يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَنفالِ قُلِ الأَنفالُ لِلَّهِ وَالرَّسولِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَصلِحوا ذاتَ بَينِكُم وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 1) |
توکان جنگ جي لُٽ بابت پڇن ٿا- چئو ته جنگ جي لُٽ جو مال الله ۽ سندس رسول جو آهي- الله کان ڊڄو ۽ پاڻ ۾ ٺاهه رکو- ۽ جيڪڏهن اوهين مومن آهيو، ته الله ۽ سندس رسول جي پيروي ڪريو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَإِذا تُلِيَت عَلَيهِم ءايٰتُهُ زادَتهُم إيمٰنًا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 2) |
بيشڪ مومن اُهي ئي آهن، جو جڏهن الله جو ذڪر ٿئي ٿو، ته سندن دليون ڪنبن ٿيون ۽ جڏهن کين الله جون آيتون پڙهي ٻڌائجي ٿيون ته اُهي سندن ايمان کي مضبوط ڪن ٿيون، هو پنهنجي رب تي ڀروسو رکن ٿا. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
اهي نماز جي پابندي ڪن ٿا، جيڪي اسان کين ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن ٿا. |
أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم دَرَجٰتٌ عِندَ رَبِّهِم وَمَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
اهي ئي سچا مومن آهن- انهن لاءِ ئي سندن رب وٽ وڏا درجا ۽ بخشش ۽ عزت جي روزي آهي. |
كَما أَخرَجَكَ رَبُّكَ مِن بَيتِكَ بِالحَقِّ وَإِنَّ فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ لَكٰرِهونَ (آيت : 5) |
جيئن تنهنجي رب توکي پنهنجي گهر مان مصلحت سان روانو ڪيو، مگر مسلمانن جي هڪ ٽولي ناراض هئي. |
يُجٰدِلونَكَ فِى الحَقِّ بَعدَما تَبَيَّنَ كَأَنَّما يُساقونَ إِلَى المَوتِ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 6) |
هو حق جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ توسان ائين جهڳڙو ڪندا رهيا جو ڄڻ ته ڏسن پيا، ته ڪو کين موت ڏانهن ڪاهي رهيو آهي. |
وَإِذ يَعِدُكُمُ اللَّهُ إِحدَى الطّائِفَتَينِ أَنَّها لَكُم وَتَوَدّونَ أَنَّ غَيرَ ذاتِ الشَّوكَةِ تَكونُ لَكُم وَيُريدُ اللَّهُ أَن يُحِقَّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَيَقطَعَ دابِرَ الكٰفِرينَ (آيت : 7) |
۽ جڏهن الله اوهان سان ٻن مان هڪ ٽوليءَ جو واعدو ڪيو ٿي، ته اها اوهان کي هٿ ايندي ۽ اوهان گهريو ٿي، ته بي هٿيار ٽولي اوهان کي هٿ اچي، مگر الله گهريو ٿي ته پنهنجي حڪمن سان حق کي حق هجڻ ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ پٽي ڇڏي. |
لِيُحِقَّ الحَقَّ وَيُبطِلَ البٰطِلَ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 8) |
ته حق حق (ثابت) ٿئي ۽ ڪوڙ ڪوڙ ثابت ڪري، پوءِ کڻي بدڪارن کي ائين نه وڻي. |
إِذ تَستَغيثونَ رَبَّكُم فَاستَجابَ لَكُم أَنّى مُمِدُّكُم بِأَلفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُردِفينَ (آيت : 9) |
ياد ڪريو، جڏهن اوهين پنهنجي رب کي فرياد ڪري رهيا هئا، پوءِ الله ان کي قبول ڪيو ته آءٌ اوهان کي هڪ ٻئي پٺيران ايندڙ هزار فرشتن جي مدد ڏيندس. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ وَلِتَطمَئِنَّ بِهِ قُلوبُكُم وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ الله ته ان کي رڳو خوشخبري بڻايو هو ته ان سان اوهانجون دليون آرام وٺن، مدد ته رڳو الله وٽان ئي ملي ٿي- بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي. |
إِذ يُغَشّيكُمُ النُّعاسَ أَمَنَةً مِنهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيكُم مِنَ السَّماءِ ماءً لِيُطَهِّرَكُم بِهِ وَيُذهِبَ عَنكُم رِجزَ الشَّيطٰنِ وَلِيَربِطَ عَلىٰ قُلوبِكُم وَيُثَبِّتَ بِهِ الأَقدامَ (آيت : 11) |
