يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَنفالِ قُلِ الأَنفالُ لِلَّهِ وَالرَّسولِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَصلِحوا ذاتَ بَينِكُم وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر!) ماڻهو توکان غنيمت جي مال بابت پڇن ٿا (ته ڪيئن ورهائجي؟) تون کين چئو ته، غنيمت جو مال دراصل الله ۽ ان جي رسول جو آهي. (يعني الله ۽ رسول کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي) پوءِ جيڪڏهن توهان سچا مؤمن آهيو ته توهان کي گهرجي ته (ان مال بابت پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو) الله کان ڊڄو، پنهنجا هڪٻئي سان معاملا درست رکو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداريءَ ۾ محڪم رهو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَإِذا تُلِيَت عَلَيهِم ءايٰتُهُ زادَتهُم إيمٰنًا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 2) |
مؤمنن جو شان ته هي آهي جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو (يا نالو ورتو وڃي ٿو) تڏهن سندن دليون دهلجي ٿيون وڃن ۽ جڏهن سندس آيتون کين پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن سندن ايمان کي وڌيڪ پڪو ڪري ٿيون ڇڏين، ۽ هو هر حال ۾ پنهنجي پروردگار تي (پنهنجي فرض ادائي ڪرڻ بعد) پورو ڀروسو رکن ٿا. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (ڪجهه حصو اسان جي راهه ۾ به) خرچ ڪن ٿا. |
أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم دَرَجٰتٌ عِندَ رَبِّهِم وَمَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
بيشڪ اهڙائي ماڻهو حقيقي مؤمن آهن، انهن جي لاءِ سندن پروردگار وٽان مرتبا ۽ درجا آهن ۽ بخشائش ۽ عزت جي روزي آهي. |
كَما أَخرَجَكَ رَبُّكَ مِن بَيتِكَ بِالحَقِّ وَإِنَّ فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ لَكٰرِهونَ (آيت : 5) |
(هن غنيمت جي معاملي کي به اهڙوئي سمجهو) جهڙئيءَ طرح (بدر جي جنگ ۾) هيءَ ڳالهه ٿي هئي جو تنهنجي پروردگار سچائي سان (حق جي راهه ۾) توکي گهر کان ٻاهر آندو هو ۽ هيءَ سچي ڳالهه آهي ته مؤمنن جي هڪڙي ٽولي هن ڳالهه ۾ (يعني ڪافرن جي لشڪر سان وڙهڻ ۾) بلڪل ناراض هئي. |
يُجٰدِلونَكَ فِى الحَقِّ بَعدَما تَبَيَّنَ كَأَنَّما يُساقونَ إِلَى المَوتِ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 6) |
اهي (ناراض ٽوليءَ وارا) توسان حق جي ڳالهه ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا، اگرچه معاملو صاف ظاهر ٿي چڪو هو (ته هڪ هزار ڪافر مديني تي ڪاهڻ اچي رهيا هئا، اهي مسلمان لڙائي ڪرڻ کان ايتري قدر ٿي ڇرڪيا جو) ڄڻ ته کين زور سان موت جي منهن ۾ ڌڪيو پي ويو ۽ هو (پنهنجو موت پنهنجي اکين سان) ڏسي رهيا هئا. |
وَإِذ يَعِدُكُمُ اللَّهُ إِحدَى الطّائِفَتَينِ أَنَّها لَكُم وَتَوَدّونَ أَنَّ غَيرَ ذاتِ الشَّوكَةِ تَكونُ لَكُم وَيُريدُ اللَّهُ أَن يُحِقَّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَيَقطَعَ دابِرَ الكٰفِرينَ (آيت : 7) |
۽ (اي مسلمانو اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن الله اوهان سان واعدو ڪيو هو ته (دشمنن جي) ٻن جماعتن مان هڪ ضرور اوهان جي هٿ ايندي ۽ اوهان جو حال هي هو جو چاهيو ٿي ته جنهن جماعت ۾ وڙهڻ جي طاقت ڪانهي (يعني قافلي واري) سا هٿ اچي وڃي، پر خدا ته چاهيو ٿي ته پنهنجي واعدي موجب حق کي ثابت (۽ پائدار) ڪري، ۽ حق جي دشمنن جون پاڙون پٽي وڍي ڇڏي. |
لِيُحِقَّ الحَقَّ وَيُبطِلَ البٰطِلَ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 8) |
اهو انهيءَ لاءِ ته (الله تعاليٰ) حق کي حق (يعني ثابت ۽ پائدار) ڪري ڏيکاري ۽ باطل کي باطل ڪري ڏيکاري (يعني ڪوڙ کي ناڪامياب ۽ فنا ڪري ڇڏي) اگرچه (ظلم ۽ فساد ڪندڙ) گنهگار ائين ٿيڻ پسند نه ڪن. |
إِذ تَستَغيثونَ رَبَّكُم فَاستَجابَ لَكُم أَنّى مُمِدُّكُم بِأَلفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُردِفينَ (آيت : 9) |
(۽ اهو وقت به ياد رکو) جڏهن توهان (بدر جي جنگ جي موقعي تي) پنهنجي پروردگار وٽ پڪار ڪئي هئي ته، اسان جي مدد ڪر ۽ هن اوهان جي پڪار ٻڌي هئي، هن چيو هو ته، مان هڪ هزار فرشتن سان جي هڪ ٻئي پٺيان ايندا توهان جي مدد ڪندس. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ وَلِتَطمَئِنَّ بِهِ قُلوبُكُم وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ الله جو اها ڳالهه ڪئي سو سندس مقصد سواءِ هن جي ڪجهه نه هو ته (توهان جي لاءِ) خوشخبري ٿئي ۽ اوهان جون (هراسيل) دليون تسلي ۽ قرار حاصل ڪن، نه ته مدد ته (اهر حال ۾) الله ئي جي طرف کان آهي. بيشڪ هو (سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکڻ وارو آهي. |
إِذ يُغَشّيكُمُ النُّعاسَ أَمَنَةً مِنهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيكُم مِنَ السَّماءِ ماءً لِيُطَهِّرَكُم بِهِ وَيُذهِبَ عَنكُم رِجزَ الشَّيطٰنِ وَلِيَربِطَ عَلىٰ قُلوبِكُم وَيُثَبِّتَ بِهِ الأَقدامَ (آيت : 11) |
