يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَنفالِ قُلِ الأَنفالُ لِلَّهِ وَالرَّسولِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَصلِحوا ذاتَ بَينِكُم وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 1) |
پڇن ٿا توکان غنيمتن جي باري ۾ فرماءِ ته غنيمتون الله ۽ رسول جي لاءِ آهن، پوءِ ڊڄو الله کان ۽ اصلاح ڪيو پنهنجو پاڻ ۾ ۽ اطاعت ڪيو الله ۽ ان جي رسول جي جيڪڏهن آهيو مؤمن. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَإِذا تُلِيَت عَلَيهِم ءايٰتُهُ زادَتهُم إيمٰنًا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 2) |
بلاشڪ مؤمن اهي آهي جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ته ڊڄي وڃن دليون انهن جون ۽ جڏهن پڙهيون وڃن انهن تي آيتون ان جون ته وڌائين انهن کي ايمان ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ان مان جو رزق ڏنوسون انهن کي خرچ ڪن ٿا. |
أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم دَرَجٰتٌ عِندَ رَبِّهِم وَمَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
اهي ئي آهن، ايمان وارا سچا، واسطي انهن جي درجا آهن وٽ رب انهن جي ۽ بخشش ۽ رزق عزت وارو . |
كَما أَخرَجَكَ رَبُّكَ مِن بَيتِكَ بِالحَقِّ وَإِنَّ فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ لَكٰرِهونَ (آيت : 5) |
جيئن ڪڍيو توکي رب تنهنجي گهر تنهنجي مان سچ سان ۽ بيشڪ جماعت هڪ مؤمنن مان البت نه پسند ڪندڙ هئا.. |
يُجٰدِلونَكَ فِى الحَقِّ بَعدَما تَبَيَّنَ كَأَنَّما يُساقونَ إِلَى المَوتِ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 6) |
زباني بحث پيا ڪن توسان حق جي باري ۾ پڄاڻان ان جي جو ظاهر ٿيو ڄڻ ته اهي ڪاهيا ٿا وڃن طرف موت جي ۽ اهي ڏسن پيا . |
وَإِذ يَعِدُكُمُ اللَّهُ إِحدَى الطّائِفَتَينِ أَنَّها لَكُم وَتَوَدّونَ أَنَّ غَيرَ ذاتِ الشَّوكَةِ تَكونُ لَكُم وَيُريدُ اللَّهُ أَن يُحِقَّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَيَقطَعَ دابِرَ الكٰفِرينَ (آيت : 7) |
۽ (ياد ڪريو) جڏهن وعدو ڪيو اوهان سان الله هڪڙيءَ جو ٻن جماعتن مان ته بلاشڪ اها اوهان جي لاءِ آهي ۽ محبت پيار رکو ته بيشڪ بغير هٿيارن واري ٽولي هجي اوهان لاءِ ۽ ارادو ٿو ڪري الله ته ثابت ڪري حق کي فرمانن پنهنجن سان ۽ وڍي پاڙ ڪافرن جي . |
لِيُحِقَّ الحَقَّ وَيُبطِلَ البٰطِلَ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 8) |
تانته ثابت ڪري ڏيکاري حق ۽ باطل ڪري ڏيکاري باطل جيتوڻيڪ ناپسند ڪن مجرم. |
إِذ تَستَغيثونَ رَبَّكُم فَاستَجابَ لَكُم أَنّى مُمِدُّكُم بِأَلفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُردِفينَ (آيت : 9) |
جڏهن مدد گهرو پيا پالڻهار پنهنجي کان پوءِ قبول فرمايائين واسطي اوهان جي بيشڪ مان مدد ڪندڙ اوهان جو آهيان هڪ هزار ملائڪن سان اڳيان پويان ايندڙ. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ وَلِتَطمَئِنَّ بِهِ قُلوبُكُم وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ نه بنايو ان کي الله مگر خوشخبري ۽ تانت مطمئن ٿين ان سان دليون اوهان جون ۽ ناهي مدد مگر وٽان الله جي بيشڪ الله غالب، حڪمت وارو آهي. |
إِذ يُغَشّيكُمُ النُّعاسَ أَمَنَةً مِنهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيكُم مِنَ السَّماءِ ماءً لِيُطَهِّرَكُم بِهِ وَيُذهِبَ عَنكُم رِجزَ الشَّيطٰنِ وَلِيَربِطَ عَلىٰ قُلوبِكُم وَيُثَبِّتَ بِهِ الأَقدامَ (آيت : 11) |
