يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَنفالِ قُلِ الأَنفالُ لِلَّهِ وَالرَّسولِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَصلِحوا ذاتَ بَينِكُم وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 1) |
(اي نبي ﷺ!) هي ماڻهو تو کان غنيمت جي مال جي باري ۾ پڇا ڪن ٿا، کين ٻڌايو ته غنيمت جا مال ته الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) جا آهن، توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ پاڻ ۾ صلح ۽ صفائيءَ سان رهو، جيڪڏهن توهان (واقعي) مؤمن آهيو ته پوءِ الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَإِذا تُلِيَت عَلَيهِم ءايٰتُهُ زادَتهُم إيمٰنًا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 2) |
بيشڪ ايمان وارا ماڻهو اهي آهن، جڏهن انهن جي سامھون الله تعالى جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڏڪي وينديون آهن ۽ جڏهن انهن جي سامھون الله تعالى جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته انهن جي ايمان جي ڪيفيت وڌي وڃي ٿي ۽ اهي پنهنجي رب تي ئي ڀروسو رکندا آهن. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي نماز قائم ڪندا آهن ۽ اسان کين جيڪو به رزق ڏنو آهي ان مان (اسان جي راهه ۾) خرچ ڪندا آهن. |
أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم دَرَجٰتٌ عِندَ رَبِّهِم وَمَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
اهي ئي پڪا مؤمن آهن، انهن جي لاءِ پنھنجي پالڻھار وٽ وڏا درجا، بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. |
كَما أَخرَجَكَ رَبُّكَ مِن بَيتِكَ بِالحَقِّ وَإِنَّ فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ لَكٰرِهونَ (آيت : 5) |
(غنيمت جي مال جي تقسيم وقت پيدا ٿيندڙ تڪرار به ايئن آهي) جيئن تنھنجي پالڻھار تو کي تنھنجي گهر (يعني مديني شريف) کان حق سان (بدر جي ميدان ڏانھن) وٺي آيو بيشڪ مؤمنن مان هڪ ڌر کي اها ڳالهه بلڪل نه پئي وڻي. |
يُجٰدِلونَكَ فِى الحَقِّ بَعدَما تَبَيَّنَ كَأَنَّما يُساقونَ إِلَى المَوتِ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 6) |
اها ڌر حق ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به تو سان جهڳڙو پئي ڪري ڄڻ ته هي (مؤمن زوريءَ) اکين ڏٺا موت جي منھن ۾ هڪليا پيا وڃن. |
وَإِذ يَعِدُكُمُ اللَّهُ إِحدَى الطّائِفَتَينِ أَنَّها لَكُم وَتَوَدّونَ أَنَّ غَيرَ ذاتِ الشَّوكَةِ تَكونُ لَكُم وَيُريدُ اللَّهُ أَن يُحِقَّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَيَقطَعَ دابِرَ الكٰفِرينَ (آيت : 7) |
(حالانڪه ان وقت) جڏهن الله تعالى توهان سان وعدو ڪيو هو ته (ڪافرن جي) ٻن گروهن (يعني تجارتي گروهه ۽ مسلح لشڪر) مان هڪ گروهه تي توهان کي فتح نصيب ڪندو، توهان ته بنا هٿيارن واري گروهه (يعني تجارتي گروهه) تي فتح گهري رهيا هئا، پر الله تعالى اهو پئي چاهيو ته (اڄ) پنھنجي حڪم سان حق کي سچائيءَ جي بنياد تي ثابت ڪري ڏيکاري ۽ ڪافرن جي هميشه لاءِ پاڙ پٽي ڇڏي. |
لِيُحِقَّ الحَقَّ وَيُبطِلَ البٰطِلَ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 8) |
(۽ اهو ان لاءِ به هو) ته جيئن هو حق جو حق هجڻ ۽ باطل جو ڪوڙو هجڻ حقيقي طور ثابت ڪري ڇڏي، ڀلي جا اها ڳالهه ڏوهاري ماڻهن کي نه وڻي. |
إِذ تَستَغيثونَ رَبَّكُم فَاستَجابَ لَكُم أَنّى مُمِدُّكُم بِأَلفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُردِفينَ (آيت : 9) |
جڏهن توهان پنھنجي پالڻھار کي (مدد لاءِ) ٻاڏائي رهيا هئا ته هن توهان جي دعا کي قبول ڪندي فرمايو ته (گهٻرايو نه) مان توهان جي هڪ هزار لڳاتار ايندڙ ملائڪن جي ذريعي مدد ڪرڻ وارو آهيان. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ وَلِتَطمَئِنَّ بِهِ قُلوبُكُم وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
الله تعالى ان مدد کي خوشخبريءَ طور ٻڌايو ته جيئن توهان جي دلين کي سڪون ملي. (هونئن به) مدد صرف الله تعالى جي طرف کان ايندي آهي. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
إِذ يُغَشّيكُمُ النُّعاسَ أَمَنَةً مِنهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيكُم مِنَ السَّماءِ ماءً لِيُطَهِّرَكُم بِهِ وَيُذهِبَ عَنكُم رِجزَ الشَّيطٰنِ وَلِيَربِطَ عَلىٰ قُلوبِكُم وَيُثَبِّتَ بِهِ الأَقدامَ (آيت : 11) |