(اهو وقت ياد ڪيو) جڏهن الله تعاليٰ اوهان تي ڇانئجي ويندڙ ننڊ آندي، جا ننڊ خدا جي طرفان اوهان لاءِ تسلي ۽ بي ڊپائيءَ جو سبب بڻجي پئي ۽ الله تعاليٰ آسمان مان اوهان تي مينهن وسايو انهيءَ لاءِ ته اوهان کي پاڪ ۽ صاف ٿيڻ جو موقعو ڏئي ۽ اوهان مان شيطان (جي وسوسن) جي ناپاڪائي ڪڍي ڇڏي. پڻ توهان جون دليون ڳنڍي مضبوط ڪري ڇڏي ۽ (واريءَ تي) اوهان جا قدم ان مينهن جي وسيلي ڄمائي. |
إِذ يوحى رَبُّكَ إِلَى المَلٰئِكَةِ أَنّى مَعَكُم فَثَبِّتُوا الَّذينَ ءامَنوا سَأُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ فَاضرِبوا فَوقَ الأَعناقِ وَاضرِبوا مِنهُم كُلَّ بَنانٍ (آيت : 12) |
(اي پيغمبر! هي اهو وقت هو) جڏهن تنهنجي پروردگار فرشتن تي وحي نازل ڪيو ته مان اوهان سان آهيان (يعني منهنجي مدد توهان سان آهي) پوءِ مؤمنن کي محڪم ۽ ثابت قدم رکو. جلدئي مان ڪافرن جي دلين ۾ (مؤمنن جي) دهشت وجهندس تنهن ڪري (اي مسلمانو) هنن جي گردنن تي (تلوار جا) ڌڪ هڻو ۽ هنن جي هٿن ۽ پيرن جي هرهڪ آڱر تي ڌڪ لڳايو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِقِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 13) |
۽ هي (هلت) هن ڪري (ڪيو) جو هنن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو ته پوءِ ياد رکو ته الله تعاليٰ (کين سندن عملن جي بدلي ۾) سخت سزا ڏيڻ وارو آهي. |
ذٰلِكُم فَذوقوهُ وَأَنَّ لِلكٰفِرينَ عَذابَ النّارِ (آيت : 14) |
(اي حق جا دشمنؤ!) هيءَ آهي سزا اوهان جي لاءِ، پوءِ ڀوڳيو اها سزا ۽ يقين ڄاڻو ته حق جي منڪرن لاءِ دوزخ جي باهه جو عذاب به اچڻو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا زَحفًا فَلا تُوَلّوهُمُ الأَدبارَ (آيت : 15) |
مومنؤ! جڏهن ڪافرن جي لشڪر سان اوهان جو مقابلو ٿئي (يعني هو اوهان تي چڙهي اچن ۽ اوهان کي ساڻن وڙهڻو پوي) تڏهن هنن کي هرگز پٺي نه ڏيکار جو (يعني متان ڊڄي پوئتي ڀڄو). |
وَمَن يُوَلِّهِم يَومَئِذٍ دُبُرَهُ إِلّا مُتَحَرِّفًا لِقِتالٍ أَو مُتَحَيِّزًا إِلىٰ فِئَةٍ فَقَد باءَ بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 16) |
۽ جيڪو به اهڙي موقعي تي پٺي ڏئي ڀڄندو تنهن بابت سمنجهو ته هو خدا جي غضب هيٺ اچي ويو ۽ هن جو ٽڪاڻو دوزخ ٿيو. (۽ هن جو ٽڪاڻو دوزخ ٿيو ته پوءِ) ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي، پر جيڪو لڙائي جي مصلحت لاءِ هٽي وڃي يا (پنهنجي ٽولين مان) ڪنهن ٽوليءَ سان جاءِ وٺڻ چاهي (۽ انهن مقصدن لاءِ هڪ جاءِ کان هٽي ٻي جاءِ ڏي وڃي ته پوءِ جائز آهي.) |
فَلَم تَقتُلوهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ قَتَلَهُم وَما رَمَيتَ إِذ رَمَيتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ رَمىٰ وَلِيُبلِىَ المُؤمِنينَ مِنهُ بَلاءً حَسَنًا إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 17) |
(ٻٽاڪ نه هڻجو ياد رکو ته) توهان هنن کي (جنگ ۾) قتل نه ڪيو پر خود خدا هنن کي قتل ڪيو ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تو (جنگ جي ميدان ۾ مٽيءَ سان مٺ ڀري ڪافرن ڏانهن) اڇلائي هئي تڏهن حقيقتاً تو ڪين اڇلائي هئي پر خدا اڇلائي هئي ۽ اهو هن ڪري ٿيو هو ته ان جي وسيلي ايمان وارن کي هڪڙي چڱي آزمائش ۾ وجهي آزمائي. بيشڪ الله تعالي! ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
ذٰلِكُم وَأَنَّ اللَّهَ موهِنُ كَيدِ الكٰفِرينَ (آيت : 18) |
هي سڀ ته ٿي چڪو (جو بدر ۾ ڪافرن کي شڪست آئي) هاڻي (هي به ٻڌي ڇڏيو ته) الله تعاليٰ يقيناً ڪافرن جي مخفي تدبيرن کي به (جيڪي هو اسلام کي روڪڻ لاءِ ڪري رهيا آهن) ڪمزور ڪري ڇڏڻ وارو آهي. |
إِن تَستَفتِحوا فَقَد جاءَكُمُ الفَتحُ وَإِن تَنتَهوا فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَعودوا نَعُد وَلَن تُغنِىَ عَنكُم فِئَتُكُم شَيـًٔا وَلَو كَثُرَت وَأَنَّ اللَّهَ مَعَ المُؤمِنينَ (آيت : 19) |
(اي مڪي جاسردارؤ!) جيڪڏهن توهان سوڀ جا طلبگار هئو ته ڏسي ورتوَ ته سوڀ توهان جي سامهون اچي ويئي. (يعني فتح مومنن کي ملي) ۽ جيڪڏهن (آئنده لڙائيءَ کان) باز اچو ته ان ۾ توهان جي لاءِ بهتري آهي ۽ جيڪڏهن وري اها هلت (وڙهڻ واري) وٺندؤ ته اسان به اهائي هلت وٺنداسين ۽ ياد رکو ته اوهان جو لشڪر توهان جي ڪجهه به ڪم نه ايندو، اگرچه گهڻا ماڻهو گڏ ڪيو. يقيناً الله تعاليٰ مؤمنن سان آهي. (کين مدد ڪندو ۽ اوهان ڪافر نيٺ مغلوب ٿيندؤ). |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَوَلَّوا عَنهُ وَأَنتُم تَسمَعونَ (آيت : 20) |
مومنؤ! الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو. ان کان منهن نه موڙيو، جڏهن ته توهان (حق جو سڏ) ٻڌي رهيا آهيو. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ قالوا سَمِعنا وَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 21) |