(ياد ڪريو) جڏهن هن اوهان جي لاءِ پنهنجي طرف کان اوهان تي ڳهر ڇانئي ڇڏي ۽ اوهان تي آسمان مان پاڻي موڪليائين، ته ان سان اوهان کي پاڪ ڪري، اوهان مان شيطاني وسوسن کي تڙي ڪڍي، اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ اوهان جي پيرن کي ڄمائي. |
إِذ يوحى رَبُّكَ إِلَى المَلٰئِكَةِ أَنّى مَعَكُم فَثَبِّتُوا الَّذينَ ءامَنوا سَأُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ فَاضرِبوا فَوقَ الأَعناقِ وَاضرِبوا مِنهُم كُلَّ بَنانٍ (آيت : 12) |
ياد ڪر، جڏهن تنهنجي رب انهن فرشتن کي حڪم ڏنو ٿي، ته آءٌ اوهان سان آهيان، تنهنڪري اوهان مومنن جي همت کي وڌايو، آءٌ به جلدئي ڪافرن جي دلين ۾ دهشت وجهان ٿو. سو اوهين ڪافرن جي گردنن تي وار ڪريو ۽ انهن جي هر هڪ سنڌ تي ڌڪ هڻو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِقِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 13) |
اهو هن ڪري، جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي- ۽ جيڪو الله ۽ رسول جي مخالفت ڪندو، ته الله به سخت عذاب ڪندڙ آهي. |
ذٰلِكُم فَذوقوهُ وَأَنَّ لِلكٰفِرينَ عَذابَ النّارِ (آيت : 14) |
سو اها سزا چکو ۽ بيشڪ ڪافرن لاءِ دوزخ جي باهه آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا زَحفًا فَلا تُوَلّوهُمُ الأَدبارَ (آيت : 15) |
اي مومنؤ! جڏهن اوهين ڪافرن سان سامهون مقابلو ڪريو، ته انهن کي پٺ ڏئي نه ڀڄجو. |
وَمَن يُوَلِّهِم يَومَئِذٍ دُبُرَهُ إِلّا مُتَحَرِّفًا لِقِتالٍ أَو مُتَحَيِّزًا إِلىٰ فِئَةٍ فَقَد باءَ بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 16) |
۽ ان ڏينهن لڙائي ۾ کيڏ ڪندڙ يا پنهنجي جماعت جي ڀر وٺندڙ کانسواءِ جيڪو انهن کي پٺ ڏئي ڀڄندو، سو بيشڪ الله جي ڏمر هيٺ آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. |
فَلَم تَقتُلوهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ قَتَلَهُم وَما رَمَيتَ إِذ رَمَيتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ رَمىٰ وَلِيُبلِىَ المُؤمِنينَ مِنهُ بَلاءً حَسَنًا إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 17) |
کين اوهان نه قتل ڪيو. مگر الله ئي کين قتل ڪيو تو انهن ڏانهن مٽيءَ جي مٺ نه اڇلي هئي، پر الله اُڇلي هئي، ان لاءِ ته ايمان وارن کي پنهنجي نعمت سان چڱي طرح آزمائي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
ذٰلِكُم وَأَنَّ اللَّهَ موهِنُ كَيدِ الكٰفِرينَ (آيت : 18) |
ائين ئي آهي ۽ بيشڪ الله ڪافرن جي رٿ کي ڪمزور ڪندڙ آهي |
إِن تَستَفتِحوا فَقَد جاءَكُمُ الفَتحُ وَإِن تَنتَهوا فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَعودوا نَعُد وَلَن تُغنِىَ عَنكُم فِئَتُكُم شَيـًٔا وَلَو كَثُرَت وَأَنَّ اللَّهَ مَعَ المُؤمِنينَ (آيت : 19) |
جيڪڏهن فتح گهرو ٿا، ته اوهان وٽ فتح اچي چڪي آهي ۽ جي پاڻ جهليندؤ، ته اها ڳالهه اوهان لاءِ چڱي آهي- پر جي وري به ائين ڪندؤ ته اسين به ائين ڪنداسين ۽ اوهان جو لشڪر ذري جيترو به ڪم نه ايندو کڻي ڪيترو به وڌيڪ هجي، بيشڪ الله مومنن سان همراهه آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَوَلَّوا عَنهُ وَأَنتُم تَسمَعونَ (آيت : 20) |
اي مومنؤ! الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوهين (حق) ٻڌندي ان کان منهن نه موڙيو. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ قالوا سَمِعنا وَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 21) |