(ياد ڪيو) جڏهن ڍڪايائين اوهان کي اوجهراڻي (ننڊ جي) امن ڏيڻ لاءِ پنهنجي طرفان ۽ لاهي پيو اوهان تي آسمان مان پاڻي تانت پاڪ ڪري اوهان کي ان سان ۽ پري ڪري اوهان کان پليدي شيطان جي ۽ تانت همت ٻڌرائي دلين اوهان جي تي ۽ ثابت ڪري ان سان قدمن کي . |
إِذ يوحى رَبُّكَ إِلَى المَلٰئِكَةِ أَنّى مَعَكُم فَثَبِّتُوا الَّذينَ ءامَنوا سَأُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ فَاضرِبوا فَوقَ الأَعناقِ وَاضرِبوا مِنهُم كُلَّ بَنانٍ (آيت : 12) |
جڏهن وحي پيو موڪلي رب تنهنجوطرف ملائڪن جي ته بلاشڪ مان گڏ آهيان اوهان سان پوءِ ثابت رکو انهن کي جو ايمان آندائون سگهوئي وجهندس مان دلين انهن جي ۾ جو ڪفر ڪيائون ڊپ پوءِ (ڌڪ) هڻو مٿان ڪنڌن جي ۽ هڻو انهن جي هر هڪ سَنڌَ کي اهو . |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِقِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 13) |
سببان ان جي جو تحقيق انهن مخالفت ڪيائون الله ۽ ان جي رسول جي ۽ جيڪو مخالفت ڪندو الله ۽ ان جي رسول جي پوءِ يقيناً الله سخت آهي عذاب ڏيڻ وارو . |
ذٰلِكُم فَذوقوهُ وَأَنَّ لِلكٰفِرينَ عَذابَ النّارِ (آيت : 14) |
اها (سزا اٿو) پوءِ چکو ان کي ۽ بلاشڪ ڪافرن جي لاءِ عذاب آهي باهه جو . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا زَحفًا فَلا تُوَلّوهُمُ الأَدبارَ (آيت : 15) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن مقابلو ڪيو انهن شخصن سان جو ڪفر ڪيائون ٽولي جي صورت ۾ پوءِ نه ڦيرائي ڏيو انهن کي پٺيون . |
وَمَن يُوَلِّهِم يَومَئِذٍ دُبُرَهُ إِلّا مُتَحَرِّفًا لِقِتالٍ أَو مُتَحَيِّزًا إِلىٰ فِئَةٍ فَقَد باءَ بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 16) |
۽ جيڪي ڦيرائي ڏيندوانهن کي ان ڏينهن پٺي پنهنجي مگر حرفت ڪندڙ واسطي جنگ جي يا جاءِ وٺندڙ طرف ٽوليءَ (پنهنجي) پوءِ تحقيق موٽيو الله جي غضب سان ۽ جاءِ ان جي جهنم آهي ۽ اهو بري جاءِ موٽڻ جي آهي . |
فَلَم تَقتُلوهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ قَتَلَهُم وَما رَمَيتَ إِذ رَمَيتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ رَمىٰ وَلِيُبلِىَ المُؤمِنينَ مِنهُ بَلاءً حَسَنًا إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 17) |
پوءِ نه قتل ڪيو اوهان انهن کي ۽ پر الله قتل ڪيو انهن کي ۽ نه اڇلايو تو جڏهن اڇلايو تو ۽ پر الله اڇلايو ۽ تانت آزمائي مؤمنن کي پنهنجي طرفان آزمائڻ سهڻو بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي . |
ذٰلِكُم وَأَنَّ اللَّهَ موهِنُ كَيدِ الكٰفِرينَ (آيت : 18) |
اهو (ته ٿيو) ۽ بيشڪ الله ڪمزور ڪندڙ آهي رٿ ڪافرن جي کي . |
إِن تَستَفتِحوا فَقَد جاءَكُمُ الفَتحُ وَإِن تَنتَهوا فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَعودوا نَعُد وَلَن تُغنِىَ عَنكُم فِئَتُكُم شَيـًٔا وَلَو كَثُرَت وَأَنَّ اللَّهَ مَعَ المُؤمِنينَ (آيت : 19) |
جيڪڏهن فتح گهرندؤ پوءِ تحقيق آئي اوهان وٽ فتح ۽ جيڪڏهن رڪجندؤ ته پوءِ اهو ڀلو آهي اوهان لاءِ ۽ جيڪڏهن موٽندؤ ته موٽنداسون ۽ هرگز نه دفع ڪندي اوهان کان جماعت اوهان جي ڪا شيءِ جيتوڻيڪ گهڻي هوندي ۽ بيشڪ الله گڏ آهي مؤمنن سان . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَوَلَّوا عَنهُ وَأَنتُم تَسمَعونَ (آيت : 20) |
اي ايمان وارؤ! اطاعت ڪيو الله ۽ ان جي رسول جي ۽ نه ڦرو ان کان ۽ اوهان ٻڌو پيا . |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ قالوا سَمِعنا وَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 21) |
