يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَنفالِ قُلِ الأَنفالُ لِلَّهِ وَالرَّسولِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَصلِحوا ذاتَ بَينِكُم وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 1) |
(اي نبي!) توکان انفال (غنيمت جي مال) لاءِ پڇن ٿا. چوين ته اهي انفال ته الله ۽ سندس رسول جا آهن، سو توهان الله کان ڊڄو ۽ تعلق سٺا سيبتا رکو پاڻ ۾، ۽ اطاعت ڪريو الله ۽ سندس رسول جي، جي توهان مؤمن آهيو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَإِذا تُلِيَت عَلَيهِم ءايٰتُهُ زادَتهُم إيمٰنًا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 2) |
بيشڪ سچا ايمان وارا ته اهي ماڻهو آهن جن جون دليون الله جو ذڪر ٻڌي ڏڪي وڃن ٿيون ۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون ان (الله) جون آيتون سندن آڏو ته سندن ايمان وڌي وڃي ٿو ۽ اهي رکن ٿا پنهنجي رب تي ڀروسو. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
اهي ماڻهو قائم ڪن ٿا نماز ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي ان مان اسان جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا. |
أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم دَرَجٰتٌ عِندَ رَبِّهِم وَمَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
اهي ئي مؤمن سچا آهن، انهن جي لاءِ وڏا درجا آهن سندن رب وٽ، ۽ معافي گناهن جي ۽ بهترين رزق آهي. |
كَما أَخرَجَكَ رَبُّكَ مِن بَيتِكَ بِالحَقِّ وَإِنَّ فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ لَكٰرِهونَ (آيت : 5) |
(اها صورت آهي جهڙي ان وقت) ڪڍي آندو تنهنجي رب توکي تنهنجي گهر مان حق سان، ۽ (بيشڪ هڪ) ٽولي کي مؤمنن مان اها ڳالهه سخت ناپسند هئي. |
يُجٰدِلونَكَ فِى الحَقِّ بَعدَما تَبَيَّنَ كَأَنَّما يُساقونَ إِلَى المَوتِ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 6) |
هو جهيڙو پيا ڪن تو سان ان ۾ حق واسطي، جڏهن ته حق ظاهر ٿي چڪو هو، حال اهڙو هئن ڄڻ ته ڌِڪيا پيا وڃن موت ڏانهن نظرن جي سامهون. |
وَإِذ يَعِدُكُمُ اللَّهُ إِحدَى الطّائِفَتَينِ أَنَّها لَكُم وَتَوَدّونَ أَنَّ غَيرَ ذاتِ الشَّوكَةِ تَكونُ لَكُم وَيُريدُ اللَّهُ أَن يُحِقَّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَيَقطَعَ دابِرَ الكٰفِرينَ (آيت : 7) |
۽ ياد ڪريو اهو موقعو جڏهن الله وعدو ڪري رهيو هو توهان سان ته ٻنهي ٽولن مان هڪڙو توهان کي ملندو ۽ توهان چاهيو پئي ته هيڻو ٽولو توهان کي ملي، جڏهن ته الله جو ارادو هي هو ته حق کي حق ڪري ڏيکاري پنهنجي حڪمن سان ۽ پاڙ پٽي ڇڏي ڪافرن جي. |
لِيُحِقَّ الحَقَّ وَيُبطِلَ البٰطِلَ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 8) |
جيئن حق، حق ٿي رهي ۽ باطل، سو باطل ٿي رهجي وڃي، توڙي اها اڻ وڻندڙ ڳالهه هجي ڏوهارين کي. |
إِذ تَستَغيثونَ رَبَّكُم فَاستَجابَ لَكُم أَنّى مُمِدُّكُم بِأَلفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُردِفينَ (آيت : 9) |