۽ انهن وانگر نه ٿيو، جن چيو ته ”اسان ٻڌو،“ مگر حقيقت ۾ نه ٿا ٻڌن. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الصُّمُّ البُكمُ الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 22) |
بيشڪ الله وٽ بڇڙي مخلوق اها آهي، جي ٻوڙا گونگا آهن، جي ذرو به نه ٿا سمجهن. |
وَلَو عَلِمَ اللَّهُ فيهِم خَيرًا لَأَسمَعَهُم وَلَو أَسمَعَهُم لَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
جيڪڏهن الله انهن ۾ ڀلائي ڏسي ها ته کين ٻڌارائي ها، پر جي کين ٻڌارائي ها ته ضرور بي رخا ٿي منهن موڙين ها. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَجيبوا لِلَّهِ وَلِلرَّسولِ إِذا دَعاكُم لِما يُحييكُم وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَحولُ بَينَ المَرءِ وَقَلبِهِ وَأَنَّهُ إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
اي مومنو! جڏهن (به) رسول اوهان کي جياريندڙ ڳالهه ڏانهن سڏي، ته اوهين الله ۽ رسول جو چيو مڃيندا ڪريو، ڄاڻو ته الله ماڻهو ۽ سندس دل جي وچ ۾ اوٽ ٿيندو آهي، بيشڪ اوهان سڀني کي ان وٽ ڪٺو ٿيڻو آهي. |
وَاتَّقوا فِتنَةً لا تُصيبَنَّ الَّذينَ ظَلَموا مِنكُم خاصَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 25) |
۽ ان (عام) فتني کان بچو، جو رڳو اوهان مان ڏوهارين تي ڪو نه ايندو ۽ ڄاڻو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
وَاذكُروا إِذ أَنتُم قَليلٌ مُستَضعَفونَ فِى الأَرضِ تَخافونَ أَن يَتَخَطَّفَكُمُ النّاسُ فَـٔاوىٰكُم وَأَيَّدَكُم بِنَصرِهِ وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 26) |
ياد ڪريو، جڏهن اوهين ٿورا هئا، ملڪ ۾ ڪمزور سمجهيا ويؤ ٿي. ڊنؤ ٿي ته ماڻهو اوهانکي اوچتو کڻي نه وڃن، تڏهن هن اوهان کي جاءِ ڏني ۽ اوهان کي پنهنجي مدد سان مضبوط ڪيائين ۽ اوهان کي پاڪ شين جو رزق ڏنائين ته من اوهين شڪر گذار ٿيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَخونُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ وَتَخونوا أَمٰنٰتِكُم وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 27) |
اي مومنو! اوهين ڄاڻندي ٻجهندي نڪي الله ۽ رسول جي خيانت ڪريو. نڪي هڪ ٻين جي امانتن جي ئي خيانت ڪريو. |
وَاعلَموا أَنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 28) |
پڪ ڄاڻو، ته اوهان جا مال ۽ اوهان جو اولاد رڳو هڪ پرک آهن ۽ بيشڪ الله وٽ وڏو اجر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَتَّقُوا اللَّهَ يَجعَل لَكُم فُرقانًا وَيُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
اي مومنو! جيڪڏهن اوهين الله کان ڊڄندؤ ته، هو اوهان کي (حق ۽ باطل کي) نکيڙڻ جي قوت ڏيندو ۽ اوهان کان اوهان جي گناهن کي ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. |
وَإِذ يَمكُرُ بِكَ الَّذينَ كَفَروا لِيُثبِتوكَ أَو يَقتُلوكَ أَو يُخرِجوكَ وَيَمكُرونَ وَيَمكُرُ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 30) |
(ياد ڪر) جڏهن ڪافرن تو بابت وڏيون رٿون سوچيون ٿي، ته توکي قيد يا قتل، يا جلاوطن ڪن، انهن پنهنجون رٿون رٿيون ٿي ۽ الله پنهنجي رٿ رٿي رهيو هو ۽ الله سڀ کان وڌيڪ پختي رٿ ڪندڙ آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا قالوا قَد سَمِعنا لَو نَشاءُ لَقُلنا مِثلَ هٰذا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 31) |