۽ نه هجو انهن وانگر جو چيائون ته ٻڌوسون ۽ اهي نه پيا ٻڌن . |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الصُّمُّ البُكمُ الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 22) |
بيشڪ بڇڙا جانور الله وٽ ٻوڙا گونگا آهن جيڪي عقل نه ٿا رکن . |
وَلَو عَلِمَ اللَّهُ فيهِم خَيرًا لَأَسمَعَهُم وَلَو أَسمَعَهُم لَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
۽ جيڪڏهن ڄاڻي ها الله انهن ۾ ڪا ڀلائي ته البت ٻڌائي ها انهن کي ۽ جيڪڏهن ٻڌائي ها انهن کي ته البت ڦري وڃن ها حالانڪ اهي منهن موڙيندڙ آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَجيبوا لِلَّهِ وَلِلرَّسولِ إِذا دَعاكُم لِما يُحييكُم وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَحولُ بَينَ المَرءِ وَقَلبِهِ وَأَنَّهُ إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
اي ايمان وارؤ! قبول ڪيو الله جي لاءِ ۽ رسول جي لاءِ جڏهن سڏي اوهان کي ان لاءِ جو جيئرو ڪري اوهان کي ۽ يقين ڪريو ته بيشڪ الله اوٽ ٿو بڻجي انسان ۽ سندس دل جي وچ ۾ ۽ بيشڪ اهو ئي الله آهي جنهن ڏانهن اٿاريا ويندؤ. |
وَاتَّقوا فِتنَةً لا تُصيبَنَّ الَّذينَ ظَلَموا مِنكُم خاصَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 25) |
۽ ڊڄو ان فتني کان جو هرگز نه پهچي انهن کي جو ظلم ڪيائون اوهان مان خاص ڪري. ڄاڻو ته بيشڪ الله سخت عذاب وارو آهي . |
وَاذكُروا إِذ أَنتُم قَليلٌ مُستَضعَفونَ فِى الأَرضِ تَخافونَ أَن يَتَخَطَّفَكُمُ النّاسُ فَـٔاوىٰكُم وَأَيَّدَكُم بِنَصرِهِ وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 26) |
۽ ياد ڪيو جڏهن اوهان ٿورا هيئو ڪمزور سمجهيل زمين ۾ ڊڄو پيا ته جهٽي هڻي کڻي نه وڃن اوهان کي ماڻهو پوءِ پناهه ڏنائين اوهان کي ۽ تائيد ڪيائين اوهان جي مدد پنهنجي سان ۽ رزق ڏنائين اوهان کي پاڪ شين مان تاتنه اوهان احسان مڃيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَخونُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ وَتَخونوا أَمٰنٰتِكُم وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 27) |
اي ايمان وارؤ! نه خيانت ڪيو الله ۽ رسول سان ۽ (نه) خيانت ڪيو امانتن پنهنجن ۾ حالانڪه اوهان ڄاڻو ٿا. |
وَاعلَموا أَنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 28) |
۽ يقين ڄاڻو ته ان کان سواءِ ڪجهه به ناهي ته اوهان جا مال ۽ اوهان جو اولاد فتنو آهن ۽ بيشڪ الله ان وٽ ثواب وڏو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَتَّقُوا اللَّهَ يَجعَل لَكُم فُرقانًا وَيُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن ڊڄندؤ الله کان ته ڪندو واسطي اوهان جي فرق ڪندڙ شيءِ ۽ ميٽبندو اوهان کان برايون اوهان جون ۽ بخشيندو واسطي اوهان جي ۽ الله وڏي ڀلائيءَ وارو آهي. |
وَإِذ يَمكُرُ بِكَ الَّذينَ كَفَروا لِيُثبِتوكَ أَو يَقتُلوكَ أَو يُخرِجوكَ وَيَمكُرونَ وَيَمكُرُ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 30) |
(۽ ياد ڪر) جڏهن رٿ پيا ڪن تولاءِ اهي شخص جو ڪفر ڪيائون تانت قيد ڪن توکي يا شهيد ڪن توکي يا ڪڍن توکي ۽ رٿ ڪري پيو الله ۽ الله ٻين رٿ ڪندڙن کان ڀلو آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا قالوا قَد سَمِعنا لَو نَشاءُ لَقُلنا مِثلَ هٰذا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون انهن تي آيتون اسان جون ته چون ٿا تحقيق ٻڌوسين جيڪڏهن گهرون اسين ته البت چئون اسين مثال هن جي ناهن هي مگر آکاڻيون پهرين جون . |