جڏهن توهان فرياد ڪري رهيا هئا پنهنجي رب کي جواب ۾ هن (الله) فرمايو ته آئون توهان جي مدد لاءِ هڪ ٻئي پٺيان هڪ هزار فرشتا موڪلي رهيو آهيان. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ وَلِتَطمَئِنَّ بِهِ قُلوبُكُم وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
اها ڳالهه الله توهان کي رڳو هن لاءِ ٻڌائي ته توهان کي خوشخبري ملي ۽ مطمئن ٿين توهان جون دليون، نه ته مدد جڏهن به هوندي آهي ته الله جي طرفان ئي هوندي آهي، يقينًا الله زبردست ۽ داناءُ آهي. |
إِذ يُغَشّيكُمُ النُّعاسَ أَمَنَةً مِنهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيكُم مِنَ السَّماءِ ماءً لِيُطَهِّرَكُم بِهِ وَيُذهِبَ عَنكُم رِجزَ الشَّيطٰنِ وَلِيَربِطَ عَلىٰ قُلوبِكُم وَيُثَبِّتَ بِهِ الأَقدامَ (آيت : 11) |
۽ اهو وقت جڏهن ڳهر جي حالت توهان تي (هئي) اطمينان ۽ بي خوفي الله طاري ڪري رهيو هو توهان تي آسمان مان مينهن وسائي رهيو هو جيئن ان سان توهان کي پاڪ ڪري، شيطان جي وڌل پليتائي کي دور ڪري دلين تان، توهان جي همت وڌائي ان سان توهان جا قدم ڄمائي. |
إِذ يوحى رَبُّكَ إِلَى المَلٰئِكَةِ أَنّى مَعَكُم فَثَبِّتُوا الَّذينَ ءامَنوا سَأُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ فَاضرِبوا فَوقَ الأَعناقِ وَاضرِبوا مِنهُم كُلَّ بَنانٍ (آيت : 12) |
ان وقت جڏهن توهان جو رب ملائڪن کي اشارو ڪندي ته بيشڪ آئون توهان سان گڏ آهيان، ايمان وارن کي ثابت قدم رکو، اجهو ٿو وجهان ڪافرن جي دلين ۾ رعب، پوءِ توهان انهن جا ڪُٽيو ڪنڌ ۽ سندن ڪُٽيندا رهو سڀ سَنڌ سَنڌ ڪري. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِقِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 13) |
اهو انهيءَ ڪري جو انهن ماڻهن مقابلو ڪيو الله ۽ سندس رسول جو، ۽ جيڪو مقابلو ڪندو الله ۽ سندس رسول جو، ته پوءِ بيشڪ الله انهن لاءِ تمام سخت آهي. |
ذٰلِكُم فَذوقوهُ وَأَنَّ لِلكٰفِرينَ عَذابَ النّارِ (آيت : 14) |
(هي سزا) وٺو ان جو مزو، ۽ (معلوم هجي ته) حق جو انڪار ڪندڙن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا زَحفًا فَلا تُوَلّوهُمُ الأَدبارَ (آيت : 15) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جڏهن توهان هڪ لشڪر جي صورت ۾ ڪافرن جي سامهون ٿيو ته انهن جي مقابلي ۾ پٺي نه ڏيو. |
وَمَن يُوَلِّهِم يَومَئِذٍ دُبُرَهُ إِلّا مُتَحَرِّفًا لِقِتالٍ أَو مُتَحَيِّزًا إِلىٰ فِئَةٍ فَقَد باءَ بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 16) |
۽ جي ڪنهن پٺي ڏني اهڙي موقعي تي ان ڏينهن سواءِ جنگي چال طور وڙهڻ ۾ ، يا ٻيءَ فوج پنهنجي سان ملڻ لاءِ، ته اهو پڪ سان اچي ويندو الله جي غضب هيٺ، ان جو ٺڪاڻو جهنم هوندو، جيڪو تمام بڇڙو ماڳ آهي موٽڻ جو. |
فَلَم تَقتُلوهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ قَتَلَهُم وَما رَمَيتَ إِذ رَمَيتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ رَمىٰ وَلِيُبلِىَ المُؤمِنينَ مِنهُ بَلاءً حَسَنًا إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 17) |
پوءِ حقيقت اها آهي ته توهان نه پر الله انهن کي قتل ڪيو ۽ (اي نبي!) تو نه اڇلي هئي (مٽي) پر الله اڇلي هئي، ان لاءِ ته الله پار ٽپائي بهترين آزمائش مان مؤمنن کي ڪاميابيءَ سان، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