جڏهن انهن اڳيان اسان جون آيتون پڙهجن ٿيون ته چون ٿا ته اسان ٻڌو. جيڪڏهن اسين به گهرون، ته هوند ان جهڙو چئون، ته هي ته اڳين جي آکاڻين ڌاران ٻيو ڪجهه به نه آهي. |
وَإِذ قالُوا اللَّهُمَّ إِن كانَ هٰذا هُوَ الحَقَّ مِن عِندِكَ فَأَمطِر عَلَينا حِجارَةً مِنَ السَّماءِ أَوِ ائتِنا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 32) |
۽ جڏهن چيائون ته اي الله! جيڪڏهن هي قرآن سچ پچ تو وٽان آهي ته پوءِ اسان تي آسمان مان پٿر وساءِ يا اسان تي دردناڪ عذاب آڻ. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم وَأَنتَ فيهِم وَما كانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُم وَهُم يَستَغفِرونَ (آيت : 33) |
مگر الله اهڙو نه آهي، جو تنهنجي هوندي انهن کي عذاب ڪري ۽ الله انهن کي بخشش گهرڻ هوندي به عذاب نه ڪندو. |
وَما لَهُم أَلّا يُعَذِّبَهُمُ اللَّهُ وَهُم يَصُدّونَ عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَما كانوا أَولِياءَهُ إِن أَولِياؤُهُ إِلَّا المُتَّقونَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 34) |
انهن کي ڪهڙو حق آهي، جو الله کين معمولي عذاب به نه ڏئي ۽ هو ڪعبي کان به روڪ ڪندا رهن، جنهن جا سنڀاليندڙ ٿيڻ جا به هو لائق نه آهن- نيڪن کانسواءِ ان جو ڪو ٻيو سنڀاليندڙ نه ٿو ٿي سگهي، مگر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن |
وَما كانَ صَلاتُهُم عِندَ البَيتِ إِلّا مُكاءً وَتَصدِيَةً فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 35) |
سيٽين ۽ تاڙين وڄائڻ کان سواءِ ڪعبي وٽ انهن جي ٻي ڪا نماز نه آهي، تنهنڪري پنهنجي ڪفر جي ڪري عذاب چکو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنفِقونَ أَموٰلَهُم لِيَصُدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَسَيُنفِقونَها ثُمَّ تَكونُ عَلَيهِم حَسرَةً ثُمَّ يُغلَبونَ وَالَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ يُحشَرونَ (آيت : 36) |
بيشڪ اهي ڪافر پنهنجن مالن کي ان لاءِ خرچ ڪري رهيا آهن ته (ماڻهن کي) الله جي راهه کان روڪين، سو اهي پنهنجي مالن کي خرچ ڪندا رهندا، پوءِ اهو انهن لاءِ افسوس جو سبب ٿيندو، پوءِ هار کائيندا ۽ ڪافر دوزخ ڏانهن ڪٺا ڪيا ويندا. |
لِيَميزَ اللَّهُ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَيَجعَلَ الخَبيثَ بَعضَهُ عَلىٰ بَعضٍ فَيَركُمَهُ جَميعًا فَيَجعَلَهُ فى جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 37) |
ته الله ناپاڪن کي پاڪن کان نکيڙي پڌرو ڪري. پوءِ ناپاڪن کي هڪ ٻئي سان ملائي پوءِ انهن سڀني کي جهنم ۾ وجهي- اهڙا شخص ئي نقصان پائڻ وارا آهن. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا إِن يَنتَهوا يُغفَر لَهُم ما قَد سَلَفَ وَإِن يَعودوا فَقَد مَضَت سُنَّتُ الأَوَّلينَ (آيت : 38) |
تون ڪافرن کي چئو ته ”جي پاڻ روڪين، ته پوءِ کانئن جيڪي خطائون ٿي چڪيون سي معاف ڪجن“ پر جي وري ڪفر ڪن، ته اڳين جي به اها عادت ٿي گذري آهي. |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ كُلُّهُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 39) |
انهن سان ايتري قدر وڙهو، جو فتنو نه رهي ۽ دين خالص الله جو ٿي وڃي- پوءِ جي هو پاڻ روڪين، ته بيشڪ الله انهن جي عملن کي خوب ڏسي ٿو. |
وَإِن تَوَلَّوا فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَولىٰكُم نِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 40) |
مگر جيڪڏهن منهن موڙين، ته يقين رکو ته الله اوهان جو رفيق آهي- اهو چڱو رفيق ۽ مددگار آهي. |