وَإِذ قالُوا اللَّهُمَّ إِن كانَ هٰذا هُوَ الحَقَّ مِن عِندِكَ فَأَمطِر عَلَينا حِجارَةً مِنَ السَّماءِ أَوِ ائتِنا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 32) |
۽ جڏهن چيائون ته اي الله! جيڪڏهن هجي هي اهو حق وٽان تنهنجي پوءِ وَساءِ مٿان اسان جي پٿر آسمان کان يا آڻ اسان وٽ عذاب دردناڪ . |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم وَأَنتَ فيهِم وَما كانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُم وَهُم يَستَغفِرونَ (آيت : 33) |
۽ نه آهي الله تانت عذاب ڪري انهن کي حالانڪه تون انهن ۾ آهين ۽ نه آهي الله عذاب ڪندڙ انهن کي ان حال ۾ جو اهي مغفرت طلب ڪن ٿا. |
وَما لَهُم أَلّا يُعَذِّبَهُمُ اللَّهُ وَهُم يَصُدّونَ عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَما كانوا أَولِياءَهُ إِن أَولِياؤُهُ إِلَّا المُتَّقونَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 34) |
۽ ڇا آهي انهن جي لاءِ جو نه عذاب ڪري انهن کي الله حالانڪ اهي روڪين ٿا مسجد عزت واريءَ کان ۽ ناهن متولي ان جا ناهن متولي ان جا مگر پرهيزگار ۽ پر اڪثر انهن مان نه ٿا ڄاڻن. |
وَما كانَ صَلاتُهُم عِندَ البَيتِ إِلّا مُكاءً وَتَصدِيَةً فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 35) |
۽ نه هئي نماز انهن جي بيت الله وٽ مگر سيٽيون ۽ تاڙيون وڄائڻ پوءِ چکو عذاب سببان ان جي جو ڪفر ڪندا هيئو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنفِقونَ أَموٰلَهُم لِيَصُدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَسَيُنفِقونَها ثُمَّ تَكونُ عَلَيهِم حَسرَةً ثُمَّ يُغلَبونَ وَالَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ يُحشَرونَ (آيت : 36) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو خرچ ڪن ٿا مال پنهنجا تانت روڪين واٽ الله جي کان پوءِ جلد خرچ ڪندا انهن کي تنهن کان پوءِ هوندو انهن تي افسوس ان کان پوءِ مغلوب ڪيا ويندا ۽ جن ڪفر ڪيو طرف جهنم جي گڏ ڪيا ويندا . |
لِيَميزَ اللَّهُ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَيَجعَلَ الخَبيثَ بَعضَهُ عَلىٰ بَعضٍ فَيَركُمَهُ جَميعًا فَيَجعَلَهُ فى جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 37) |
تانت جدا ڪري الله پليد کي پاڪ کان ۽ رکي پليد کي بعض ان جي کي بعض تي پوءِ ڍير ڪري ان کي سڀني کي پوءِ وجهي ان کي جهنم ۾ اهي ئي خساري وارا آهن. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا إِن يَنتَهوا يُغفَر لَهُم ما قَد سَلَفَ وَإِن يَعودوا فَقَد مَضَت سُنَّتُ الأَوَّلينَ (آيت : 38) |
فرماءِ انهن کي جو ڪفر ڪيائون ته جيڪڏهن رڪجندا ته بخشيو ويندو انهن لاءِ اهو جو تحقيق اڳي ٿيو ۽ جيڪڏهن وري ڪندا ته پوءِ تحقيق گذريو طريقو پهرين جو . |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ كُلُّهُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 39) |
۽ جنگ ڪيو انهن سان تانجو نه هجي فتنو ۽ هجي دين سڄو واسطي الله جي پوءِ جڏهن رڪجن پوءِ بيشڪ الله ان کي جو ڪن ٿا ڏسندڙ آهي. |
وَإِن تَوَلَّوا فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَولىٰكُم نِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 40) |
۽ جيڪڏهن منهن موڙين پوءِ پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله مولا اوهان جو آهي ڀلو آهي مولا ۽ ڀلو آهي مددگار. |
وَاعلَموا أَنَّما غَنِمتُم مِن شَيءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ وَما أَنزَلنا عَلىٰ عَبدِنا يَومَ الفُرقانِ يَومَ التَقَى الجَمعانِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 41) |