اهو وقت به ياد ڪريو، جڏهن الله تعالى (بدر جي ميدان ۾) توهان تي (خوف ۽ گهٻراهٽ واري حالت ۾) ننڊ جي پنڪين جي صورت ۾ سڪون ۽ بي خوفيءَ واري ڪيفيت طاري ڪري رهيو هو ۽ پنھنجي طرفان توهان جي لاءِ آسمان مان مينھن وسائي رهيو هو ته جيئن هو توهان کي ان جي ذريعي پاڪ ڪري، توهان کان شيطان جا پيدا ڪيل وسوسا دور ڪري، اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ پاڻيءَ جي ذريعي (وارياسي ميدان ۾) توهان جا قدم خوب ڄمائي. |
إِذ يوحى رَبُّكَ إِلَى المَلٰئِكَةِ أَنّى مَعَكُم فَثَبِّتُوا الَّذينَ ءامَنوا سَأُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ فَاضرِبوا فَوقَ الأَعناقِ وَاضرِبوا مِنهُم كُلَّ بَنانٍ (آيت : 12) |
(انهيءَ دوران) جڏهن تنھنجو پالڻھار ملائڪن کي وحي ڪري رهيو هو ته مان توهان سان گڏ آهيان، توهان رڳو مؤمنن کي ثابت قدم رهڻ لاءِ همٿايو ۽ مان ڪافرن جي دلين ۾ (مؤمنن جو) رعب ۽ دٻدٻو وجهان ٿو (بس!) توهان رڳو انهن جون ڳچيون لاهيو ۽ سندن هڪ هڪ جوڙ ۽ سَنڌ کي ڀڃو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِقِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 13) |
اهو حڪم ان ڪري آهي ته انهن ماڻهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي (ڀرپور) مخالفت ڪئي آهي ۽ جيڪو به الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي مخالفت ڪندو. بيشڪ الله تعالى سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي. |
ذٰلِكُم فَذوقوهُ وَأَنَّ لِلكٰفِرينَ عَذابَ النّارِ (آيت : 14) |
(اي ڪافرؤ! ) اها ئي توهان جي سزا آهي، سو ان جو مزو چکو . حق جو انڪار ڪرڻ وارن لاءِ باهه جو عذاب الڳ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا زَحفًا فَلا تُوَلّوهُمُ الأَدبارَ (آيت : 15) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن به توهان جو ڪافرن سان جنگ جي ميدان ۾ دوبدو مقابلو ٿئي ته انهن کان پٺي ڏئي نه ڀڄو. |
وَمَن يُوَلِّهِم يَومَئِذٍ دُبُرَهُ إِلّا مُتَحَرِّفًا لِقِتالٍ أَو مُتَحَيِّزًا إِلىٰ فِئَةٍ فَقَد باءَ بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 16) |
اهڙي موقعي تي جيڪو به پٺي ڏئي ڀڄندو اهو الله تعالى جي ڏمر ۾ ايندو ۽ ان جو ٺڪاڻو جھنم هوندو ۽ اها انتھائي بدترين جاءِ آهي. ها! باقي جنگ جي حڪمت عمليءَ جي ڪري يا پنھنجي ٽولي (يعني پيادل فوج جي دستي) سان ملڻ لاءِ ايئن ڪري ته ان جي اجازت آهي. |
فَلَم تَقتُلوهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ قَتَلَهُم وَما رَمَيتَ إِذ رَمَيتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ رَمىٰ وَلِيُبلِىَ المُؤمِنينَ مِنهُ بَلاءً حَسَنًا إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 17) |
پوءِ (بدر جي ميدان ۾) انهن ڪافرن کي توهان قتل نه ڪيو هو پر الله تعالى کين قتل ڪيو (اي پيغمبر ﷺ!) توهان جيڪا (واريءَ جي مٺ) اڇلائي ته اها توهان نه اڇلائي هئي پر الله تعالى اڇلائي ته جيئن الله تعالى مؤمنن کي پنھنجي طرف کان چڱيءَ طرح آزمائي. بيشڪ الله تعالى خوب ٻڌندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي. |
ذٰلِكُم وَأَنَّ اللَّهَ موهِنُ كَيدِ الكٰفِرينَ (آيت : 18) |
(مهربانيءَ وارو) اهو معاملو ته توهان ماڻهن سان ٿيو باقي الله تعالى انهن جي رٿابنديءَ کي ڪمزور ڪندڙ آهي. |
إِن تَستَفتِحوا فَقَد جاءَكُمُ الفَتحُ وَإِن تَنتَهوا فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَعودوا نَعُد وَلَن تُغنِىَ عَنكُم فِئَتُكُم شَيـًٔا وَلَو كَثُرَت وَأَنَّ اللَّهَ مَعَ المُؤمِنينَ (آيت : 19) |
اي ڪافرؤ! جيڪڏهن توهان فتح ڏسڻ ٿا گهرو ته پوءِ (مؤمنن جي حق ۾) توهان جي سامھون فتح اچي چڪي آهي (سوچي وٺو) جيڪڏهن توهان (مؤمنن جي خلاف هاڻي شرارتون ڪرڻ کان) باز ايندا ته اهو توهان جي لاءِ بھتر آهي پر جيڪڏهن وري ساڳي پير تي موٽندا ته اسان به انهيءَ انداز سان توهان سان معاملو ڪندا سين ۽ (اهو ٻڌي ڇڏيو ته) توهان جو ٽولو ڪيڏو به وڏو ڇو نه هجي توهان جي ڪجهه به ڪم نه اچي سگهندو (ڇو ته) بيشڪ الله تعالى مؤمنن سان گڏ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَوَلَّوا عَنهُ وَأَنتُم تَسمَعونَ (آيت : 20) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو ۽ حڪم ٻڌڻ کان پوءِ ان کي پٺي نه ڏيو. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ قالوا سَمِعنا وَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 21) |