ذٰلِكُم وَأَنَّ اللَّهَ موهِنُ كَيدِ الكٰفِرينَ (آيت : 18) |
هي معاملو هو توهان ساڻ ۽ بيشڪ الله ڪافرن جي چالن کي ڪمزور ڪندڙ آهي. |
إِن تَستَفتِحوا فَقَد جاءَكُمُ الفَتحُ وَإِن تَنتَهوا فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَعودوا نَعُد وَلَن تُغنِىَ عَنكُم فِئَتُكُم شَيـًٔا وَلَو كَثُرَت وَأَنَّ اللَّهَ مَعَ المُؤمِنينَ (آيت : 19) |
(انهن ڪافرن کي چؤ) توهان فيصلو گهريو ٿي ته اها فتح آڏو اچي وئي توهان جي، ۽ هاڻي مُڙي وڃو ته اهو بهتر آهي توهان لاءِ، پر جيڪڏهن ساڳي حماقت ڪندؤ ته اسان به ساڳيءَ سزا کي ورجائينداسين، پوءِ توهان جو ٽولو ڪيترو ئي گهڻو ڇو نه هجي، اهو توهان جي ڪم نه ايندو) بيشڪ الله ته مؤمنن سان گڏ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَوَلَّوا عَنهُ وَأَنتُم تَسمَعونَ (آيت : 20) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! اطاعت ڪريو الله ۽ سندس رسول جي ۽ منهن نه ڦيريو حڪم (قرآن) ٻڌڻ کان پوءِ. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ قالوا سَمِعنا وَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 21) |
۽ نه ٿيو انهن وانگر جن چيو ته اسان ٻڌو، جڏهن ته اهي نٿا ٻڌن. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الصُّمُّ البُكمُ الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 22) |
بيشڪ اهي بدترين قسم جا جانور آهن الله جي نظر ۾، اهي ٻوڙا گونگا ماڻهو آهن جيڪي عقل کان ڪم نٿا وٺن. |
وَلَو عَلِمَ اللَّهُ فيهِم خَيرًا لَأَسمَعَهُم وَلَو أَسمَعَهُم لَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
۽ جي معلوم هجي ها الله کي ته انهن ۾ ڪا ڀلائي آهي ته کين ضرور ٻڌڻ جي توفيق ڏئي ها، پر انهن کي ٻڌرائي به ها ته اهي بي رخي اختيار ڪن ها. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَجيبوا لِلَّهِ وَلِلرَّسولِ إِذا دَعاكُم لِما يُحييكُم وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَحولُ بَينَ المَرءِ وَقَلبِهِ وَأَنَّهُ إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، لبيڪ چئو الله ۽ سندس رسول جي سڏ تي، جڏهن ته رسول توهان کي ان شيءَ ڏي سڏي ٿو جيڪا حياتي ڏيڻ واري آهي توهان کي، ڄاڻي وٺو ته بيشڪ الله اوٽ آهي ماڻهو ۽ سندس دل جي وچ ۾ ۽ بيشڪ ان ڏي ئي ميڙي گڏ ڪيا ويندؤ. |
وَاتَّقوا فِتنَةً لا تُصيبَنَّ الَّذينَ ظَلَموا مِنكُم خاصَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 25) |
۽ بچو انهيءَ فتني کان جنهن جي شامت فقط انهن تائين محدود نه هوندي، جن گناهه ڪيا توهان مان خاص طور تي، ۽ توهان کي معلوم هجي ته الله سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
وَاذكُروا إِذ أَنتُم قَليلٌ مُستَضعَفونَ فِى الأَرضِ تَخافونَ أَن يَتَخَطَّفَكُمُ النّاسُ فَـٔاوىٰكُم وَأَيَّدَكُم بِنَصرِهِ وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 26) |