۽ انهن ماڻهن (اهل ڪتاب) وانگر نه ٿيو، جن (زبان سان ته) چيو ته، اسان ٻڌو پر حقيقت هيءَ آهي ته هو ڪونه ٻڌندا هئا. (يعني نڪي غور ۽ فڪر ڪندا هئا، نڪي تعميل ڪندا هئا). |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الصُّمُّ البُكمُ الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 22) |
يقيناً الله تعاليٰ جي نظر ۾ سڀني کان وڌيڪ خراب ساهوارا اهي (انسان) آهن جي ٻوڙا ۽ گونگا آهن جي ڪجهه به نٿا سمجهن. |
وَلَو عَلِمَ اللَّهُ فيهِم خَيرًا لَأَسمَعَهُم وَلَو أَسمَعَهُم لَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ هنن ۾ ڪجهه به ڀلائي ڏسي ها (يعني فهم ۽ حق جي قبوليت جو مادو ڏسي ها) ته ضرور هنن کي ٻڌرائي ها، ۽ جيڪڏهن هنن کي ٻڌرائي ته به نتيجو هي نڪرندو جو هو منهن موڙي ڇڏيندا (يعني نڪي مڃيندا، نڪي عمل ڪندا) هو (ايمان کان) ڦري وڃڻ وارا آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَجيبوا لِلَّهِ وَلِلرَّسولِ إِذا دَعاكُم لِما يُحييكُم وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَحولُ بَينَ المَرءِ وَقَلبِهِ وَأَنَّهُ إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
مومنؤ! الله ۽ سندس رسول جو سڏ اونايو، جڏهن هو اوهان کي سڏي. انهيءَ لاءِ ته توهانکي (روحاني موت جي حالت مان ڪڍي) زندهه ڪري ڇڏي ۽ ڄاڻو ته (اڪثر وقتن تي ڇا ٿو ٿئي جو) الله تعاليٰ (پنهنجي ٺهرايل قانون ۽ سببن جي وسيلي) انسان ۽ سندس دل جي وچ ۾ حائل ٿي ٿو وڃي، ۽ پڻ ڄاڻو ته آخر سندس ئي حضور ۾ گڏ ڪري آندا ويندؤ. |
وَاتَّقوا فِتنَةً لا تُصيبَنَّ الَّذينَ ظَلَموا مِنكُم خاصَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 25) |
۽ انهيءَ فتني کان (خبرداريءَ سان) پاڻ کي بچائيندا رهو جو فتنو جيڪڏهن ايندو ته ان جي چوٽ رڳو ظلم ڪندڙن کي نه لڳندي ۽ ڄاڻو ته الله تعاليٰ (بدعملن جي) سزا ڏيڻ ۾ سخت آهي. |
وَاذكُروا إِذ أَنتُم قَليلٌ مُستَضعَفونَ فِى الأَرضِ تَخافونَ أَن يَتَخَطَّفَكُمُ النّاسُ فَـٔاوىٰكُم وَأَيَّدَكُم بِنَصرِهِ وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 26) |
۽ اهو وقت ياد ڪريو جڏهن (مڪي ۾) اوهان (مسلمانن) جو تعداد تمام ٿورو هو ۽ توهان ملڪ ۾ ڪمزور سمجهيا ٿي ويؤ. توهان انهيءَ وقت ڊڄندا هئو ته متان (زبردست دشمن) ماڻهو اوهان کي اڏائي کڻي نه وڃن. پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي (مديني ۾) پناهه ڏني، پنهنجي مددگاريءَ سان اوهان کي طاقت ڏني ۽ چڱيون شيون ڏئي رزق جو سامان مهيا ڪيو، انهيءَ لاءِ توهان شڪرگذار رهو (۽ خدا جي نعمتن جو قدر ڪيو.) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَخونُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ وَتَخونوا أَمٰنٰتِكُم وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 27) |
مومنؤ! ائين نه ڪجو جو الله ۽ سندس رسول سان خيانت ڪيو. هڪٻئي جي امانتن ۾ خيانت ڪيو ۽ توهان هن ڳالهه کان ناواقف ڪونه آهيو. |
وَاعلَموا أَنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 28) |
۽ ياد رکو ته توهان جو مال ۽ توهان جو اولاد (اوهان جي لاءِ) هڪ آزمائش آهي (۽ هيءَ ڳالهه به نه وسارجو ته) الله ئي آهي جنهن وٽ (نيڪي ڪندڙن لاءِ) وڏو اجر (۽ نعمتون) آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَتَّقُوا اللَّهَ يَجعَل لَكُم فُرقانًا وَيُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
مومنؤ! جيڪڏهن توهان خدا کان ڊڄندا رهو (۽ سندس نافرماني کان بچو) ته پوءِ هو توهان جي لاءِ (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي قوت پيدا ڪندو ۽ اوهان منجهان اوهان جون برايون ڪڍي ڇڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو. (ياد رکو ته) الله تعاليٰ ته تمام وڏو فضل ڪندڙ آهي. |
وَإِذ يَمكُرُ بِكَ الَّذينَ كَفَروا لِيُثبِتوكَ أَو يَقتُلوكَ أَو يُخرِجوكَ وَيَمكُرونَ وَيَمكُرُ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 30) |
۽ (اي پيغمبر!) اهو وقت ياد ڪر جڏهن (مڪي ۾) ڪافر تنهنجي خلاف پنهنجين مخفي تجويزن ۾ مشغول هئا، انهيءَ لاءِ ته توکي گرفتار ڪن يا قتل ڪن يا ملڪ نيڪالي ڏين ۽ (جڏهن) هو پنهنجون مخفي تجويزون ڪري رهيا هئا (تڏهن) الله تعاليٰ به پنهنجون مخفي تجويزون ڪري رهيو هو ۽ الله تعاليٰ بهتر تجويزون ڪندڙ آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا قالوا قَد سَمِعنا لَو نَشاءُ لَقُلنا مِثلَ هٰذا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن اسان جون آيتون هنن (ڪافرن) کي پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن هو چون ٿا ته هائو، اسان ٻڌيون. جيڪڏهن اسان چاهيون ته اسان به اهڙيون ڳالهيون ڪري سگهون ٿا. اهي ڳالهيون سواءِ هن جي ڇا آهن ته گذري ويل ماڻهن جا لکيل داستان آهن. |
وَإِذ قالُوا اللَّهُمَّ إِن كانَ هٰذا هُوَ الحَقَّ مِن عِندِكَ فَأَمطِر عَلَينا حِجارَةً مِنَ السَّماءِ أَوِ ائتِنا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 32) |