وَاعلَموا أَنَّما غَنِمتُم مِن شَيءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ وَما أَنزَلنا عَلىٰ عَبدِنا يَومَ الفُرقانِ يَومَ التَقَى الجَمعانِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 41) |
۽ ڄاڻو، ته اوهين جنگ جي لٽ ۾ جيڪي به حاصل ڪريو ٿا، ان ۾ الله، سندس رسول جو ۽ (رسول جي) مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن جو پنجون حصو آهي، جيڪڏهن اوهين الله تي ويساهه رکو ٿا ۽ ان تي به، جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي تي فيصلي واري ڏينهن (يعني) ٻن فوجن گڏجڻ واري ڏينهن موڪليو، الله هر شيءِ تي وس وارو آهي. |
إِذ أَنتُم بِالعُدوَةِ الدُّنيا وَهُم بِالعُدوَةِ القُصوىٰ وَالرَّكبُ أَسفَلَ مِنكُم وَلَو تَواعَدتُم لَاختَلَفتُم فِى الميعٰدِ وَلٰكِن لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا لِيَهلِكَ مَن هَلَكَ عَن بَيِّنَةٍ وَيَحيىٰ مَن حَىَّ عَن بَيِّنَةٍ وَإِنَّ اللَّهَ لَسَميعٌ عَليمٌ (آيت : 42) |
جڏهن اوهين ميدان جي هن ڀر هئا ۽ هو پرينءَ ڀر ۽ قافلو اوهان کان هيٺين ڀر. جيڪڏهن پاڻ ۾ ڪو ٺهراءُ ڪريو ها ته ان ۾ ضرور اختلاف ڪريو ها، مگر اهو هن لاءِ هو، ته الله کي جيڪو ڪم پورو ڪرڻو هو، سو ڪري- ۽ ته جنهن کي ناس ٿيڻو هجي، سو ڏسي وائسي ناس ٿئي ۽ جنهن کي جيئرو رهڻو هجي، سو ڏسي وائسي جيئرو رهي ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ يُريكَهُمُ اللَّهُ فى مَنامِكَ قَليلًا وَلَو أَرىٰكَهُم كَثيرًا لَفَشِلتُم وَلَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ سَلَّمَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 43) |
۽ ياد ڪر جڏهن الله توکي خواب ۾ اُهي ٿورا ڪري ڏيکاريا پر جي گهڻا ڏيکاري ها ته اوهين همت هاري وجهو ها ۽ ان ڪم بابت پاڻ ۾ جهڳڙو ڪريو ها. مگر الله بچايو، بيشڪ هو دلين جا حال ڄاڻي ٿو. |
وَإِذ يُريكُموهُم إِذِ التَقَيتُم فى أَعيُنِكُم قَليلًا وَيُقَلِّلُكُم فى أَعيُنِهِم لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 44) |
۽ ياد ڪريو، جڏهن اوهان کي منهن مقابل ٿيڻ وقت انهن کي ٿورو ڪري ڏيکاريو ۽ اوهان کي سندن نظر ۾ ٿورو ڪري ڏيکاريائين ته جيڪي الله کي ڪرڻو هو، سو پورو ڪري ۽ سڀ ڪم الله ڏانهن ئي موٽندا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُم فِئَةً فَاثبُتوا وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 45) |
اي مؤمنو! جڏهن ڪنهن ٽولي سان مقابلو ڪريو، ته پير مضبوط رکو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪريو، اميد ته اوهين ڪامياب ٿيندؤ. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَنٰزَعوا فَتَفشَلوا وَتَذهَبَ ريحُكُم وَاصبِروا إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 46) |
الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو، پاڻ ۾ نه وڙهو، نه ته همت هاري وجهندؤ ۽ اوهان جي قوت هلي ويندي ۽ صبر ڪريو، بيشڪ الله صبر ڪندڙن جو همراهه آهي. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم بَطَرًا وَرِئاءَ النّاسِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَاللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 47) |
انهن وانگر نه ٿيو، جي پنهنجي گهرن مان وڏائي ۽ ماڻهن کي ڏيکاءُ ڪندي ٻاهر نڪتا ۽ ماڻهن کي الله جي رستي کان روڪيندا هئا، الله سندن عملن کي گهيرو ڪري ڇڏيو. |