۽ ياد ڪريو اهو وقت جڏهن توهان ٿورا هئا ۽ هيڻو سمجهيو ويندو هو زمين ۾ توهان کي ۽ توهان ڊڄندا هئا ته متان ماڻهو ختم نه ڪن توهان کي، پوءِ توهان کي پناهه جي جاءِ مهيا ڪئي، ۽ سٺو رزق ڏئي ۽ پنهنجي مدد سان توهان جا هٿ مضبوط ڪيا الله جيئن (توهان) سندس شڪرگذار بڻجو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَخونُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ وَتَخونوا أَمٰنٰتِكُم وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 27) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! خيانت نه ڪريو الله ۽ رسول سان ۽ غداري نه ڪريو پنهنجي امانتن ۾ ڄاڻي واڻي. |
وَاعلَموا أَنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 28) |
۽ معلوم هجي ته توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد حقيقت ۾ (فتنو) آزمائش آهن ۽ بيشڪ الله وٽ ڏيڻ لاءِ اجر تمام وڏو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَتَّقُوا اللَّهَ يَجعَل لَكُم فُرقانًا وَيُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جي تقويٰ اختيار ڪندؤ ته الله توهان لاءِ ڪسوٽي پيدا ڪندو ۽ دور ڪري ڇڏيندو توهان کان برائين کي ۽ توهان جا قصور معاف ڪندو، ۽ (بيشڪ) الله وڏو فضل ڪندڙ آهي. |
وَإِذ يَمكُرُ بِكَ الَّذينَ كَفَروا لِيُثبِتوكَ أَو يَقتُلوكَ أَو يُخرِجوكَ وَيَمكُرونَ وَيَمكُرُ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 30) |
۽ ياد ڪر اهو وقت جڏهن حق جا انڪاري تنهنجي خلاف سِٽون پيا سِٽين ته توکي قيد ڪن يا قتل ڪن يا ملڪ نيڪالي ڏين، هو سِٽون پيا سِٽين ۽ الله به انهن جي خلاف رٿ رٿي رهيو هو، ۽ الله وڏو رٿون رٿڻ وارو آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا قالوا قَد سَمِعنا لَو نَشاءُ لَقُلنا مِثلَ هٰذا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 31) |
جڏهن کين اسان جون آيتون ٻڌايون وينديون هيون، ته چوندا هئا ته، ها ٻڌوسين، اسين چاهيون ته اهڙيون ڳالهيون (پاڻ) ٺاهي سگهون ٿا، اهي پراڻيون ڪهاڻيون آهن جيڪي اڳي کان ٻڌندا اچون ٿا. |
وَإِذ قالُوا اللَّهُمَّ إِن كانَ هٰذا هُوَ الحَقَّ مِن عِندِكَ فَأَمطِر عَلَينا حِجارَةً مِنَ السَّماءِ أَوِ ائتِنا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 32) |
۽ هنن جڏهن چيو اي الله! هي واقعي جي حق تنهنجي طرفان آهي ته وساءِ اسان تي پٿر آسمان مان يا ڪو آڻ عذاب تمام دردناڪ. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم وَأَنتَ فيهِم وَما كانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُم وَهُم يَستَغفِرونَ (آيت : 33) |
۽ انهن تي الله ان وقت عذاب آڻڻ وارو نه هو ۽ تون انهن ۾ موجود هئين ۽ نه وري قاعدو آهي الله جو ته ماڻهن تي عذاب آڻي جڏهن اهي توبهه ڪري رهيا هجن. |
وَما لَهُم أَلّا يُعَذِّبَهُمُ اللَّهُ وَهُم يَصُدّونَ عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَما كانوا أَولِياءَهُ إِن أَولِياؤُهُ إِلَّا المُتَّقونَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 34) |
پر هاڻي ڇو نه انهن تي عذاب نازل ڪري الله، جڏهن ته هو روڪي رهيا آهن رستو مسجد الحرام جو ۽ اهي (مسجد الحرام) ان جا متولي نه آهن، حقيقت ۾ ان جا متولي ته ٿي سگهن ٿا تقويٰ وارا ئي، پر گهڻا ماڻهو اهو ڄاڻن نٿا. |
