِن كانَ هٰذا هُوَ الحَقَّ مِن عِندِكَ فَأَمطِر عَلَينا حِجارَةً مِنَ السَّماءِ أَوِ ائتِنا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 32) |
۽ جنهن وقت (ڪافرن) چيو ته: ”اي الله جيڪڏهن هي (قرآن) تو وٽان (واقعي) حق آهي ته اسان تي آسمان مان پٿر وساءِ، يا اسان تي دردناڪ عذاب آڻ“. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم وَأَنتَ فيهِم وَما كانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُم وَهُم يَستَغفِرونَ (آيت : 33) |
۽ الله جو شان نه آهي جو انهن کي عذاب ڪري حالانڪه تون انهن ۾ (موجود) آهين. ۽ نه ئي الله انهن تي اهڙي حال ۾ عذاب ڪرڻ وارو آهي جو اهي بخشش طلب ڪندا هجن. |
وَما لَهُم أَلّا يُعَذِّبَهُمُ اللَّهُ وَهُم يَصُدّونَ عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَما كانوا أَولِياءَهُ إِن أَولِياؤُهُ إِلَّا المُتَّقونَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 34) |
۽ (هاڻي تنهنجي مڪو ڇڏي وڃڻ بعد) الله انهن کي ڇو نه عذاب ڏئي جو اُهي مسجد الحرام کان روڪن ٿا حالانڪه اُهي ان جا ولي (سنڀالڻ وارا) به نه آهن. ان جا وليءَ ڪير ناهن سواءِ پرهيزگارن جي ۽ پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
وَما كانَ صَلاتُهُم عِندَ البَيتِ إِلّا مُكاءً وَتَصدِيَةً فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 35) |
۽ بيت الله وٽ انهن جي نماز رڳو تاڙيون ۽ سيٽيون وڄائڻ هئي. پوءِ عذاب چکو ان (بد عملين جي) ڪري جو اوهان ڪفر ڪندا هيا. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنفِقونَ أَموٰلَهُم لِيَصُدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَسَيُنفِقونَها ثُمَّ تَكونُ عَلَيهِم حَسرَةً ثُمَّ يُغلَبونَ وَالَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ يُحشَرونَ (آيت : 36) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو سي پنهنجي مالن کي ان لاءِ خرچ ڪن ٿا ته (ماڻهن کي) الله جي راهه کان روڪن. پوءِ اُهي اڃا خرچ ڪندا ڪجھه پوءِ اهو خرچ ڪرڻ انهن لاءِ پشيماني ٿي پوندو پوءِ مغلوب ڪيا ويندا ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو سي جهنم ڏانهن گڏ ڪيا ويندا. |
لِيَميزَ اللَّهُ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَيَجعَلَ الخَبيثَ بَعضَهُ عَلىٰ بَعضٍ فَيَركُمَهُ جَميعًا فَيَجعَلَهُ فى جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 37) |
هن لاءِ ته الله ناپاڪ کي پاڪ کان جدا ڪري ۽ ناپاڪن کي هڪ ٻئي سان ملائي پوءِ انهن سڀني کي گڏ ڍير بنائي پوءِ ان (ڍير) کي جهنم حوالي ڪري. اهي ئي خساري وارا آهن. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا إِن يَنتَهوا يُغفَر لَهُم ما قَد سَلَفَ وَإِن يَعودوا فَقَد مَضَت سُنَّتُ الأَوَّلينَ (آيت : 38) |
چؤ انهن ماڻهن کي جن ڪفر ڪيو جي باز اچي وڃن ته جو گذري ويو سو کين معاف ڪيو ويندو ۽ جي وري اهي (ساڳيا ڪم ڪندا) ته بيشڪ اڳين جي (بربادي وارو) طريقو گذري چڪو آهي. |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ كُلُّهُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 39) |
۽ انهن سان لڙو ايستائين جو فتنو (باقي) نه رهي ۽ دين سڀ جو سڀ الله جو رهي. پوءِ جي رڪجي وڃن ته پوءِ بيشڪ الله جيڪي عمل ڪن ٿا تن کي ڏسندڙ آهي. |
وَإِن تَوَلَّوا فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَولىٰكُم نِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 40) |
۽ جي مُنهن موڙن ته (پڪ) ڄاڻو بيشڪ الله اوهان جو ڪارساز آهي. ڀلو ڪارساز آهي ۽ ڀلو مددگار آهي. |
وَاعلَموا أَنَّما غَنِمتُم مِن شَيءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ وَما أَنزَلنا عَلىٰ عَبدِنا يَومَ الفُرقانِ يَومَ التَقَى الجَمعانِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 41) |