وَإِذ زَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم وَقالَ لا غالِبَ لَكُمُ اليَومَ مِنَ النّاسِ وَإِنّى جارٌ لَكُم فَلَمّا تَراءَتِ الفِئَتانِ نَكَصَ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَقالَ إِنّى بَريءٌ مِنكُم إِنّى أَرىٰ ما لا تَرَونَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 48) |
۽ ياد ڪر، جڏهن شيطان ڪافرن کي سندن عمل سهڻا ڪري ڏيکاريا ۽ چيائين ”ماڻهن مان اڄ اوهان تي ڪو به فتح نه پائيندو ۽ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان“ پر جڏهن ٻئي ٽولا مقابل ٿيا ته هو پوئين پير ڀڳو ۽ چيائين آءٌ اوهان کان بيزار آهيان، آءٌ اهو ٿو ڏسان، جو اوهين نٿا ڏسو- آءٌ ته الله کان ڊڄان ٿو ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
إِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ غَرَّ هٰؤُلاءِ دينُهُم وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 49) |
ياد ڪر، جڏهن منافقن ۽ دل جي بيماريءَ وارن چيو ٿي ته ”هنن مسلمانن کي سندن دين فريب ۾ وڌو آهي“ پر جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو، ته بيشڪ الله غالب ۽ داناءُ آهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ يَتَوَفَّى الَّذينَ كَفَرُوا المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 50) |
۽ جيڪڏهن تون تڏهن ڏسين، جڏهن ملائڪ ڪافرن جو ساهه ڪڍن ٿا ۽ سندن منهن ۽ پٺين تي ڌڪ هڻن ٿا ۽ (چون ٿا ته) ”چکو ساڙيندڙ باهه جو عذاب!“ |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 51) |
اهو اوهان جي هٿن جي ڪمائيءَ سبب آهي ۽ بيشڪ الله بندن تي ظلم ڪندڙ نه آهي. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 52) |
سندن حال فرعونين ۽ انهن کان اڳين وانگر آهي. هنن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو، تنهنڪري الله کين سندن گناهن ڪري پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله زور وارو سخت عذاب ڏيندڙ آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ لَم يَكُ مُغَيِّرًا نِعمَةً أَنعَمَها عَلىٰ قَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 53) |
اهو هن ڪري، جو الله جيڪا نعمت ڪنهن قوم کي ڏيندو آهي ته، هو تيسين ان کي نه بدليندو آهي، جيسين هو پنهنجي حالت کي پاڻ نه بدلين ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَكُلٌّ كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 54) |
سندن حال فرعونين ۽ انهن کان اڳين جهڙو آهي. انهن پنهنجي رب جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. پوءِ اسان کين سندن گناهن ڪري ناس ڪيو ۽ فرعونين کي ٻوڙيو- اُهي سڀ ظالم هئا. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الَّذينَ كَفَروا فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 55) |
بيشڪ الله وٽ سڀ کان بڇڙي مخلوق ڪافر آهن، اهي ته ايمان ئي نه آڻيندا. |
الَّذينَ عٰهَدتَ مِنهُم ثُمَّ يَنقُضونَ عَهدَهُم فى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُم لا يَتَّقونَ (آيت : 56) |
جن سان اوهان عهد ناما پئي ڪيا آهن، پوءِ هنن هر ڪنهن دفعي سندن عهد پئي ٽوڙيا آهن ۽ هو ڊڄن نٿا. |
فَإِمّا تَثقَفَنَّهُم فِى الحَربِ فَشَرِّد بِهِم مَن خَلفَهُم لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 57) |
پوءِ جيڪڏهن تون انهن کي لڙائيءَ ۾ قابو ڪرين، ته انهن جي وسيلي سندن پوين کي ڇڙوڇڙ ڪر ته من اهي نصيحت پرائين. |
وَإِمّا تَخافَنَّ مِن قَومٍ خِيانَةً فَانبِذ إِلَيهِم عَلىٰ سَواءٍ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الخائِنينَ (آيت : 58) |