۽ (اي پيغمبر! اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن (مڪي جي ڪافرن) چيو هو ته، اي خدا جيڪڏهن هيءَ ڳالهه (يعني اسلام جي دعوت) تنهنجي طرف کان حق آهي ته اسان تي پٿرن جو مينهن وساءِ يا اسان کي (ڪنهن ٻئي) دردناڪ عذاب ۾ مبتلا ڪر. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم وَأَنتَ فيهِم وَما كانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُم وَهُم يَستَغفِرونَ (آيت : 33) |
پر الله ته ائين ڪرڻ وارو نه هو جو تون انهن ۾ موجود هجين ۽ انهن کي عذاب ۾ وجهي ۽ الله ائين به ڪرڻ وارو نه هو جو هنن کي عذاب ۾ وجهي ۽ هو معافي گهري رهيا هجن. |
وَما لَهُم أَلّا يُعَذِّبَهُمُ اللَّهُ وَهُم يَصُدّونَ عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَما كانوا أَولِياءَهُ إِن أَولِياؤُهُ إِلَّا المُتَّقونَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 34) |
پر (هاڻي جڏهن هنن توکي مڪو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو آهي تڏهن) ڪهڙي ڳالهه رهجي وئي آهي جو الله کين عذاب نه ڏئي، حالانڪ هو ڪعبت الله کان مسلمانن کي روڪي رهيا آهن ۽ حقيقت هيءَ آهي ته هو ان جا متولي ٿيڻ جا لائق ئي نه آهن، ان جا متولي جيڪڏهن ٿي سگهن ٿا ته اهي ئي ٿي سگهن ٿا جيڪي متقي (پرهيزگار) هجن (نه فسادي ۽ ظالم) پر هنن مان گهڻن کي (هن حقيقت جي) خبر ڪانهي. |
وَما كانَ صَلاتُهُم عِندَ البَيتِ إِلّا مُكاءً وَتَصدِيَةً فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 35) |
۽ ڪعبي جي گهر ۾ هنن جي نماز سواءِ هن جي ٻيو ڇا هئي ته سيٽيون وڄائن ۽ تاڙيون هڻن، پوءِ جيڪو ڪفر توهان ڪيو ٿا (تنهن جي بدلي ۾) عذاب جو مزو چکو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنفِقونَ أَموٰلَهُم لِيَصُدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَسَيُنفِقونَها ثُمَّ تَكونُ عَلَيهِم حَسرَةً ثُمَّ يُغلَبونَ وَالَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ يُحشَرونَ (آيت : 36) |
جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي پنهنجو مال ملڪيت انهيءَ لاءِ خرچ ڪري رهيا آهن ته ماڻهن کي خدا جي راهه کان روڪين. اهي ماڻهو آئنده به (اهڙيءَ طرح) خرچ ڪندا رهندا، پر پوءِ (اهو وقت ايندو جڏهن انهيءَ خرچ ڪرڻ تي) هنن کي ڏاڍو ارمان ٿيندو ۽ پوءِ (آخر) هو مغلوب ڪيا ويندا (يعني هو تباهه ٿيندا ۽ مسلمان مٿن غالب پوندا) ۽ (ياد رکو ته) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي (۽ پڇاڙيءَ تائين ان تي قائم رهيا) تن کي دوزخ ڏي هڪاليو ويندو. |
لِيَميزَ اللَّهُ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَيَجعَلَ الخَبيثَ بَعضَهُ عَلىٰ بَعضٍ فَيَركُمَهُ جَميعًا فَيَجعَلَهُ فى جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 37) |
۽ اهو هن لاءِ ٿيندو ته الله تعاليٰ ناپاڪ (روحن) کي پاڪ (روحن) کان جدا ڪري ڇڏي ۽ جيڪي ناپاڪ آهن تن مان ڪن کي ڪن سان ملائي ڇڏي، پوءِ سڀني کي (سندن بدحال ۾) جمع ڪري، پوءِ (قيامت جي ڏينهن) انهن کي دوزخ جي حوالي ڪري. اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي سراسر تباهه ٿيڻ وارا آهن. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا إِن يَنتَهوا يُغفَر لَهُم ما قَد سَلَفَ وَإِن يَعودوا فَقَد مَضَت سُنَّتُ الأَوَّلينَ (آيت : 38) |
(اي پيغمبر!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن کي چئي ڏي ته جيڪڏهن توهان (هاڻي دشمنيءَ کان) باز اچو ته جيڪي ٿي گذريو سو توهان کي معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن هو پوءِ به (ظلم ۽ لڙائي جي طرف) موٽن ته (انهيءَ باري ۾) اڳوڻن جو طريقو ۽ ان جو نتيجو گذري چڪو آهي (۽ سڀني کي معلوم آهي ته ظلم جو نتيجو آهي ظالمن جي تباهي. اهوئي نتيجو هنن مڪي جي ڪافرن کي به پيش ايندو.) |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ كُلُّهُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 39) |
۽ (اي مسلمانو! هاڻي توهان جي لاءِ فقط هي چارو رهيو آهي ته) هنن ڪافرن سان تيستائين لڙندا رهو، جيستائين ظلم ۽ فساد باقي نه رهي ۽ دين جو سڄو معاملو الله ئي جي لاءِ ٿي وڃي (يعني دين جي آزادي هجي ۽ انسان جو ظلم ان ۾ دخل نه ڏئي) پوءِ جيڪڏهن اهي ڪافر (جنگ کان) باز اچن ته پوءِ جيڪي جيڪي هو ڪن ٿا تنهن کي خدا ڏسي ٿو پيو. |
وَإِن تَوَلَّوا فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَولىٰكُم نِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 40) |
۽ جيڪڏهن (صلح جي هن آخر دعوت کان به) منهن موڙين ته ياد رکو ته، الله تعاليٰ اوهان (مسلمانن) جو رفيق ۽ ڪارساز آهي (۽ جنهن جو رفيق الله هجي ته) ڪهڙو نه چڱو رفيق ۽ ڪارساز آهي ۽ ڪهڙو نه چڱو مددگار. |
وَاعلَموا أَنَّما غَنِمتُم مِن شَيءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ وَما أَنزَلنا عَلىٰ عَبدِنا يَومَ الفُرقانِ يَومَ التَقَى الجَمعانِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 41) |