۽ ڄاڻو ته غنيمت ۾ توهان جا به شيءِ حاصل ڪئي ته پوءِ ان جي پنجين پتي الله ۽ رسول لاءِ آهي ۽ (رسول جي) رشتيدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي جيڪڏهن اوهان الله تي ايمان آندو آهي ۽ ان تي به جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي تي فيصلي واري ڏينهن لاٿو جنهن ڏينهن (ميدانِ بدر ۾) ٻه لشڪر آمهون سامهون هئا. ۽ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي. |
إِذ أَنتُم بِالعُدوَةِ الدُّنيا وَهُم بِالعُدوَةِ القُصوىٰ وَالرَّكبُ أَسفَلَ مِنكُم وَلَو تَواعَدتُم لَاختَلَفتُم فِى الميعٰدِ وَلٰكِن لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا لِيَهلِكَ مَن هَلَكَ عَن بَيِّنَةٍ وَيَحيىٰ مَن حَىَّ عَن بَيِّنَةٍ وَإِنَّ اللَّهَ لَسَميعٌ عَليمٌ (آيت : 42) |
جڏهن اوهان (وادي جي) اورئين پاسي هئا ۽ اُهي پرئين پاسي هئا ۽ قافلو اوهان جي هيٺئين طرف (ساحل پاسي) هيو. ۽ جي پاڻ ۾ (مقابلي جي لاءِ مقرر وقت جو) وعدو ڪيو ها ته ضرور مقرر وقت تي پهچڻ ۾ مختلف ٿي وڃو ها ۽ پر الله (اوهان کي هڪ ئي وقت گڏ ڪيو) هن لاءِ ته ان ڪم کي پورو ڪري جيڪو (الله وٽ) ٿيڻ وارو هيو هن لاءِ ته جنهن کي مرڻو آهي سو حجت (پوري ٿيڻ) تي مري ۽ جنهن کي جيئڻو آهي سو حجت (پوري ٿيڻ) تي جيئي. ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ يُريكَهُمُ اللَّهُ فى مَنامِكَ قَليلًا وَلَو أَرىٰكَهُم كَثيرًا لَفَشِلتُم وَلَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ سَلَّمَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 43) |
جڏهن (اي نبي) الله تنهنجي خواب ۾ اُهي تو کي ٿورا ڪري ڏيکاريا. ۽ جيڪڏهن اهي تو کي گهڻا ڪري ڏيکاري ها ته (اي مسلمانو) ضرور اوهان همت هاري ويهو ها ۽ ان ڪم ۾ ضرور پاڻ ۾ جهڳڙو ڪيو ها ۽ پر الله اوهان کي بچايو. بيشڪ اُهو سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِذ يُريكُموهُم إِذِ التَقَيتُم فى أَعيُنِكُم قَليلًا وَيُقَلِّلُكُم فى أَعيُنِهِم لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 44) |
۽ جڏهن آمهون سامهون ٿيڻ مهل اوهان جي نظرن ۾ اُهي اوهان کي ٿورا ڪري ڏيکاريائين ۽ اوهان کي انهن جي نظرن ۾ ٿورا ڪري ڏيکاريائين هن لاءِ ته الله ان ڪم کي انجام تائين پهچائي جيڪو ڪرڻو هيو. ۽ الله ڏانهن سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُم فِئَةً فَاثبُتوا وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 45) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان ڪنهن لشڪر سان مقابل ٿيو ته پوءِ ثابت قدم رهو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪيو ته جيئن توهان ڪامياب ٿي وڃو. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَنٰزَعوا فَتَفشَلوا وَتَذهَبَ ريحُكُم وَاصبِروا إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 46) |
۽ الله جي ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪيو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو نه ڪيو نه ته بزدل ٿي پوندؤ ۽ توهان جي هوا هلي ويندي. (يعني طاقت ختم ٿي ويندي) ۽ صبر ڪيو. بيشڪ الله صبر وارن سان گڏ آهي. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم بَطَرًا وَرِئاءَ النّاسِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَاللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 47) |
۽ انهن ماڻهن مثل نه ٿيو جيڪي پنهنجي گهرن مان وڏائي سان ۽ ماڻهن جي ڏيک ويک لاءِ نڪتا ۽ الله جي واٽ کان روڪن پيا. ۽ الله انهن ڪمن کي جيڪي ڪن ٿا گهيرو ڪندڙ آهي. |