۽ توکي ڪنهن قوم جي ڪپت جو انديشو هجي، ته برابريءَ طرح سندن عهدنامي تان هٿ کڻي ڇڏ. بيشڪ الله ڪپت ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا سَبَقوا إِنَّهُم لا يُعجِزونَ (آيت : 59) |
ڪافر ائين نه سمجهن ته هو بچي ويا، هو الله کي عاجز ڪري نٿا سگهن. |
وَأَعِدّوا لَهُم مَا استَطَعتُم مِن قُوَّةٍ وَمِن رِباطِ الخَيلِ تُرهِبونَ بِهِ عَدُوَّ اللَّهِ وَعَدُوَّكُم وَءاخَرينَ مِن دونِهِم لا تَعلَمونَهُمُ اللَّهُ يَعلَمُهُم وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فى سَبيلِ اللَّهِ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 60) |
جيترو ٿي سگهيوَ ته هٿيارن ۽ پاليل گهوڙين سان جنگي سامان تيار رکو ۽ ان جي وسيلي پنهنجو رعب الله جي ۽ اوهان جي دشمنن تي ڄمائي رکو ۽ انهن کانسواءِ ٻيا به آهن جن کي اوهين نٿا ڄاڻو، پر الله کين ڄاڻي ٿو. جيڪي به الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو ٿا، اهو اوهان کي پورو پورو ملندو، اوهان لاءِ ڪا به ڪمي نه ٿيندي. |
وَإِن جَنَحوا لِلسَّلمِ فَاجنَح لَها وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 61) |
پر جي اُهي صلح لاءِ جهڪن ته تون به ان لاءِ جهڪ، ۽ الله تي ڀروسو رک- بيشڪ اهو ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِن يُريدوا أَن يَخدَعوكَ فَإِنَّ حَسبَكَ اللَّهُ هُوَ الَّذى أَيَّدَكَ بِنَصرِهِ وَبِالمُؤمِنينَ (آيت : 62) |
۽ جي توکي دوکي ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا، ته الله تولاءِ ڪافي آهي، اهو ئي آهي جنهن پنهنجي ۽ مؤمنن جي مدد سان تنهنجي مدد ڪئي. |
وَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِهِم لَو أَنفَقتَ ما فِى الأَرضِ جَميعًا ما أَلَّفتَ بَينَ قُلوبِهِم وَلٰكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ بَينَهُم إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 63) |
۽ سندن دلين ۾ محبت وڌي- جيڪڏهن تون سڄيءَ دنيا جو مال خرچ ڪرين ته به سندن دلين ۾ محبت نه وجهي سگهين، مگر الله ئي انهن ۾ محبت وڌي- بيشڪ هو غالب ڏاهپ وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَسبُكَ اللَّهُ وَمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 64) |
اي نبي! توکي الله ۽ تنهنجي پيروي ڪندڙ مومن ڪافي آهن. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَرِّضِ المُؤمِنينَ عَلَى القِتالِ إِن يَكُن مِنكُم عِشرونَ صٰبِرونَ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ يَغلِبوا أَلفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 65) |
اي نبي! مومنن کي لڙائيءَ ڏي چاهه ڏيار- جيڪڏهن اوهان ۾ ويهه ڄڻا ڄمي وڙهڻ وارا هوندا ته ٻن سَوَن تي غالب ايندا ۽ جي اوهان ۾ سوَ هوندا ته ڪافرن مان هڪ هزار تي غالب ٿيندا، ڇا لاءِ ته انهن کي سمجهه ڪانهي. |
الـٰٔنَ خَفَّفَ اللَّهُ عَنكُم وَعَلِمَ أَنَّ فيكُم ضَعفًا فَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ صابِرَةٌ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم أَلفٌ يَغلِبوا أَلفَينِ بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 66) |
هاڻي الله اوهان تي هلڪائي ڪئي ۽ ڄاتائين ته اوهان ۾ همت جي ڪمي آهي. پوءِ جي اوهان ۾ هڪ سئو ثابت قدم هوندا ته، الله جي حڪم سان ٻن سَوَن تي غالب ٿيندا، ۽ جي اوهان ۾ هڪ هزار هوندا، ته الله جي حڪم سان ٻن هزارن تي غالب ٿيندا، ۽ الله ثابت قدمن جو همراهه آهي. |