(اي مؤمنو!) توهان انهن (ڪافرن ۽ منافقن) وانگر نه ٿجو، جن چيو ته اسان (حڪم) ٻڌوسين حالانڪه اهي نٿا ٻڌن. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الصُّمُّ البُكمُ الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 22) |
بيشڪ الله تعالى وٽ سڀني کان بدترين قسم جا جانور اهي آهن جيڪي ٻوڙا ۽ گونگا ماڻهو آهن، جيڪي عقل کان (بلڪل) ڪم نٿا وٺن. |
وَلَو عَلِمَ اللَّهُ فيهِم خَيرًا لَأَسمَعَهُم وَلَو أَسمَعَهُم لَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
جيڪڏهن الله تعالى جي نزديڪ انهن جي اندر ڪا چڱائي رکيل هجي ها ته کين ضرور ٻڌڻ جي صلاحيت عطا ڪري ها (باقي موجوده صورت ۾) جيڪڏهن الله تعالى کين ٻڌڻ جي توفيق ڏي به ها ته به هو منھن موڙيندي پٺي ڏيئي ڦري وڃن ها. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَجيبوا لِلَّهِ وَلِلرَّسولِ إِذا دَعاكُم لِما يُحييكُم وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَحولُ بَينَ المَرءِ وَقَلبِهِ وَأَنَّهُ إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان کي الله تعالى ۽ (سندس) رسول (ﷺ) هميشه زندگي بخشڻ وارن ڪمن ڏانھن سڏين ته (فوراً) انهن جي حڪمن کي قبول ڪندا ڪريو، توهان کي اها خبر هئڻ کپي ته بيشڪ الله تعالى ماڻهوءَ ۽ سندس دل جي ارادن جي وچ ۾ آڙ ۽ روڪ بنجي ويندو آهي ۽ آخرڪار توهان سڀني کي ان ڏانھن ئي گڏ ڪيو ويندو. |
وَاتَّقوا فِتنَةً لا تُصيبَنَّ الَّذينَ ظَلَموا مِنكُم خاصَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 25) |
۽ ان فتني کان به بچو جيڪو توهان مان رڳو ظالمن لاءِ خاص نه هوندو، بلڪه ان جي وڪڙ ۾ عام ۽ خاص هر قسم جا ماڻهو اچي سگهن ٿا. توهان کي اها خبر هئڻ گهرجي ته الله تعالى سزا ڏيڻ ۾ به سخت آهي. |
وَاذكُروا إِذ أَنتُم قَليلٌ مُستَضعَفونَ فِى الأَرضِ تَخافونَ أَن يَتَخَطَّفَكُمُ النّاسُ فَـٔاوىٰكُم وَأَيَّدَكُم بِنَصرِهِ وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 26) |
۽ اهو وقت به ياد ڪريو جڏهن توهان (مڪي پاڪ ۾) تعداد ۾ ٿورڙا به هئا، ته ڪمزور به هئا ۽ توهان کي هر وقت اهو ڊپ هو ته متان مخالف توهان کي مٽائي نه ڇڏين. پوءِ اهڙي صورت ۾الله تعالى توهان کي (مديني ۾) پناهه ڏني پنھنجي مدد سان توهان کي طاقتور ڪيو ۽ توهان کي بھترين رزق عطا ڪيو ته جيئن توهان شڪر ادا ڪريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَخونُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ وَتَخونوا أَمٰنٰتِكُم وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 27) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى ۽ رسول (ﷺ) سان خيانت نه ڪريو ۽ توهان پنھنجو پاڻ ۾ به هڪ ٻئي جي امانتن ۾ ڄاڻي واڻي خيانت نه ڪريو. |
وَاعلَموا أَنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 28) |
۽ توهان سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ اوهان جو مال ۽ توهان جو اولاد (توهان لاءِ) هڪ آزمائش آهي. بيشڪ الله تعالى وٽ ئي وڏو اجر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَتَّقُوا اللَّهَ يَجعَل لَكُم فُرقانًا وَيُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله تعالى کان ڊڄندا رهندا ته (ان جي نتيجي ۾) هو توهان جي اندر (حق ۽ باطل ۾) پرک ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪندو ۽ توهان جي براين کي (توهان جي کاتي مان) مٽائي ڇڏيندو ۽ توهان کي معاف به ڪندو (ڇوته) الله تعالى وڏو مھربان آهي. |
وَإِذ يَمكُرُ بِكَ الَّذينَ كَفَروا لِيُثبِتوكَ أَو يَقتُلوكَ أَو يُخرِجوكَ وَيَمكُرونَ وَيَمكُرُ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 30) |
(اي نبي ﷺ! اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن ڪافر تنھنجي لاءِ هڪ سازش ڪري رهيا هئا ته جيئن هو تو کي قيد ڪن، يا قتل ڪن يا توکي جلاوطن ڪن، هو پنھنجي ليکي منصوبا ٺاهي رهيا هئا پر (هوڏانھن) الله تعالى پنھنجي منصوبه بندي ڪري رهيو هو، (بيشڪ) الله تعالى ئي بھترين منصوبه بندي ڪندڙ آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا قالوا قَد سَمِعنا لَو نَشاءُ لَقُلنا مِثلَ هٰذا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن ڪافرن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته هو چون ٿا ته اسان هي آيتون ٻڌي ورتيون، اسان چاهيون ته اسان به اهڙيون ڳالهيون ٺاهي سگهون ٿا، هي ته (رڳو) پراڻي دؤر جون ڪھاڻيون ئي آهن. |