۽ ڄاڻي ڇڏيو ته اوهان کي جيڪو غنيمت جو مال هٿ اچي تنهن جو پنجون حصو الله ۽ الله جي رسول لاءِ ۽ (رسول جي) مائٽن لاءِ، يتيمن جي لاءِ، مسڪينن جي لاءِ ۽ مسافرن جي لاءِ آهي (۽ باقي چار حصا مجاهدن ۾ ورهائي سگهجن ٿا) جيڪڏهن توهان الله (جي انهيءَ غيبي مدد) تي يقين ٿا رکو جيڪا مدد اسان فيصلو ڪري ڇڏڻ واري ڏينهن پنهنجي بندي (حضرت رسولﷺ) تي نازل ڪئي هئي جڏهن ٻه لشڪر (بدر وٽ) هڪٻئي جي سامهون ٿيا هئا (ته انهيءَ طرح ورهاڱو ڪيو) ۽ (ياد رکو ته) الله جي قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي. |
إِذ أَنتُم بِالعُدوَةِ الدُّنيا وَهُم بِالعُدوَةِ القُصوىٰ وَالرَّكبُ أَسفَلَ مِنكُم وَلَو تَواعَدتُم لَاختَلَفتُم فِى الميعٰدِ وَلٰكِن لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا لِيَهلِكَ مَن هَلَكَ عَن بَيِّنَةٍ وَيَحيىٰ مَن حَىَّ عَن بَيِّنَةٍ وَإِنَّ اللَّهَ لَسَميعٌ عَليمٌ (آيت : 42) |
هيءُ اهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن توهان ماٿريءَ جي ويجهي هنڌ هئو ۽ دشمن جو لشڪر ماٿريءَ جي پراهين هنڌ هو ۽ (قريشن جو) قافلو توهان کان هيٺئين حصي ۾ هو (يعني قافلو سمنڊ جو ڪنارو وٺيو نڪري ويو) ۽ جيڪڏهن توهان پاڻ ۾ لڙائي جي ڳالهه ٺهرايو ها ته ضرور جنگ جي وقت، جاءِ تان هٽي وڃو ها (ڇو ته توهان کي دشمنن جي گهڻائيءَ کان ڊپ هو ۽ اوهان مان گهڻن جي مرضي هئي قافلي کي لٽڻ جي) پر الله تعاليٰ (ٻنهي لشڪرن کي هڪ ٻئي جي مقابل آندو) انهيءَ لاءِ ته جيڪا ڳالهه ٿيڻي هئي سا ڪري ڏيکاري (يعني ڪافرن جي طاقت کي ٽوڙي ڇڏي) پڻ هن لاءِ ته جنهن کي تباهه ٿيڻو آهي سو حجت پوري ٿيڻ بعد تباه ٿئي ۽ جيڪو زندهه (۽ ڪامياب) ٿيڻ وارو آهي سو به حجت جي پوري ٿيڻ بعد زندهه رهي. (يعني ٻئي ڌريون ڏسن ته حق ڪهڙي طرف آهي ۽ الله تعاليٰ حق کي فتح ڏيندڙ آهي) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ڄاڻي ٿو. |
إِذ يُريكَهُمُ اللَّهُ فى مَنامِكَ قَليلًا وَلَو أَرىٰكَهُم كَثيرًا لَفَشِلتُم وَلَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ سَلَّمَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 43) |
۽ (اي پيغمبر!) هي اهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن الله تعاليٰ توکي خواب ۾ هنن (دشمن ڪافرن) جو تعداد ٿورو ڪري ڏيکاريو (يعني هي ڏيکاريو ته اگرچه ظاهراً گهڻا هوندا، پر وڙهڻ ۾ ٿورا ثابت ٿيندا) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ هنن (ڪافرن) کي گهڻا ڪري ڏيکاري ها ته توهان (مسلمان) همت هاري وڃو ها ۽ انهيءَ معاملي ۾ پاڻ ۾ اختلاف ۽ جهڳڙا ڪيو ها، پر الله تعاليٰ توهان کي (اهڙيءَ حالت کان) بچائي ورتو. يقين ڪيو ته جيڪي به (ماڻهن جي) دلين ۾ لڪل آهي سو سندس علم کان لڪل ناهي. |
وَإِذ يُريكُموهُم إِذِ التَقَيتُم فى أَعيُنِكُم قَليلًا وَيُقَلِّلُكُم فى أَعيُنِهِم لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 44) |
۽ (وري ڏسو ته) جڏهن توهان ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي مقابل ٿيا هئو، تڏهن الله تعاليٰ هيئن ڪيو جو دشمن اوهان جي نظر ۾ ٿورا ڏسڻ ۾ آيا (يعني اوهان جي دلين ۾ ايمان ۽ ثابت قدميءَ جو روح ڦوڪجي ويو هو) ۽ هنن جي نظر ۾ اوهان ٿورا ڏسڻ ۾ آيؤ) (ڇو ته ظاهر طرح توهان برابر هنن کان ٿورا هئو) ۽ اهو سڀ الله تعاليٰ هن لاءِ ڪيو ته جيڪا ڳالهه ٿيڻي هئي سا ڪري ڏيکاري ۽ سڀني ڪمن (جي فيصلي) جو دارومدار فقط الله تعاليٰ تي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُم فِئَةً فَاثبُتوا وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 45) |
اي مومنؤ! جڏهن (حملو ڪندڙن جي) ڪنهن ٽوليءَ سان اوهان جو مقابلو ٿئي تڏهن لڙائيءَ ۾ ثابت قدم رهو ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪيو، انهيءَ لاءِ ته توهان ڪامياب ٿيو. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَنٰزَعوا فَتَفشَلوا وَتَذهَبَ ريحُكُم وَاصبِروا إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 46) |
۽ الله ۽ سندس رسول جو چوڻ مڃو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو (بي اتفاقي نه ڪيو، هڪ ٿي وڃو) ائين ڪندؤ (يعني پاڻ ۾ جهڳڙا ڪندؤ ۽ پاڻ ۾ ٻڌي نه ڪندؤ) ته توهان جون دليون هارجي وينديون ۽ اوهان جي طاقت هلي ويندي ۽ (مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾) صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪيو (ياد رکو ته) الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي صبر ڪندڙ ۽ ثابت قدم رهندڙ آهن. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم بَطَرًا وَرِئاءَ النّاسِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَاللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 47) |
۽ (خبردار) انهن ماڻهن جهڙا نه ٿجو جيڪي پنهنجي گهرن مان (لڙائي ڪرڻ لاءِ) آڪڙ ڪندي ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ نمائش ۽ ڏيکاءُ ڪندي نڪتا ۽ جن جو حال هي آهي جو الله جي راه کان (سندس بندن کي) روڪين ٿا ۽ (ياد رکو ته) جيڪي به عمل هي ماڻهو ڪن ٿا تن تي الله تعاليٰ (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) گهيرو ڪيو بيٺو آهي. |