۽ ڄاڻو ته تحقيق جيڪي غنيمت بنائي اوهان ڪا شيءِ پوءِ بيشڪ واسطي الله جي آهي پنجون حصو ان جو ۽ واسطي رسول جي ۽ واسطي قرابت وارن جي ۽ يتيمن جي ۽ مسڪينن جي ۽ مسافر جي جيڪڏهن ايمان آندو اٿوَ الله تي ۽ ان تي جو لاٿوسون مٿان ٻانهي پنهنجي فرق ڪندڙ ڏينهن ۾ ان ڏينهن جو مليون ٻه جماعتون (فوجون) ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي . |
إِذ أَنتُم بِالعُدوَةِ الدُّنيا وَهُم بِالعُدوَةِ القُصوىٰ وَالرَّكبُ أَسفَلَ مِنكُم وَلَو تَواعَدتُم لَاختَلَفتُم فِى الميعٰدِ وَلٰكِن لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا لِيَهلِكَ مَن هَلَكَ عَن بَيِّنَةٍ وَيَحيىٰ مَن حَىَّ عَن بَيِّنَةٍ وَإِنَّ اللَّهَ لَسَميعٌ عَليمٌ (آيت : 42) |
جڏهن اوهان اورئين پاسي سان هيئو ۽ اهي پرئين پاسي سان ۽ قافلو هيٺاهين پاسي کان اوهان کان ۽ جيڪڏهن ٻئي سان وعدو ڪيو ها ته البت مخالفت ڪيو ها وعدي پوري ڪرڻ ۾ ۽ پر تانت پورو ڪري الله امر کي جو هو ڪرڻو تانت هلاڪ ٿئي اهو جو هلاڪ ٿيو چٽي دليل سان ۽ جيئرو ٿئي اهو جو جيئرو ٿيو چٽي دليل سان ۽ بيشڪ الله البت ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ يُريكَهُمُ اللَّهُ فى مَنامِكَ قَليلًا وَلَو أَرىٰكَهُم كَثيرًا لَفَشِلتُم وَلَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ سَلَّمَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 43) |
جڏهن ڏيکاري پيو توکي انهن کي الله ننڊ تنهنجيءَ ۾ ٿورا ۽ جيڪڏهن ڏيکاري ها توکي اهي گهڻا ته البت سستي ڪيو ها ۽ البت وڙهو ها ان ڪم ۾ ۽ پر الله سلامت رکيو بيشڪ اهو ڄاڻندڙ آهي سينن وارين ڳالهين کي . |
وَإِذ يُريكُموهُم إِذِ التَقَيتُم فى أَعيُنِكُم قَليلًا وَيُقَلِّلُكُم فى أَعيُنِهِم لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 44) |
۽ جڏهن ڏيکاري پيو اوهان کي انهن کي جڏهن آمهون سامهون ٿيئو اکين اوهان جن ۾ ٿورا ۽ ٿورو ڪري پيو ڏيکاري اوهان کي اکين انهن جي ۾ تانت پورو ڪري الله امر کي جو هو ڪرڻو ۽ الله ڏانهن موٽايا ٿا وڃن امر . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُم فِئَةً فَاثبُتوا وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 45) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن مقابلو ڪيو ڪنهن جماعت سان پوءِ ثابت قدم رهو ۽ ياد ڪيو الله کي گهڻو تانت اوهان ڪامياب ٿيو . |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَنٰزَعوا فَتَفشَلوا وَتَذهَبَ ريحُكُم وَاصبِروا إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 46) |
۽ اطاعت ڪيو الله جي ۽ ان جي رسول جي ۽ نه پاڻ ۾ تڪرار ڪيو پوءِ سست ٿي پوندؤ ۽ هلي ويندي هوا اوهان جي ۽ صبر ڪيو بيشڪ الله گڏ آهي صبر ڪندڙن سان . |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم بَطَرًا وَرِئاءَ النّاسِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَاللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 47) |
۽ نه ٿجو انهن وانگر جو نڪتا گهرن پنهنجن مان تڪبر سان ۽ واسطي ڏيکارڻ ماڻهن جي ۽ روڪين پيا واٽ الله جي کان ۽ الله ان کي جو ڪن ٿا گهيراءُ ۾ رکندڙ آهي. |
وَإِذ زَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم وَقالَ لا غالِبَ لَكُمُ اليَومَ مِنَ النّاسِ وَإِنّى جارٌ لَكُم فَلَمّا تَراءَتِ الفِئَتانِ نَكَصَ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَقالَ إِنّى بَريءٌ مِنكُم إِنّى أَرىٰ ما لا تَرَونَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 48) |