وَإِذ زَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم وَقالَ لا غالِبَ لَكُمُ اليَومَ مِنَ النّاسِ وَإِنّى جارٌ لَكُم فَلَمّا تَراءَتِ الفِئَتانِ نَكَصَ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَقالَ إِنّى بَريءٌ مِنكُم إِنّى أَرىٰ ما لا تَرَونَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 48) |
۽ جنهن وقت شيطان سندن عمل انهن لاءِ خوشنما ڪري ڏيکاريا ۽ چيائين ته: ”اڄ ماڻهن مان ڪوبه اوهان تي غالب ٿيڻ وارو نه آهي ۽ بيشڪ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان“. پوءِ جڏهن ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا ته اُهو کُڙين ڀر ڦريو ۽ چيائين ته: ”بيشڪ آءٌ اوهان کان بيزار آهيان. يقيناً آءُ اُهو ڏسان پيو جيڪو اوهان نه پيا ڏسو. بيشڪ آءُ الله کان ڊڄان ٿو. ۽ الله سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي“. |
إِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ غَرَّ هٰؤُلاءِ دينُهُم وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 49) |
جڏهن منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آهي تن چيو ته هنن (مسلمانن) کي سندن دين مغرور ڪيو آهي. حالانڪه جيڪو الله تي ڀروسو ڪري ٿو ته پوءِ بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ يَتَوَفَّى الَّذينَ كَفَرُوا المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 50) |
۽ هائو جي تون ڏسين ها! جڏهن ملائڪ (مقتول) ڪافرن جو ساهه ڪڍن پيا ته انهن جي مُنهن ۽ پٺين کي مارن پيا ۽ (چون پيا ته) ”جلائيندڙ عذاب چکو. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 51) |
اها (سزا) هن ڪري آهي جو جيڪي اوهان جي هٿن اڳتي موڪليو ۽ بيشڪ الله ٻانهن مٿان ظلم ڪندڙ نه آهي“. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 52) |
(هي معاملو ساڻن ان طرح ٿيو) جيئن فرعونين ۽ انهن کان اڳين سان پيش ٿيندو رهيو آهي. جن الله جي آيتن سان ڪفر ڪيو پوءِ الله انهن کي سندن گناهن سبب پڪڙيو. بيشڪ الله طاقت وارو ۽ سخت عذاب وارو آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ لَم يَكُ مُغَيِّرًا نِعمَةً أَنعَمَها عَلىٰ قَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 53) |
اُهو هن ڪري جو الله ڪنهن به قوم کي ڪا نعمت انعام ڪئي ته پوءِ ان کي (ايستائين) بدلائڻ وارو نه آهي جيستائين جيڪا سندن حالت آهي تنهن کي اُهي خود نه بدلائن ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَكُلٌّ كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 54) |
فرعونين ۽ انهن کان اڳين جي حال وانگر. انهن پنهنجي پالڻهار جي آيتن کي ڪوڙو چيو پوءِ اسان انهن کي سندن گناهن سبب هلاڪ ڪيو ۽ اسان فرعونين کي ٻوڙيو اُهي سڀ ظلم ڪرڻ وارا هئا. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الَّذينَ كَفَروا فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 55) |
بيشڪ الله وٽ سڀ جاندارن مان بُرا اُهي (ماڻهو) آهن جن ڪفر ڪيو پوءِ اُهي ايمان نه ٿا آڻن. |
الَّذينَ عٰهَدتَ مِنهُم ثُمَّ يَنقُضونَ عَهدَهُم فى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُم لا يَتَّقونَ (آيت : 56) |
اهي ماڻهو آهن جن سان تو معاهدو ڪيو پوءِ هر ڀيري پنهنجو معاهدو ٽوڙن ٿا ۽ اُهي نه ٿا ڊڄن. |
فَإِمّا تَثقَفَنَّهُم فِى الحَربِ فَشَرِّد بِهِم مَن خَلفَهُم لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 57) |
پوءِ جيڪڏهن تون انهن کي جنگ ۾ لهين ته (انهن کي اهڙي عبرتناڪ سزا ڏي جو) ان جي ذريعي انهن جي پوين کي ڀڄائي (ڇڙوڇڙ ڪري) ڇڏ. من اُهي نصيحت حاصل ڪن. |
وَإِمّا تَخافَنَّ مِن قَومٍ خِيانَةً فَانبِذ إِلَيهِم عَلىٰ سَواءٍ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الخائِنينَ (آيت : 58) |
۽ جي تو کي ڪنهن قوم جي خيانت جو خدشو هجي ته انهن جو معاهدو انهن ڏانهن برابري جي بنياد تي اڇلائي ڇڏ. بيشڪ الله خيانت ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا سَبَقوا إِنَّهُم لا يُعجِزونَ (آيت : 59) |