وَإِذ زَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم وَقالَ لا غالِبَ لَكُمُ اليَومَ مِنَ النّاسِ وَإِنّى جارٌ لَكُم فَلَمّا تَراءَتِ الفِئَتانِ نَكَصَ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَقالَ إِنّى بَريءٌ مِنكُم إِنّى أَرىٰ ما لا تَرَونَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 48) |
۽ اهو (واقعو به ياد رکو جو) شيطان (سراقه بن مالڪ) هنن جي عملن کي هنن جي نظر ۾ سهڻا ڪري ڏيکاريو هو ۽ چيو هو ته، اڄ ماڻهن ۾ ڪي به اهڙا ڪونه آهن جي توهان تي غالب پئجي سگهن ۽ مان توهان جو پشت پناه آهيان، پر جڏهن ٻئي فوجون (بدر وٽ) هڪٻئي جي مقابل ٿيون تڏهن پٺئين پير واپس ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته، مان توهان کان بيزار آهيا. مان اهو ڪجهه ڏسي رهيو آهيان جو توهان نٿا ڏسو. مان خدا کان ڊڄان ٿو ۽ خدا (بدعملن جي بدلي ۾) تمام سخت سزا وارو آهي. |
إِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ غَرَّ هٰؤُلاءِ دينُهُم وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 49) |
۽ (وري ڏسو ته) منافقن ۽ انهن ماڻهن جن جي دلين ۾ (ايمان جي ڪمزوريءَ جو) مرض هو چيو هو ته، هنن مسلمانن کي سندن دين مغرور ڪري ڇڏيو آهي (يعني دين جو نشو ۽ جوش هنن کي وڏي لشڪر جي مقابلي لاءِ اڀاري رهيو آهي. هنن منافقن کي خبر ناهي ته مسلمانن جو ڀروسو الله تعاليٰ تي آهي) ۽ جيڪڏهن ڪوبه الله تعاليٰ تي ڀروسو رکي ٿو ته پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ (سندس حمايت ۾) غالب پوڻ وارو ۽ حڪمت وارو آهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ يَتَوَفَّى الَّذينَ كَفَرُوا المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 50) |
۽ جيڪڏهن توهان (پنهنجي اکين سان) اها حالت ڏسو جڏهن فرشتا انهن ڪافرن جا روح قبض ڪندا ۽ سندن منهن ۽ پٺيءَ تي ڌڪ هڻندا ۽ (چوندا ته اي ڪافرؤ) هاڻي چکو باه جي عذاب جو ذائقو (ته پوءِ توهان ڏسندڙن جو ڪهڙو حال ٿئي؟) |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 51) |
(اي حق جا دشمنؤ!) هي عذاب انهيءَ (بدعمليءَ) جو نتيجو آهي جنهن جو سامان خود اوهان جي هٿن اڳ ئي گڏ ڪري رکيو آهي. (توهان بدعمل ڪري پاڻ تي پاڻ عذاب اندو آهي) الله تعاليٰ ته ڪڏهن به پنهنجي بندن تي ظلم ڪرڻ وارو ناهي. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 52) |
جهڙو دستور فرعون جي ماڻهن جو هو ۽ انهن (فاسقن) جو هو جي انهن کان اڳي ٿي گذريا تهڙو ئي (ظلم ُ فساد جو) دستور اوهان (مڪي وارن) جو آهي. هنن الله جي نشانين کي نه مڃيو ته الله به سندن گناهن جي ڪري کين پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعاليٰ وڏي قوت وارو (بدعملن جي) سزا ڏيڻ ۾ تمام سخت آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ لَم يَكُ مُغَيِّرًا نِعمَةً أَنعَمَها عَلىٰ قَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 53) |
هيءَ ڳالهه هن ڪري ٿي جو الله تعاليٰ جو مقرر قانون آهي ته جيڪا نعمت هو ڪنهن قوم کي عطا فرمائي ٿو سا وري ڪڏهن به نٿو بدلائي، جستائين انهيءَ قوم جا ماڻهو پاڻ پنهنجي حالت نه بدلائين). ۽ هن ڪري به جو الله تعاليٰ (سڀ ڪنهن جي) ٻڌي ٿو ۽ (سڀ ڪجهه) ڄاڻي ٿو. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَكُلٌّ كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 54) |
جهڙو دستور فرعون جي ماڻهن جو هو ۽ انهن (فاسقن) جو، جي انهن کان اڳي ٿي گذريا اهڙو ئي دستور (فسق جو) اوهان جو به آهي. هنن پنهنجي پروردگار جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو ته اسان کين سندن گناهن سبب تباهه ڪري ڇڏيو ۽ فرعون جي ماڻهن کي (سمنڊ ۾) ٻوڙي ڇڏيو ۽ اهي سڀ ظالم هئا. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الَّذينَ كَفَروا فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 55) |
بيشڪ الله تعاليٰ جي نظر ۾ بدترين چوپايا جانور اهي (انسان) آهن جن ڪفر جي واٽ ورتي. پوءِ اهي ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. |
الَّذينَ عٰهَدتَ مِنهُم ثُمَّ يَنقُضونَ عَهدَهُم فى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُم لا يَتَّقونَ (آيت : 56) |
(اي پيغمبر!) جن ماڻهن سان تو (صلح جو) عهدنامون ڪيو هو، تن اهو عهدنامو ٽوڙيو ۽ وري وري عهدناما ڪري ٽوڙيندا رهيا ۽ (اهڙي بد هلت جي نتيجن کان) ڊڄن به ڪونه ٿا (نه خدا کان ٿا ڊڄن نه انسانن کان). |
فَإِمّا تَثقَفَنَّهُم فِى الحَربِ فَشَرِّد بِهِم مَن خَلفَهُم لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 57) |