ما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكونَ لَهُ أَسرىٰ حَتّىٰ يُثخِنَ فِى الأَرضِ تُريدونَ عَرَضَ الدُّنيا وَاللَّهُ يُريدُ الءاخِرَةَ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 67) |
نبيءَ کي ائين نه جڳائي، جو وٽس قيدي باقي رهن، جيسين هو زمين ۾ خونريزي نه ڪري- اوهين ته دنيا جو مال گهرو ٿا ۽ الله آخرت گهري ٿو، الله زبردست ڏاهپ وارو آهي. |
لَولا كِتٰبٌ مِنَ اللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُم فيما أَخَذتُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 68) |
جيڪڏهن الله طرفان اها ڳالهه اڳ لکيل نه هجي ها، ته اوهان جي اختيار ڪيل ڳالهه بابت اوهان تي ڪا سخت سزا اچي ها. |
فَكُلوا مِمّا غَنِمتُم حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 69) |
پوءِ جنگ جي لٽ ۾ مليل مال کي حلال ۽ پاڪ سمجهي کائو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِمَن فى أَيديكُم مِنَ الأَسرىٰ إِن يَعلَمِ اللَّهُ فى قُلوبِكُم خَيرًا يُؤتِكُم خَيرًا مِمّا أُخِذَ مِنكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 70) |
اي نبي! تنهنجي هٿ ۾ آيل قيدين کي چئو، ته جيڪڏهن الله اوهان جي دلين ۾ چڱائي ڏسندو، ته جيڪي اوهان کان ورتل آهي، ان کان اوهان کي بهتر ڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. |
وَإِن يُريدوا خِيانَتَكَ فَقَد خانُوا اللَّهَ مِن قَبلُ فَأَمكَنَ مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
پر جي هو ڪپت جو ارادو رکن ٿا، ته هنن اڳ ۾ به الله سان ڪپت ڪئي، پوءِ الله انهن کي گرفتار ڪرايو ۽ الله خوب ڄاڻندڙ وڏيءَ ڏاهپ وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَالَّذينَ ءامَنوا وَلَم يُهاجِروا ما لَكُم مِن وَلٰيَتِهِم مِن شَيءٍ حَتّىٰ يُهاجِروا وَإِنِ استَنصَروكُم فِى الدّينِ فَعَلَيكُمُ النَّصرُ إِلّا عَلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 72) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيو ۽ پنهنجن مالن ۽ جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائون، ۽ جن رهڻ جي جاءِ ڏني، ۽ مدد ڪئي اهي ئي هڪ ٻئي جا وارث آهن ۽ جن ايمان آندو پر وطن نه ڇڏيائون، تنهنجو انهن جي وارث هجڻ سان ڪو لاڳاپو نه آهي جيسين اهي وطن ڇڏين. پر جيڪڏهن توکان دين ۾ مدد گهرن، ته مدد ڏيڻ اوهان تي لازم آهي. مگر ان قوم جي مقابلي ۾ نه، جن سان اوهان جو پڪو قول قرار هجي- ۽ الله اوهان جي سڀني ڪمن کي ڏسي ٿو. |
وَالَّذينَ كَفَروا بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ إِلّا تَفعَلوهُ تَكُن فِتنَةٌ فِى الأَرضِ وَفَسادٌ كَبيرٌ (آيت : 73) |
۽ جيڪي ڪافر آهن اُهي هڪ ٻئي جا وارث آهن- جيڪڏهن ان (حڪم) تي عمل نه ڪندؤ ته دنيا ۾ وڏو فتنو ۽ وڏو فساد ٿيندو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 74) |
جن ايمان آندو، وطن ڇڏيو ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائون ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي، اهي ئي ماڻهو ايمان جو پورو حق ادا ڪندڙ آهن- انهن لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا مِن بَعدُ وَهاجَروا وَجٰهَدوا مَعَكُم فَأُولٰئِكَ مِنكُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 75) |
۽ جن ان کانپوءِ ايمان آندو، وطن ڇڏيائون ۽ اوهان سان گڏجي جهاد ڪيائون ته پوءِ اهي به اوهان مان ئي آهن ۽ جي مٽ مائٽ آهن، اهي الله جي ڪتاب موجب هڪ ٻئي جا وارث آهن، بيشڪ الله هر هڪ شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. |