۽ جن ڪفر ڪيو سي اُهو گمان نه ڪن ته اُهي (بچي) اڳتي نڪري ويا. بيشڪ اُهي (الله کي) عاجز ڪري نه سگهندا. |
وَأَعِدّوا لَهُم مَا استَطَعتُم مِن قُوَّةٍ وَمِن رِباطِ الخَيلِ تُرهِبونَ بِهِ عَدُوَّ اللَّهِ وَعَدُوَّكُم وَءاخَرينَ مِن دونِهِم لا تَعلَمونَهُمُ اللَّهُ يَعلَمُهُم وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فى سَبيلِ اللَّهِ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 60) |
۽ انهن (سان مقابلي) لاءِ جيتري قدر ٿي سگهي تيار رکو (اسلحي جي) قُوّت ۽ (ٿَانَ تي) تيار ٻَڌَلَ گهوڙا. جن جي ذريعي اوهان الله جي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن تي ڌاڪو ڄمايو ۽ انهن کان سواءِ ٻين کي به جن کي اوهان نه ٿا ڄاڻو، الله انهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ اوهان جا شيءِ به الله جي راهه ۾ خرچ ڪندؤ اوهان کي ان جو پورو اجر ڏنو ويندو ۽ اوهان سان نا انصافي ڪونه ڪئي ويندي. |
وَإِن جَنَحوا لِلسَّلمِ فَاجنَح لَها وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏهن اهي صلح لاءِ جُهڪن ته تون به انهن (ڏانهن صلح) لاءِ جُهڪ ۽ الله تي ڀروسو رک. بيشڪ اُهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِن يُريدوا أَن يَخدَعوكَ فَإِنَّ حَسبَكَ اللَّهُ هُوَ الَّذى أَيَّدَكَ بِنَصرِهِ وَبِالمُؤمِنينَ (آيت : 62) |
۽ جي تو کي دوکو ڏيڻ چاهن ته پوءِ بيشڪ تو لاءِ الله ڪافي آهي. اُهو ئي آهي جنهن تو کي پنهنجي مدد جي ذريعي ۽ مؤمنن جي ذريعي طاقت ڏني. |
وَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِهِم لَو أَنفَقتَ ما فِى الأَرضِ جَميعًا ما أَلَّفتَ بَينَ قُلوبِهِم وَلٰكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ بَينَهُم إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 63) |
۽ انهن جي دلين ۾ محبت وڌائين. جيڪڏهن تون زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو سڀ خرچ ڪرين ها ته به انهن جي دلين ۾ محبت پيدا ڪري نه سگهين ها ۽ پر الله انهن جي وچ ۾ محبت وڌي. بيشڪ اُهو غالب حڪمت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَسبُكَ اللَّهُ وَمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 64) |
اي نبي! الله تو لاءِ ڪافي آهي ۽ اُهي مؤمن جن تنهنجي پيروي اختيار ڪئي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَرِّضِ المُؤمِنينَ عَلَى القِتالِ إِن يَكُن مِنكُم عِشرونَ صٰبِرونَ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ يَغلِبوا أَلفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 65) |
اي نبي! مؤمنن کي لڙائي (جهاد) جو شوق ڏيار. جيڪڏهن اوهان مان ثابت قدم رهڻ وارا ويهه ڄڻا هوندا ته اُهي ٻن سوَن تي غالب ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن اوهان مان هڪ سؤ هوندا ته هڪ هزار ڪافرن تي غالب ٿي ويندا اهو هن ڪري جو اهي اهڙي قوم آهن جيڪي نه ٿا سمجهن. |
الـٰٔنَ خَفَّفَ اللَّهُ عَنكُم وَعَلِمَ أَنَّ فيكُم ضَعفًا فَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ صابِرَةٌ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم أَلفٌ يَغلِبوا أَلفَينِ بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 66) |
هاڻي الله توهان تان بار هلڪو ڪيو ۽ ڄاتائين ته بلاشڪ اوهان ۾ ڪمزوري آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان مان ثابت رهڻ وارا هڪ سؤ هوندا ته ٻن سون تي غالب ٿيندا. ۽ جيڪڏهن اوهان مان هڪ هزار هوندا ته الله جي حڪم سان ٻن هزارن تي غالب ٿيندا. ۽ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي. |