تنهن ڪري (هاڻي گهرجي ته جهڙي هلت پاڻ وٺن تهڙي تون به وٺ) جيڪڏهن تون هنن کي لڙائيءَ ۾ موجود ڏسين ته کين اهڙي سزا ڏي جو جيڪي ماڻهو هنن جي پٺ ۾ آهن (يعني سندن حمايتي مڪي جا مشرڪ) تن کي ڀڄندو ڏسي پاڻ به ڀاڄ شروع ڪن ۽ ممڪن آهي ته (انهيءَ شڪست ۽ سزا مان) عبرت وٺن (۽ آئينده لاءِ صلح ۾ رهن). |
وَإِمّا تَخافَنَّ مِن قَومٍ خِيانَةً فَانبِذ إِلَيهِم عَلىٰ سَواءٍ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الخائِنينَ (آيت : 58) |
۽ جيڪڏهن ڪو ٽولو (اهڙي هلت وٺي جو)انهن کان اوهان کي دغا جو انديشو ٿئي ته اوهان کي گهرجي ته انهن جو عهدنامو انهن کي اڇلائي ڏيو ته ٻئي طرف هڪ جهڙي حالت ۾ ٿي وڃن. (يعني ائين نه ٿئي جو اوچتو عهد ٽوڙي حملي ڪجي جيئن مخالفن کي لڙائي وغيره جي تياريءَ جي مهلت ۽ وقت ئي نه ملي) ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ خيانت ڪندڙن کي هرگز پسند نٿو ڪري. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا سَبَقوا إِنَّهُم لا يُعجِزونَ (آيت : 59) |
۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي ائين نه سمجهن ته بازي کڻي ويا. هو ڪڏهن به (حق جي پيروي ڪندڙن کي) عاجز ۽ هيڻو ڪري نه سگهندا. |
وَأَعِدّوا لَهُم مَا استَطَعتُم مِن قُوَّةٍ وَمِن رِباطِ الخَيلِ تُرهِبونَ بِهِ عَدُوَّ اللَّهِ وَعَدُوَّكُم وَءاخَرينَ مِن دونِهِم لا تَعلَمونَهُمُ اللَّهُ يَعلَمُهُم وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فى سَبيلِ اللَّهِ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 60) |
۽ (اي مسلمانو) جيتري قدر ئي ٿي سگهي اوتري قدر پاڻ ۾ قوت پيدا ڪري ۽ گهوڙا (جنگ لاءِ) تيار رکي دشمن جي مقابلي لاءِ پنهنجو (جنگ جو) سامان تيار ڪندا رهو. ڇو ته اهڙيءَ طرح تيار رهڻ سان اوهان الله جي دشمن ۽ پنهنجي دشمنن تي پنهنجو ڌاڪو ۽ رعب ڄمائيندؤ ۽ پڻ انهن ماڻهن کان علاوه ٻين تي ڌاڪو ڄمائيندؤ، جن جي توهان کي خبر ناهي (ته اوهان جا دشمن آهن) الله تعاليٰ انهن کي ڄاڻي ٿو ۽ (ياد رکو ته) الله جي راهه ۾ (يعني جهاد جي تياريءَ ۾) توهان جيڪو به خرچ ڪندؤ سو توهان کي پورو پورو ملي ويندو ۽ اوهان جو حق هرگز تلف نه ڪيو ويندو. |
وَإِن جَنَحوا لِلسَّلمِ فَاجنَح لَها وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏهن (دشمن) صلح جي طرف جهڪن ته اوهان کي گهرجي ته اوهان به صلح جي طرف جهڪو ۽ (هر حال ۾) الله تي ڀروسو رکو (ته) بيشڪ اهوئي الله آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. |
وَإِن يُريدوا أَن يَخدَعوكَ فَإِنَّ حَسبَكَ اللَّهُ هُوَ الَّذى أَيَّدَكَ بِنَصرِهِ وَبِالمُؤمِنينَ (آيت : 62) |
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن هنن جو ارادو هي هجي ته توکي ڌوڪو ڏين ته (به فڪر ناهي) الله تنهنجي لاءِ ڪافي (مددگار) آهي. اهوئي آهي جنهن پنهنجي مددگاريءَ سان ۽ مؤمنن (جي همراهيءَ) سان تنهنجي تائيد ڪئي (۽ قوت پيدا ڪري فتح ڏني). |
وَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِهِم لَو أَنفَقتَ ما فِى الأَرضِ جَميعًا ما أَلَّفتَ بَينَ قُلوبِهِم وَلٰكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ بَينَهُم إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 63) |
۽ اهوئي آهي جنهن مومنن جي دلين ۾ هڪٻئي لاءِ الفت ۽ محبت پيدا ڪري ڇڏي. جيڪڏهن تون اهو سڀ ڪجهه خرچ ڪرين جو روءِ زمين تي آهي ته به هنن جي دلين کي الفت ۽ محبت ۾ ڳنڍي نه سگهين ها. پر اهو الله ئي آهي جنهن منجهن الفت ۽ محبت پيدا ڪئي، بيشڪ هو (پنهنجي ڪمن ۾) غالب ۽ حڪمت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَسبُكَ اللَّهُ وَمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 64) |
اي پيغمبر! الله تعاليٰ تنهنجي لاءِ ڪافي (مددگار) آهي ۽ انهن مؤمنن لاءِ )به) ڪافي (مددگار) آهي جيڪي تنهنجي تابعداري ڪندڙ آهن (نه انهن لاءِ رڳو نالي طور مؤمن يا مسلمان آهن.) |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَرِّضِ المُؤمِنينَ عَلَى القِتالِ إِن يَكُن مِنكُم عِشرونَ صٰبِرونَ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ يَغلِبوا أَلفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 65) |
اي پيغمبر! مؤمنن کي لڙائيءَ جو شوق ڏيار (اي مسلمانو!) جيڪڏهن توهان ۾ رڳو ويهه صابر ۽ ثابت قدمي رکندڙ ماڻهو نڪري پون ته يقين ڪيو ته اهي ٻه سئو دشمنن تي غالب پئجي ويندا، ۽ جيڪڏهن اوهان ۾ اهڙا ماڻهو سئو ٿي وڃن ته هزار ڪافرن تي غالب پئجي ويندا. هن ڪري جو ڪافر ماڻهو (حق ۽ باطل کي) نٿا سمجهن (منجهن دانش ۽ بصيرت ڪانهي.) |
الـٰٔنَ خَفَّفَ اللَّهُ عَنكُم وَعَلِمَ أَنَّ فيكُم ضَعفًا فَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ صابِرَةٌ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم أَلفٌ يَغلِبوا أَلفَينِ بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 66) |