وَإِذ قالُوا اللَّهُمَّ إِن كانَ هٰذا هُوَ الحَقَّ مِن عِندِكَ فَأَمطِر عَلَينا حِجارَةً مِنَ السَّماءِ أَوِ ائتِنا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 32) |
۽ جڏهن انهن (ڪافرن تڪبر ۾ اچي) الله تعالى کان دعا گهري ته يا الله! جيڪڏهن هي قرآن واقعي تنھنجي طرفان آيل حق آهي ته پوءِ ڀلي اسان جي مٿان آسمان مان پٿرن جو مينھن وساءِ يا اسان جي مٿان تڪليف وارو عذاب آڻ. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم وَأَنتَ فيهِم وَما كانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُم وَهُم يَستَغفِرونَ (آيت : 33) |
(اي نبي ﷺ! کين معلوم هجڻ گهرجي ته) الله تعالى (ڪڏهن به) ايئن نه ڪندو جو تنھنجي موجودگيءَ ۾ انهن کي عذاب ڏئي ۽ نه ئي الله تعالى ايئن ڪندو، جو کين بخشش جي دعا گهرڻ جي صورت ۾ عذاب ڏي. |
وَما لَهُم أَلّا يُعَذِّبَهُمُ اللَّهُ وَهُم يَصُدّونَ عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَما كانوا أَولِياءَهُ إِن أَولِياؤُهُ إِلَّا المُتَّقونَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 34) |
(هاڻي رسولﷺ جي هجرت کان پوءِ) الله تعالى کين ضرور عذاب ڏيندو جو هو ماڻهن کي مسجد حرام۾ وڃڻ کان روڪين ٿا، حالانڪه هو ان مسجد جا حقيقي سنڀاليندڙ به نه آهن. ان مسجد جا حقيقي سنڀاليندڙ ته پرهيزگار ماڻهو آهن، پر گهڻن ماڻهن کي ان جو احساس ئي نه آهي. |
وَما كانَ صَلاتُهُم عِندَ البَيتِ إِلّا مُكاءً وَتَصدِيَةً فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 35) |
(ٻئي طرف) الله تعالى جي گهر ۾ انهن ماڻهن جي ڪهڙي قسم جي نماز آهي؟ رڳو سيٽيون ۽ تاڙيون وڄائيندا رهندا آهن. (اي ڪافرؤ!) جيڪو توهان ڪفر ڪيو هو سو ان جي بدلي ۾ شڪست جو عذاب چکو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنفِقونَ أَموٰلَهُم لِيَصُدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَسَيُنفِقونَها ثُمَّ تَكونُ عَلَيهِم حَسرَةً ثُمَّ يُغلَبونَ وَالَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ يُحشَرونَ (آيت : 36) |
بيشڪ هي ڪافر الله تعالى جي راهه کان روڪڻ لاءِ مال خرچ ڪري رهيا آهن، (انهن کي ڇڏي ڏي)ڀلي اِهي مال خرچ ڪندا ئي رهن (پر اڳتي هلي) کين اهو مال خرچ ڪرڻ جو وڏو افسوس ٿيندن ڇوته شڪست سندن مقدر ۾ آهي. آخرڪار هي ڪافر جھنم ڏانھن گڏ ڪيا ويندا. |
لِيَميزَ اللَّهُ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَيَجعَلَ الخَبيثَ بَعضَهُ عَلىٰ بَعضٍ فَيَركُمَهُ جَميعًا فَيَجعَلَهُ فى جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 37) |
(اهو سڀ ان لاءِ ٿيندو) ته جيئن الله تعالى ناپاڪ (ذهن) ماڻهن کي پاڪ (ذهن) ماڻهن کان ڌار ڪري ۽ ناپاڪن کي هڪ ٻئي جي مٿان سٿي پوءِ ان ناپاڪيءَ جي پوري ڍير کي جھنم ۾ اڇلائي، اهي ئي ماڻهو مڪمل نقصان وارا آهن. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا إِن يَنتَهوا يُغفَر لَهُم ما قَد سَلَفَ وَإِن يَعودوا فَقَد مَضَت سُنَّتُ الأَوَّلينَ (آيت : 38) |
(اي نبي ﷺ!) ڪافرن کي چؤ ته جيڪڏهن توهان پنھنجي شرارتن کان باز ايندا ته جيڪو ڪجهه اڳ ٿيو سو سڀ ڪجهه توهان کي معاف ڪيو ويندو پر جيڪڏهن اڃا به انهن جو ارادو شرارتن کان باز اچڻ جو نه آهي ته انهن سان اهو ڪجهه ٿيندو جيڪو ڪجهه گذريل قومن سان ٿي چڪو آهي. |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ كُلُّهُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 39) |
(اي مسلمانو!) ڪافرن سان ايستائين جنگ جاري رکو جيستائين فتنو ختم نه ٿي وڃي ۽ الله تعالى جو دين پوري جو پورو غالب نه ٿي وڃي پر جيڪڏهن هو فتني ڦھلائڻ کان رڪجي وڃن ته بيشڪ الله تعالى انهن جي هر عمل کي نظر ۾ رکندڙ آهي. |
وَإِن تَوَلَّوا فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَولىٰكُم نِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 40) |
پر جيڪڏهن هي ماڻهو (انهيءَ آڇ کان) منھن موڙين ٿا، ته پوءِ (اي مسلمانو!) توهان اطمينان رکو بيشڪ الله تعالى توهان جو سرپرست آهي، هو ڪيڏو نه بھترين سرپرست ۽ بھترين مددگار آهي. |
وَاعلَموا أَنَّما غَنِمتُم مِن شَيءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ وَما أَنزَلنا عَلىٰ عَبدِنا يَومَ الفُرقانِ يَومَ التَقَى الجَمعانِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 41) |