۽ جڏهن سينگاريو واسطي انهن جي شيطان عملن انهن جي کي ۽ چيائين ته ناهي ڪو غالب واسطي اوهان جي اڄوڪي ڏينهن ۾ ماڻهن مان ۽ بيشڪ مان واهرو آهيان واسطي اوهان جي پوءِ جڏهن آمهون سامهون ٿيا ٻئي لشڪر ته موٽيو کڙين پنهنجين تي ۽ چيائين بيشڪ مان بيزار آهيان اوهان کي بيشڪ مان ڏسان ٿو جيڪو اوهان نه ٿا ڏسو بيشڪ مان ڊڄان ٿو الله کان ۽ الله ڏاڍو آهي عذاب جو . |
إِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ غَرَّ هٰؤُلاءِ دينُهُم وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 49) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن چون پيا منافق ۽ اهي جو دلين انهن جي ۾ بيماري آهي ته مغرور ڪيو آهي هنن کي دين انهن جي ۽ جيڪو توڪل ڪري ٿو الله تي پوءِ بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي . |
وَلَو تَرىٰ إِذ يَتَوَفَّى الَّذينَ كَفَرُوا المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 50) |
۽ جيڪڏهن ڏسين جنهن وقت وفات ڪرائيندا انهن شخصن کي جو ڪفر ڪيائون ملائڪ ڌڪ هڻندا منهن انهن جي کي ۽ پٺين انهن کي ۽ چکو عذاب ساڙيندڙ باهه جو . |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 51) |
اهو سببان ان جي جو اڳي موڪليو هٿن اوهان جي ۽ بيشڪ الله ناهي ظلم ڪندڙ واسطي ٻانهن جي . |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 52) |
(انهن جو حال) مثال طريقي تابعن فرعون جي ۽ انهن جي آهي جيڪي هيا اڳي انهن کان انڪار ڪيائون آيتن الله جي جو پوءِ پڪڙيو انهن کي الله سببان گناهن انهن جي بيشڪ الله قوي سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي . |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ لَم يَكُ مُغَيِّرًا نِعمَةً أَنعَمَها عَلىٰ قَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 53) |
اهو سببان ان جي جو بيشڪ الله نه آهي ڦيرائيندڙ نعمت کي جو نعمت ڪيائين اها ڪنهن قوم تي تان جو ڦيرائين پاڻ انهيءَ کي جو سندن سرن سان آهي ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي . |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَكُلٌّ كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 54) |
(انهن جو حال) فرعون جي تابعن ۽ انهن جهڙو آهي جيڪي انهن کان اڳ هيا ڪوڙو چيائون آيتن رب پنهنجي جي کي پوءِ هلاڪ ڪيوسون انهن کي سببان گناهن انهن جي ۽ ٻوڙيوسون تابعن فرعون جي کي ۽ مڙئي هئا ظالم . |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الَّذينَ كَفَروا فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 55) |
بيشڪ بدترين جانور الله وٽ اهي آهن جن ڪفر ڪيو پوءِ اهي نه ٿا ايمان آڻين . |
الَّذينَ عٰهَدتَ مِنهُم ثُمَّ يَنقُضونَ عَهدَهُم فى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُم لا يَتَّقونَ (آيت : 56) |
اهي جو معاهدو ڪيو تو انهن سان تنهن کان پوءِ ٽوڙين ٿا عهد پنهنجو هر ڀيري ۽ اهي نه ٿا ڊڄن . |
فَإِمّا تَثقَفَنَّهُم فِى الحَربِ فَشَرِّد بِهِم مَن خَلفَهُم لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 57) |
پوءِ جيڪڏهن لهين انهن کي جنگ ۾ ته پوءِ ڀڄاءِ انهن سان انهن کي جو پويان انهن جي آهن تانته اهي نصيحت وٺن . |
وَإِمّا تَخافَنَّ مِن قَومٍ خِيانَةً فَانبِذ إِلَيهِم عَلىٰ سَواءٍ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الخائِنينَ (آيت : 58) |