مسلمانو!) هاڻي ته خدا توهان جي لاءِ بار هلڪوڪيو آهي. هن کي خبر آهي ته توهان ۾ ڪمزوري آهي. سو هن وقت جيڪڏهن توهان ۾ صبر سان مشڪلاتون سهڻ وارا هڪ سئو ماڻهو هوندا ته (انهن کي فقط ٻيڻي تعداد سان مقابلو ڪرڻو پوندو يعني) هو ٻن سون دشمنن تي غالب پئجي سگهندا. ۽ جيڪڏهن هزار هوندا ته الله جي حڪم (۽ تائيد) سان ٻه هزار دشمنن کي مغلوب ڪري سگهندا، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي (مشڪلاتن ۾) صبر ڪندڙ ۽ (فرض ادائين ۾) ثابت قدم رهندڙ آهن. |
ما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكونَ لَهُ أَسرىٰ حَتّىٰ يُثخِنَ فِى الأَرضِ تُريدونَ عَرَضَ الدُّنيا وَاللَّهُ يُريدُ الءاخِرَةَ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 67) |
نبيءَ کي مناسب ناهي ته سندس قبضي ۾ قيدي هجن تان ته ڪافرن کي قتل ڪري (ملڪ ۾ غلبو حاصل ڪري وٺي.) (مسلمانو!) توهان دنيا جو سامان چاهيو ٿا پر الله تعاليٰ چاهي ٿو ته (اوهان کي) آخرت (جو اجر ڏئي) ۽ الله غالب رهندڙ ۽ حڪمت وارو آهي. |
لَولا كِتٰبٌ مِنَ اللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُم فيما أَخَذتُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 68) |
جيڪڏهن (هن باري ۾) اڳ ئي الله جو حڪم نه اچي وڃي ها ته جيڪو مال توهان (غنيمت طور بدر ۾) هٿ ڪيو تنهن لاءِ ضرور اوهان کي وڏو عذاب پهچي ها. |
فَكُلوا مِمّا غَنِمتُم حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 69) |
بهرحال جيڪي توهان کي غنيمت ۾ هٿ آيو آهي تنهن کي حلال ۽ پاڪ سمجهي پنهنجي ڪم ۾ لڳايو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِمَن فى أَيديكُم مِنَ الأَسرىٰ إِن يَعلَمِ اللَّهُ فى قُلوبِكُم خَيرًا يُؤتِكُم خَيرًا مِمّا أُخِذَ مِنكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 70) |
اي پيغمبر! لڙائي جي قيدين مان جيڪي ماڻهو تنهنجي قبضي ۾ آهن تن کي چئو ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ توهان جي دلين ۾ ڪجهه چڱائي ڏٺي ته پوءِ جيڪو (فديو) اوهان کان ورتو ويو آهي ان کان بهتر اجر توهان کي عطا فرمائيندو ۽ اوهان کي بخشي ڇڏيندو. هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي. |
وَإِن يُريدوا خِيانَتَكَ فَقَد خانُوا اللَّهَ مِن قَبلُ فَأَمكَنَ مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو چاهين ته توسان دغا ڪن ته (به اهو ڪو سبب ناهي جنهن جي ڪري تون ان انديشي کان پنهنجو عملي دستور عدل ۽ احسان وارو ڦيرائي ڇڏين) اهي ماڻهو هن کان اڳي خود الله سان ٺڳيون ڪري چڪا آهن، ۽ انهيءَ ئي ڪري توکي هنن تي غلبو ڏنو ويو آهي. (ياد رک ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت رکندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَالَّذينَ ءامَنوا وَلَم يُهاجِروا ما لَكُم مِن وَلٰيَتِهِم مِن شَيءٍ حَتّىٰ يُهاجِروا وَإِنِ استَنصَروكُم فِى الدّينِ فَعَلَيكُمُ النَّصرُ إِلّا عَلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 72) |
جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي مال ۽ جانين سان جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن (مڪي جي مهاجرن کي مديني ۾) جاءِ ڏني ۽ انهن جي مدد ڪئي سي اهي ماڻهو آهن جي هڪٻئي جا ڪارساز ۽ رفيق آهن، ۽ جن ماڻهن ايمان ته آندو پر هجرت نه ڪئي تن جي مدد ۽ رفاقت اوهان تي لازم ناهي، جيستائين هو پنهنجي وطن مان هجرت نه ڪن. پر جيڪڏهن دين جي باري ۾ توهان کان مدد گهرن ته پوءِ بيشڪ توهان تي انهن جي مددگاري لازم آهي. سواءِ ان حالت جي جو ڪنهن اهڙي قوم جي مقابلي ۾ مدد گهرن جنهن قوم سان توهان جو (صلح ۽ امن جو) عهدنامو ٿيل هجي. (ڇو ته ان حالت ۾ توهان عهد نامي جي خلاف عمل ڪري نٿا سگهو.) جيڪي جيڪي ڪيو ٿا سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو. |
وَالَّذينَ كَفَروا بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ إِلّا تَفعَلوهُ تَكُن فِتنَةٌ فِى الأَرضِ وَفَسادٌ كَبيرٌ (آيت : 73) |
۽ (ڏسو) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي (ڪفر جي واٽ ۾) هڪ ٻئي جا ڪارساز ۽ رفيق آهن. جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندؤ (يعني هڪ ٻئي سان محبت ۽ مددگاري نه ڪندؤ) ته ملڪ ۾ فتنو فساد پيدا ٿيندو ۽ وڏي خرابي ۽ بگاڙو پکڙبو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 74) |
(مطلب ته) جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن (مڪي جي مهاجرن کي) پناهه ڏني ۽ مدد ڪئي سي (مهاجرين ۽ انصار) في الحقيقت سچا مؤمن آهن ۽ انهن جي لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا مِن بَعدُ وَهاجَروا وَجٰهَدوا مَعَكُم فَأُولٰئِكَ مِنكُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 75) |
۽ جن ماڻهن پوءِ ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ توهان سان شامل ٿي جهاد ڪيائون سي به توهان ۾ ئي داخل آهن. (انهن کي پاڻ کان الڳ نه سمجهو) ۽ (باقي رهي هيءَ ڳالهه ته) الله جي حڪم موجب مائٽ هڪٻئي جي ميراث جا وڌيڪ حقدار آهن، (انهيءَ کان جو انصار جو ترڪو مهاجر ڀاءُ ڏي وڃي) بلاشبه الله تعاليٰ هرهڪ ڳالهه جو علم رکندڙ آهي. |