( غنيمت جي مال ورهائڻ جو ) هي اصول سمجهي ڇڏيو ته توهان کي جيڪو ڪجهه به غنيمت جو مال مليو آهي ان جو پنجون حصو الله تعالى، رسول ﷺ، (ان جي) مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن جي لاءِ آهي، (باقي چار حصا جنگ ۾ شريڪ مجاهدن ۾ ورهايو وڃي. سوار کي ٻه حصا ۽ پنڌ واري کي هڪ حصو ڏنو وڃي) جيڪڏهن توهان الله تعالى تي ايمان آندو آهي ۽ ان مدد تي جيڪا اسان پنھنجي ٻانهي تي فيصلي واري ڏينھن جڏهن ٻئي گروهه هڪ ٻئي جي آمهون سامھون ٿيا هئا، نازل ڪئي سين ان تي يقين رکو ٿا (ته پوءِ مال غنيمت جي ورهائڻ واري حڪم تي عمل ڪريو) ۽ الله تعالى هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهي. |
إِذ أَنتُم بِالعُدوَةِ الدُّنيا وَهُم بِالعُدوَةِ القُصوىٰ وَالرَّكبُ أَسفَلَ مِنكُم وَلَو تَواعَدتُم لَاختَلَفتُم فِى الميعٰدِ وَلٰكِن لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا لِيَهلِكَ مَن هَلَكَ عَن بَيِّنَةٍ وَيَحيىٰ مَن حَىَّ عَن بَيِّنَةٍ وَإِنَّ اللَّهَ لَسَميعٌ عَليمٌ (آيت : 42) |
(غزوه بدر دوران اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن توهان واديءَ جي مديني پاڪ واري طرف ۽ دشمن واديءَ جي ٻئي طرف توهان کان هيٺانهينءَ ۾ بيٺل هو، جيڪڏهن توهان ٻئي گروهه پاڻ ۾ (اڳ ۾ ئي وڙهڻ جو) معاهدو ڪريو ها ته توهان ٻئي مقرر جڳهه تي هڪ ئي وقت نه پهچي سگهو ها (۽ توهان کي موجوده اهم جڳهه نه ملڻ جو به خدشو هجي ها) اهڙي صورتحال ۾ توهان معاهدي جي ضرور خلاف ورزي ڪريو ها (يعني جنگ ڪرڻ کان ڪناره ڪشي ڪريو ها) پر الله تعالى کي اهو ڪم پورو ڪرڻو هو جيڪو (هن وٽ) طئي ٿيل هو ته جنھن نظام کي برباد ٿيڻو آهي اهو واضح دليل ۽ حجت سان برباد ٿئي ۽ جنھن نظام کي زنده رهڻو آهي ته اهو به دليل ۽ حجت سان زنده رهي، (ته جيئن ماڻهو هڪ ڪرا ٿي زندگي گذارين) . بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ يُريكَهُمُ اللَّهُ فى مَنامِكَ قَليلًا وَلَو أَرىٰكَهُم كَثيرًا لَفَشِلتُم وَلَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ سَلَّمَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 43) |
(اي نبي (ﷺ!) اهو وقت به ياد ڪر جڏهن الله تعالى خواب ۾ توهان کي دشمن جي لشڪر کي ٿورو ڪري ڏيکاريو هو ۽ جيڪڏهن اهو لشڪر توهان کي وڏو ڪري ڏيکاري ها ته توهان همت هاري ويھو ها ۽ جنگ ڪرڻ جي معاملي ۾ پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪريو ها پر الله تعالى توهان کي (اهڙي صورتحال کان) محفوظ رکيو. بيشڪ هو دلين جي رازن کان خوب واقف آهي. |
وَإِذ يُريكُموهُم إِذِ التَقَيتُم فى أَعيُنِكُم قَليلًا وَيُقَلِّلُكُم فى أَعيُنِهِم لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 44) |
۽ جڏهن توهان ٻئي گروهه (ميدان جنگ ۾) هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿيا تڏهن به الله تعالى توهان جي نظرن ۾ دشمن جي لشڪر کي ننڍو ڪري ڏيکاريو ۽ وري دشمنن جي نظر ۾ اوهان جي لشڪر کي به تمام ننڍو ڪري ڏيکاريائين (ته جيئن ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي سامھون اچڻ لاءِ آسانيءَ سان آماده ٿين) اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ هو ته الله تعالى ان ڳالهه کي نافذ ڪري جنھن جو هن فيصلو ڪيو هو. (حقيقت هي آهي ته) هر معاملو الله تعالى ڏانھن ئي موٽ کائي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُم فِئَةً فَاثبُتوا وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 45) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن به توهان جو ڪافر ٽولي سان (جنگ ۾) مقابلو ٿئي ته ثابت قدم رهو ۽ الله تعالى کي خوب ياد ڪندا ڪريو ته جيئن توهان کي ڪاميابي حاصل ٿئي. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَنٰزَعوا فَتَفشَلوا وَتَذهَبَ ريحُكُم وَاصبِروا إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 46) |
الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو، پاڻ ۾ جهڳڙو نه ڪريو ورنه جڳهڙي جي صورت ۾ توهان ڪمزور ٿي ويندا ۽ توهان جو رعب (به) ختم ٿي ويندو ۽ صبر کان ڪم وٺو، بيشڪ الله تعالى صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم بَطَرًا وَرِئاءَ النّاسِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَاللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 47) |
۽ توهان انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو جيڪي پنھنجي گهرن مان تڪبر ۽ ماڻهن کي شان ڏيکارڻ لاءِ نڪتا هئا. ( انهن جو هي ڪردار آهي ته) هو ماڻهن کي الله تعالى جي رستي کان روڪين ٿا. بيشڪ الله تعالى انهن جي هر عمل کي گهيرو ڪندڙ آهي. |