۽ جيڪڏهن انديشو ڪرين ڪنهن قوم مان خيانت جو ته پوءِ اڇلاءِ انهن ڏانهن برابريءَ (جي بنياد) تي بيشڪ الله نه ٿو محبت رکي خيانت ڪندڙن سان. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا سَبَقوا إِنَّهُم لا يُعجِزونَ (آيت : 59) |
۽ هرگز نه سمجهن اهي شخص جو ڪفر ڪيائون، ته اڳتي وڌي ويا.يشڪ اهي نه عاجز ڪندا . |
وَأَعِدّوا لَهُم مَا استَطَعتُم مِن قُوَّةٍ وَمِن رِباطِ الخَيلِ تُرهِبونَ بِهِ عَدُوَّ اللَّهِ وَعَدُوَّكُم وَءاخَرينَ مِن دونِهِم لا تَعلَمونَهُمُ اللَّهُ يَعلَمُهُم وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فى سَبيلِ اللَّهِ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 60) |
۽ تيار ڪيو واسطي انهن جي اهو جو ڪري سگهو طاقت ۽ گهوڙن ٻڌڻ مان ڊيڄاريو ان سان دشمن الله جي کي ۽ دشمن پنهنجي کي ۽ ٻين کي سواءِ انهن جي جو نه ٿا ڄاڻو انهن کي.لله ڄاڻي ٿو انهن کي اها جوخرچ ڪندؤ ڪابه شيءِ واٽ الله جي ۾ ته پورو بدلو ڏنو ويندو.وهان جي لاءِ ۽ اوهان نه ظلم ڪيا ويندو. |
وَإِن جَنَحوا لِلسَّلمِ فَاجنَح لَها وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏهن لاڙو ڪن واسطي صلح جي ته پوءِ لاڙو ڪر واسطي ان جي ۽ توڪل ڪر الله تي بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي . |
وَإِن يُريدوا أَن يَخدَعوكَ فَإِنَّ حَسبَكَ اللَّهُ هُوَ الَّذى أَيَّدَكَ بِنَصرِهِ وَبِالمُؤمِنينَ (آيت : 62) |
۽ جيڪڏهن ارادو ڪن هي ته ڌوڪو ڏين توکي پوءِ تحقيق ڪافي آهي تولاءِ الله، اهوئي آهي جو تائيد ڪيائين تنهنجي مدد پنهنجيءَ سان ۽ مؤمنن سان . |
وَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِهِم لَو أَنفَقتَ ما فِى الأَرضِ جَميعًا ما أَلَّفتَ بَينَ قُلوبِهِم وَلٰكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ بَينَهُم إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 63) |
۽ محبت وڌايائين دلين انهن جي ۾ جيڪڏهن خرچ ڪرين ها ته تون اهو جي زمين ۾ آهي سڀ ته نه محبت پيدا ڪرين ها دلين انهن جي ۾ ۽ پر الله محبت پيدا ڪيائين انهن ۾ بيشڪ اهو غالب حڪمت وارو آهي . |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَسبُكَ اللَّهُ وَمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 64) |
اي غيب جون خبرون ڏيندڙ! ڪافي آهي تولاءِ الله ۽ اهو جو تابع ٿيو تنهن جو مؤمنن مان. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَرِّضِ المُؤمِنينَ عَلَى القِتالِ إِن يَكُن مِنكُم عِشرونَ صٰبِرونَ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ يَغلِبوا أَلفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 65) |
اي غيب جون خبرون ڏيندڙ! همت ڏيار مؤمنن کي جنگ ڪرڻ تي جيڪڏهن هوندا اوهان مان ويهه صبر ڪندڙ ته غالب ٿيندا ٻن سون تي ۽ جيڪڏهن هوندا اوهان مان سؤ ڄڻا ته غالب ٿيندا هڪ هزار کان انهن مان جو ڪافر ٿيا سببان ان جي جو يقينًا اهي اهڙي قوم آهن جو نه ٿا سمجهن . |
الـٰٔنَ خَفَّفَ اللَّهُ عَنكُم وَعَلِمَ أَنَّ فيكُم ضَعفًا فَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ صابِرَةٌ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم أَلفٌ يَغلِبوا أَلفَينِ بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 66) |
هيئنر هلڪائي ڪئي الله اوهان کان ۽ معلوم اٿس ته بيشڪ اوهان ۾ ڪمزوري آهي.وءِ جيڪڏهن هوندا اوهان مان سؤ ڄڻا صبر ڪندڙ ته غالب ٿيندا ٻن سؤ کان ۽ جيڪڏهن هوندا اوهان مان هزار ڄڻا ته غالب ٿيندا ٻن هزارن کان الله جي حڪم سان ۽ الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي. |