ما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكونَ لَهُ أَسرىٰ حَتّىٰ يُثخِنَ فِى الأَرضِ تُريدونَ عَرَضَ الدُّنيا وَاللَّهُ يُريدُ الءاخِرَةَ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 67) |
نبيءَ لاءِ هي مناسب نه آهي جو سندس هٿ ۾ (ڪافر) قيدي هجن تانجو زمين ۾ خون نه هاري. اوهان دنيا جو سامان چاهيو ٿا ۽ الله آخرت چاهي ٿو. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي. |
لَولا كِتٰبٌ مِنَ اللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُم فيما أَخَذتُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 68) |
جيڪڏهن الله جي طرف کان پهريان ئي (غنيمتن جا مال حلال هجڻ جو حڪم) لکيل نه هجي ها ته جيڪو فديو (قيدين جو) اوهان ورتو ته ان سبب اوهان کي ڪا وڏي سزا پهچي ها. |
فَكُلوا مِمّا غَنِمتُم حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 69) |
پوءِ اوهان غنيمت ۾ جيڪو پاڪ حلال مال هٿ ڪيو ان مان کائو ۽ الله کان ڊڄو بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِمَن فى أَيديكُم مِنَ الأَسرىٰ إِن يَعلَمِ اللَّهُ فى قُلوبِكُم خَيرًا يُؤتِكُم خَيرًا مِمّا أُخِذَ مِنكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 70) |
اي نبي! جيڪي قيدي اوهان جي هٿن ۾ آهن انهن کي چؤ: ”جيڪڏهن الله اوهان جي دلين ۾ ڪا ڀلائي ڄاتي ته جيڪي (مال) اوهان کان ورتو ويو آهي ان کان گهڻو بهتر ڏيندو ۽ اوهان کي معاف ڪندو . ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
وَإِن يُريدوا خِيانَتَكَ فَقَد خانُوا اللَّهَ مِن قَبلُ فَأَمكَنَ مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
۽ (اي نبي!) جيڪڏهن تو سان خيانت ڪرڻ چاهن ٿا ته تحقيق اُهي اڳ ۾ الله سان خيانت ڪري چڪا آهن پوءِ انهن مان ڪن کي توهان جي قابو (قيد ۾) ڏنائين. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَالَّذينَ ءامَنوا وَلَم يُهاجِروا ما لَكُم مِن وَلٰيَتِهِم مِن شَيءٍ حَتّىٰ يُهاجِروا وَإِنِ استَنصَروكُم فِى الدّينِ فَعَلَيكُمُ النَّصرُ إِلّا عَلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 72) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ پنهنجي مالن ۽ جانين سان الله جي واٽ ۾ جهاد ڪيائون ۽ اُهي ماڻهو جن (مهاجرن کي) جڳهه ڏني ۽ مدد ڪئي اُهي هڪ ٻئي جا دوست (يعني سار سنڀال لهندڙ) آهن. ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ (دار الاسلام طرف)هجرت نه ڪيائون ته اوهان لاءِ انهن جي سار سنڀال مان ڪا به شيءِ ضروري نه آهي جيستائين اهي هجرت ڪري اچن، ۽ جيڪڏهن اهي دين ۾ اوهان کان مدد گهري وٺن ته اوهان تي (انهن جي) مدد ڪرڻ فرض آهي پر ڪنهن اهڙي قوم جي خلاف نه جن جي ۽ اوهان جي وچ ۾ معاهدو ٿي چڪو هجي. ۽ جيڪي اوهان ڪم ڪيو ٿا الله ڏسندڙ آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ إِلّا تَفعَلوهُ تَكُن فِتنَةٌ فِى الأَرضِ وَفَسادٌ كَبيرٌ (آيت : 73) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهي هڪ ٻئي جا مددگار آهن. اگر اوهان ائين نه ڪيو ته زمين ۾ فتنو ۽ وڏو فساد ٿي ويندو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 74) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائون ۽ اُهي ماڻهو جن (مهاجرن کي) جاءِ ڏني ۽ مدد ڪيائون، اهي ئي سچا مؤمن آهن. انهن لاءِ بخشش ۽ عزت جي روزي آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا مِن بَعدُ وَهاجَروا وَجٰهَدوا مَعَكُم فَأُولٰئِكَ مِنكُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 75) |
۽ جن هن کان پوءِ ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ اوهان سان گڏجي جهاد ڪيائون ته پوءِ اُهي اوهان مان آهن. ۽ رشتيدار الله جي ڪتاب ۾ هڪ ٻئي جا (وراثت ۾) زياده حقدار آهن. بيشڪ الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي. |