وَإِذ زَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم وَقالَ لا غالِبَ لَكُمُ اليَومَ مِنَ النّاسِ وَإِنّى جارٌ لَكُم فَلَمّا تَراءَتِ الفِئَتانِ نَكَصَ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَقالَ إِنّى بَريءٌ مِنكُم إِنّى أَرىٰ ما لا تَرَونَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 48) |
۽ جڏهن شيطان سندن ڪرتوتن کي سندن ئي سامھون سھڻو ڪري ڏيکاريو ۽ چيو ته (بس!) اڄ توهان تي ڪير به غالب نٿو ٿي سگهي ۽ (وڏي ڳالهه اها آهي ته) مان به توهان سان گڏ آهيان (اهڙي هام هڻڻ کان پوءِ) جڏهن ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿيا ته شيطان پنھنجي کڙين تي زور ڏيئي وٺي پوئتي ڀڳو ۽ چيو ته (يارو!) هن وقت توهان سان منھنجو ڪو به واسطو نه آهي ڇو جو مان جيڪو ڏسي رهيو آهيان، اهو توهان نٿا ڏسي سگهو. هن مرحلي تي مون کي الله سائينءَ جو خوف ٿئي ٿو ۽ الله تعالى سزا ڏيڻ ۾ سخت آهي. |
إِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ غَرَّ هٰؤُلاءِ دينُهُم وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 49) |
( هيڏانهن مسلمانن جي لشڪر جي جنگ لاءِ روانگيءَ وقت) جڏهن منافقن ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ (ايمان آڻڻ کان پوءِ جنگ کان ڊڄڻ جي ) بيماري هئي، تن چيو ته مسلمانن کي سندن دين جنون ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي (پر ٻئي طرف) جيڪو الله تعالى تي ڀروسو رکي ٿو (ان کي يقين آهي ته) بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ يَتَوَفَّى الَّذينَ كَفَرُوا المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 50) |
ڪاش! توهان انهن (قتل ٿي ويل) ڪافرن جي حالت ڏسو ها جڏهن فرشتا سندن ساهه ڪڍي رهيا هئا، هو انهن جي چھرن ۽ پٺين کي ڪٽي رهيا هئا ۽ کين چئي رهيا هئا ته (هاڻي) ساڙيندڙ عذاب جو به مزو چکو. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 51) |
جيڪي برا عمل توهان اڳ ۾ موڪليا هئا هي عذاب ان ڪري آهي، ورنه الله تعالى پنھنجي ٻانهڙن تي ظلم نه ڪندو آهي. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 52) |
( ) انهن ماڻهن جي حالت به فرعون وارن ۽ ان کان اڳ گذري ويل ماڻهن وانگر آهي، (انهن سڀني به) الله تعالى جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو پوءِ الله تعالى سندن گناهن جي ڪري پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعالى وڏي طاقت وارو آهي ۽ عذاب ڏيڻ ۾ به سخت آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ لَم يَكُ مُغَيِّرًا نِعمَةً أَنعَمَها عَلىٰ قَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 53) |
(اهو سڀ ان ڪري ٿيندو آهي جو) الله تعالى ڪنھن به قوم کي پنھنجي ڏنل نعمت ان وقت تائين نه بدلائيندو آهي، جيستائين هو پنھنجي حالت کي پاڻ نه بدلائين . بيشڪ الله تعالى خوب ٻڌندڙ ۽ خوب ڄاڻندڙ آهي. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَكُلٌّ كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 54) |
انهن جي حالت به فرعون وارن ۽ ان کان اڳ گذريل ماڻهن وانگر آهي جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو ۽ اسان کين سندن ئي گناهن سبب تباهه ڪري ڇڏيوسين ۽ فرعونين کي غرق ڪري ڇڏيوسين (ڇوته) هو سڀ ظالم ماڻهو هئا. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الَّذينَ كَفَروا فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 55) |
بيشڪ الله تعالى جي نزديڪ سڀني کان بدترين قسم جا جانور اهي ماڻهو آهن جن ڪفر ڪيو تنهنڪري هي ماڻهو ايمان نه ٿا آڻين. |
الَّذينَ عٰهَدتَ مِنهُم ثُمَّ يَنقُضونَ عَهدَهُم فى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُم لا يَتَّقونَ (آيت : 56) |
انهن ماڻهن جي حالت اها آهي جو توهان انهن سان ڪيترائي معاهدا ڪري چڪا آهيو پوءِ به هو هر ڀيري پنھنجي ڪيل معاهدن کي ٽوڙي ڇڏين ٿا هي ماڻهو (معاهدا ٽوڙڻ وقت الله تعالى کان) ڊڄندا ئي نه آهن. |
فَإِمّا تَثقَفَنَّهُم فِى الحَربِ فَشَرِّد بِهِم مَن خَلفَهُم لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 57) |
جيڪڏهن جنگ ۾ ڪڏهن هي ماڻهو تنھنجي واري ۾ اچن ته کين اهڙي سزا ڏي جو سندن پويان ايندڙ نسل به وائڙي ٿي وڃي، (يا سندن ڪن کڙا ٿي وڃن) ٿي سگهي ٿو هو ان مان نصيحت حاصل ڪن (۽ سڌري وڃن). |