ما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكونَ لَهُ أَسرىٰ حَتّىٰ يُثخِنَ فِى الأَرضِ تُريدونَ عَرَضَ الدُّنيا وَاللَّهُ يُريدُ الءاخِرَةَ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 67) |
نه آهي واسطي نبي جي هيءَ ڳالهه جو هجن واسطي ان جي قيدي تانجو (ڪافرن جو) رت وهائي زمين ۾ ارادو ڪيو ٿا سامان دنيا جي جو ۽ الله ارادو ڪري ٿو آخرت جو ۽ الله غالب، حڪمت وارو آهي. |
لَولا كِتٰبٌ مِنَ اللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُم فيما أَخَذتُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 68) |
جيڪڏهن نه هجي ها لکت طرفان الله جي جو اڳي ٿي ته البته پهچي ها اوهان کي ان ۾ جو ورتو اوهان عذاب وڏو . |
فَكُلوا مِمّا غَنِمتُم حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 69) |
پوءِ کائو ان مان جو غنيمت ڪيُوَ حلال، پاڪ ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِمَن فى أَيديكُم مِنَ الأَسرىٰ إِن يَعلَمِ اللَّهُ فى قُلوبِكُم خَيرًا يُؤتِكُم خَيرًا مِمّا أُخِذَ مِنكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 70) |
اي غيب جون خبرون ڏيندڙ! فرماءِ واسطي انهن جي جو هٿن اوهان جن ۾ آهن قيدين مان جيڪڏهن ڄاڻي الله دلين اوهان جي ۾ چڱائي ته ڏيندو اوهان کي ڀلو ان کان جو ورتو ويو.وهان کان ۽ بخشيندو اوهان کي ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي . |
وَإِن يُريدوا خِيانَتَكَ فَقَد خانُوا اللَّهَ مِن قَبلُ فَأَمكَنَ مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
۽ جيڪڏهن ارادو ڪندا ڌوڪي ڏيڻ جو توکي پوءِ تحقيق ڌوڪي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائون الله سان اڳ پوءِ قوت ڏنائين (اوهان کي) انهن تي ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي . |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَالَّذينَ ءامَنوا وَلَم يُهاجِروا ما لَكُم مِن وَلٰيَتِهِم مِن شَيءٍ حَتّىٰ يُهاجِروا وَإِنِ استَنصَروكُم فِى الدّينِ فَعَلَيكُمُ النَّصرُ إِلّا عَلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 72) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ جهاد ڪيائون مالن پنهنجن ۽ سرن پنهنجن سان واٽ الله جي ۾ ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪيائون اهي بعض انهن مان وارث آهن بعض جا ۽ جن ايمان آندو ۽ نه هجرت ڪيائون ناهي واسطي اوهان جي ورثي انهن جي مان ڪا شيءِ تان جو هجرت ڪن ۽ جيڪڏهن مدد گهرن اوهان کان دين ۾ پوءِ اوهان تي مدد ڪرڻ (لازم) آهي مگر اهڙيءَ قوم تي جو اوهان ۾ ۽ انهن ۾ معاهدو آهي ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ إِلّا تَفعَلوهُ تَكُن فِتنَةٌ فِى الأَرضِ وَفَسادٌ كَبيرٌ (آيت : 73) |
۽ جن ڪفر ڪيو بعضي انهن مان وارث آهن بعض جا جيڪڏهن نه ڪندؤ اهو ته هوندو فتنو زمين ۾ ۽ فساد وڏو . |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 74) |
۽ جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ جهاد ڪيائون واٽ الله جي ۾ ۽ جن پناهه ڏني ۽ مدد ڪيائون.هي ئي مؤمن آهن سچا واسطي انهن جي بخشش آهي ۽ رزق ڀلو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا مِن بَعدُ وَهاجَروا وَجٰهَدوا مَعَكُم فَأُولٰئِكَ مِنكُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 75) |
۽ جن ايمان آندو ان کان پوءِ ۽ هجرت ڪيائون ۽ جهاد ڪيائون اوهان سان گڏ پوءِ اهي اوهان مان آهن ۽ قرابت وارا بعضي انهن مان وڌيڪ ويجها آهن بعض سان الله جي ڪتاب ۾ بيشڪ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي. |