وَإِمّا تَخافَنَّ مِن قَومٍ خِيانَةً فَانبِذ إِلَيهِم عَلىٰ سَواءٍ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الخائِنينَ (آيت : 58) |
۽ جيڪڏهن توهان کي ڪنھن قوم جي معاهدي جي خلاف ورزيءَ جو انديشو هجي ته اهو معاهدو وڏي واڪي سندس منھن ۾ هڻي ڇڏيو. بيشڪ الله تعالى خيانت ڪرڻ وارن کي پسند ئي نه ڪندو آهي. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا سَبَقوا إِنَّهُم لا يُعجِزونَ (آيت : 59) |
ڪافر ايئن نه سمجهن ته هو (توهان جي مٿان) حاوي ٿي ويا آهن. هو (توهان کي) ڪڏهن به ڪمزور نٿا ڪري سگهن. |
وَأَعِدّوا لَهُم مَا استَطَعتُم مِن قُوَّةٍ وَمِن رِباطِ الخَيلِ تُرهِبونَ بِهِ عَدُوَّ اللَّهِ وَعَدُوَّكُم وَءاخَرينَ مِن دونِهِم لا تَعلَمونَهُمُ اللَّهُ يَعلَمُهُم وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فى سَبيلِ اللَّهِ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 60) |
توهان پنھنجي وس آهر انهن دشمنن لاءِ (افرادي توڙي هٿيارن جي صورت ۾) طاقت سان ۽ خوب پاليل گهوڙن جي شڪل ۾ هميشه تيار رهندا ڪريو ته جيئن ان (طاقت) جي ذريعي الله تعالى جي دشمنن، پنھنجي دشمنن ۽ ٻين لڪيل دشمنن کي هيسائي سگهو، اهڙن لڪيل دشمنن کي توهان نٿا سڃاڻو پر الله تعالى کين سڃاڻي ٿو ۽ توهان الله تعالى جي راهه ۾ جيڪو به خرچ ڪندا، ان جو توهان کي پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ توهان سان ذري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَإِن جَنَحوا لِلسَّلمِ فَاجنَح لَها وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏهن هي ماڻهو صلح لاءِ راضي ٿين ته تون به صلح لاءِ تيار ٿي ۽ توهان الله تعالى تي ڀروسو رکو، بيشڪ هو خوب ٻڌندڙ ۽ خوب ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِن يُريدوا أَن يَخدَعوكَ فَإِنَّ حَسبَكَ اللَّهُ هُوَ الَّذى أَيَّدَكَ بِنَصرِهِ وَبِالمُؤمِنينَ (آيت : 62) |
۽ جيڪڏهن هو توکي ڌوڪو ڏيڻ جو سوچين ته (پريشان نه ٿي) بيشڪ تنھنجي لاءِ الله تعالى جي ذات ئي ڪافي آهي جنھن تنھنجي (ملائڪن جي ذريعي پنھنجي غيبي) مدد ۽ ( ظاهري طرح) مؤمنن جي ذريعي حمايت ڪئي. |
وَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِهِم لَو أَنفَقتَ ما فِى الأَرضِ جَميعًا ما أَلَّفتَ بَينَ قُلوبِهِم وَلٰكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ بَينَهُم إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 63) |
انهن مؤمنن جي دلين ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ (وڏي) محبت وڌائين (اهڙي محبت وڌائين) جو زمين جي هر شيءِ خرچ ڪرڻ کان پوءِ به تون اهڙي محبت نه وجهي سگهين ها پر الله تعالى انهن منجهه محبت وجهي ڇڏي. بيشڪ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَسبُكَ اللَّهُ وَمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 64) |
(اي نبي ﷺ!) تنھنجي ۽ تنھنجي پيروي ڪندڙ مؤمنن لاءِ الله تعالى جي ذات ئي ڪافي آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَرِّضِ المُؤمِنينَ عَلَى القِتالِ إِن يَكُن مِنكُم عِشرونَ صٰبِرونَ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ يَغلِبوا أَلفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 65) |
(اي نبي ﷺ!) توهان مؤمنن کي جنگ جي لاءِ تيار ڪريو، (پوءِ) جيڪڏهن مؤمنن مان ويھه ثابت قدم رهندڙ ماڻهو (جنگ جي ميدان ۾) لهندا ته هو ٻه سؤ ڪافرن تي غالب اچي ويندا ۽ جيڪڏهن مؤمنن مان هڪ سؤ ماڻهو ثابت قدم رهندا ته هو هڪ هزار ڪافرن تي غالب پئجي ويندا، ڇو ته ڪافرن کي (دين جي) ڪا به سمجهه نه آهي. |
الـٰٔنَ خَفَّفَ اللَّهُ عَنكُم وَعَلِمَ أَنَّ فيكُم ضَعفًا فَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ صابِرَةٌ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم أَلفٌ يَغلِبوا أَلفَينِ بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 66) |
(توهان جو جذبو قبول ڪيو ويو) چڱو هاڻي الله تعالى توهان جي مٿان رکيل بار هلڪو ڪري ڇڏيو ڇو جو هن توهان منجهه (ٿوري) ڪمزوري ڏٺي هئي. هاڻي توهان مان هڪ سؤ مؤمن ثابت قدم رهندڙ ٻه سؤ ڪافرن تي غالب ايندا ۽ جيڪڏهن توهان مان هڪ هزار مؤمن ثابت قدم رهندا ته هو الله تعالى جي حڪم سان ٻن هزار ڪافرن تي غالب ايندا ڇوته الله تعالى ثابت قدم رهڻ وارن سان گڏ آهي. |
ما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكونَ لَهُ أَسرىٰ حَتّىٰ يُثخِنَ فِى الأَرضِ تُريدونَ عَرَضَ الدُّنيا وَاللَّهُ يُريدُ الءاخِرَةَ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 67) |
(جنگ بدر ۾ توهان دشمنن کي جنگي قيدي بنايو هو حالانڪه) ڪنھن به نبي لاءِ اهو اصول ئي نه رکيو ويو آهي ته هو (جنگ دوران) پاڻ وٽ جنگي قيدي رکي، ان کي ته جنگ جي ميدان ۾ (دشمن جي) لاشن جا ڍير لڳائڻ جي ذميداري ڏني وئي آهي، توهان ته (ڪمزوري ڏيکاري) دنيا جا فائدا حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا (حالانڪه) الله تعالى (توهان جي لاءِ) آخرت (جون نعمتون) چاهي ٿو. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
لَولا كِتٰبٌ مِنَ اللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُم فيما أَخَذتُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 68) |
جيڪڏهن الله تعالى جي طرفان اهو (حڪم) اڳ ۾ نه لکيل هجي ها ته فديو وٺڻ واري عمل جي بدلي ۾ توهان کي وڏو عذاب ڏئي ها. |
فَكُلوا مِمّا غَنِمتُم حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 69) |
(چڱو هاڻي جيڪو مال توهان وٺي چڪا آهيو) اهو کائو، اهو توهان جي لاءِ حلال ۽ پاڪ آهي (پر آئنده) الله تعالى کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِمَن فى أَيديكُم مِنَ الأَسرىٰ إِن يَعلَمِ اللَّهُ فى قُلوبِكُم خَيرًا يُؤتِكُم خَيرًا مِمّا أُخِذَ مِنكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 70) |
(اي نبي ﷺ!) جيڪي توهان وٽ قيدي آهن، تن کي (صاف صاف) ٻڌائي ڇڏيو ته جيڪڏهن الله تعالى توهان جي دلين ۾ ڪا ذري برابر به ڀلائي ڏسندو ته هو توهان کي توهان کان ورتل فديي کان بھتر عطا ڪندو ۽ توهان جي خطائن کي بخش به ڪندو (ڇو ته) الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَإِن يُريدوا خِيانَتَكَ فَقَد خانُوا اللَّهَ مِن قَبلُ فَأَمكَنَ مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
پر جيڪڏهن هو توهان سان خيانت ڪرڻ جو سوچيندا ته (توهان کي معلوم هجڻ گهرجي ته) اڳ به هي ماڻهو الله تعالى سان خيانت ڪري چڪا آهن، انهيءَ ڪري ئي الله تعالى انهن کي توهان جي قبضي ۾ ڏنو آهي ۽ توهان وٽ قيديءَ جي صورت ۾ ڀوڳين پيا. بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَالَّذينَ ءامَنوا وَلَم يُهاجِروا ما لَكُم مِن وَلٰيَتِهِم مِن شَيءٍ حَتّىٰ يُهاجِروا وَإِنِ استَنصَروكُم فِى الدّينِ فَعَلَيكُمُ النَّصرُ إِلّا عَلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 72) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي، پنھنجي مال ۽ جان جي ذريعي الله تعالى جي راهه ۾ جھاد ڪيو ۽ (انهن مهاجرن کي ) پناهه ڏني ۽ انهن جي مدد ڪئي، سي سڀ هڪ ٻئي جا (سچا) دوست آهن ۽ (ٻئي طرف) جن ماڻهن ايمان آندو پر هجرت نه ڪئي ته اهڙن ماڻهن جي دوستيءَ مان توهان کي ڪو به فائدو نه پھچندو، جيستائين هو هجرت ڪري (مديني شريف) نه اچن. پر جيڪڏهن دين جي معاملي ۾ هو توهان کان ڪا مدد گهرن، ته سندن مدد ڪرڻ توهان تي فرض آهي. پر اهو ذهن ۾ رکو ته انهن جي مدد ڪرڻ اهڙي قوم جي خلاف نه هجي جنھن سان توهان جو ڪو معاهدو ٿيل هجي. بيشڪ الله تعالى توهان جي هر عمل کي ڏسي رهيو آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ إِلّا تَفعَلوهُ تَكُن فِتنَةٌ فِى الأَرضِ وَفَسادٌ كَبيرٌ (آيت : 73) |
(۽ اهڙيءَ طرح) جن ماڻهن ڪفر ڪيو (پوءِ هو ڪٿي جا به رهندڙ هجن) اهي سڀ هڪ ٻئي جا دوست ئي آهن سو جيڪڏهن توهان (ايمان جي حيثيت ۾) هڪ ٻئي جي ذميداري نه کڻندا ته زمين ۾ وڏو فتنو فساد پکڙجي ويندو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 74) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي، الله تعالى جي رستي ۾ جھاد ڪيو ۽ جن ماڻهن انهن (هجرت ڪندڙن) کي پناهه ڏني ۽ انهن جي مدد ڪئي اهي ئي ماڻهو پڪا مؤمن آهن، انهن جي لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا مِن بَعدُ وَهاجَروا وَجٰهَدوا مَعَكُم فَأُولٰئِكَ مِنكُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 75) |
۽ جن ماڻهن بعد ۾ ايمان آندو ۽ پوءِ هجرت ڪئي ۽ (هاڻي) توهان سان گڏ جھاد ۾ لڳي ويا آهن اهي به توهان ۾ شامل آهن (توهان سندن زندگيءَ ۾ ڀرپور مدد ڪري سگهو ٿا) پر نسلي مائٽ ئي الله تعالى جي حڪم مطابق (توهان جي ميراث جا) وڌيڪ حقدار آهن. بيشڪ الله تعالى کي هر شيءِ جو علم آهي. |