وَما كانَ صَلاتُهُم عِندَ البَيتِ إِلّا مُكاءً وَتَصدِيَةً فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 35) |
۽ انهن ماڻهن جي نماز ڇا هوندي آهي بيت الله وٽ، بس سيٽيون هڻندا ۽ تاڙيون وڄائيندا آهن، هاڻي هن عذاب جو مزو چکو سزا طور جيڪو توهان انڪار پئي ڪيو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنفِقونَ أَموٰلَهُم لِيَصُدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَسَيُنفِقونَها ثُمَّ تَكونُ عَلَيهِم حَسرَةً ثُمَّ يُغلَبونَ وَالَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ يُحشَرونَ (آيت : 36) |
بيشڪ جن ماڻهن حق مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهي خرچ ڪندا رهيا آهن پنهنجا مال رستي کان روڪڻ جي لاءِ الله جي، ۽ اڃا به وڌيڪ خرچ ڪندا رهندا، آخرڪار سندن ڪوششون پڇتائڻ جو سبب بڻبيون، هو مغلوب ٿيندا، ۽ اهي ئي ڪافر گڏ ڪيا ويندا جهنم ڏانهن (سزا جي لاءِ). |
لِيَميزَ اللَّهُ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَيَجعَلَ الخَبيثَ بَعضَهُ عَلىٰ بَعضٍ فَيَركُمَهُ جَميعًا فَيَجعَلَهُ فى جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 37) |
جيئن ڇنڊي ڇاڻي الله الڳ ڪري خبيث پليت کي پاڪ صاف کان، ۽ هر قسم جي پليتائيءَ کي ملائي گڏ ڪري ۽ پوءِ انهيءَ ڍير کي گڏيل طور تي ڦٽو ڪري ڇڏي جهنم ۾، اهي ئي ماڻهو اصل ۾ خساري ۾ آهن. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا إِن يَنتَهوا يُغفَر لَهُم ما قَد سَلَفَ وَإِن يَعودوا فَقَد مَضَت سُنَّتُ الأَوَّلينَ (آيت : 38) |
(اي نبي!) چؤ انهن ئي ڪافرن کي، جي هاڻي به مڙي وڃن ته اڳي جيڪي ڪجهه ٿيو آهي سو کين معاف ڪيو ويندو، پر جي ساڳيءَ هلت ورجائيندا ته پوءِ اڳين قومن سان جو ٿيو (هنن سان به ٿيندو). |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ كُلُّهُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 39) |
اي ايمان وارؤ! انهن سان جنگ ڪريو ايستائين جو فتنو باقي نه رهي ۽ دين مڪمل طور ٿي وڃي الله جي لاءِ، پر جي هو فتني کان رڪجي وڃن، ته سندن عمل کي ڏسڻ وارو الله آهي. |
وَإِن تَوَلَّوا فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَولىٰكُم نِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 40) |
پر جي هو نٿا مڃن پوءِ توهان کي معلوم هجي ته بيشڪ الله توهان جو سرپرست آهي، اهو ئي بهترين ڀرجهلو ۽ (سهڻو) مددگار آهي. |
وَاعلَموا أَنَّما غَنِمتُم مِن شَيءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ وَما أَنزَلنا عَلىٰ عَبدِنا يَومَ الفُرقانِ يَومَ التَقَى الجَمعانِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 41) |
۽ توهان کي معلوم هجي ته جيڪو مالِ غنيمت توهان هٿ ڪيو آهي ان جو الله لاءِ پنجون حصو ۽ رسول ۽ عزيزن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن جي لاءِ آهي، جيڪڏهن توهان ايمان آندو آهي الله تي ۽ ان شيءِ تي جيڪا اسان پنهنجي ٻانهي تي نازل ڪئي هئي، فيصلي واري ڏينهن (يعني ٻنهي فوجن جي وچ ۾) پوءِ اهو حصو خوشيءَ سان ڏيو، ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي. |
إِذ أَنتُم بِالعُدوَةِ الدُّنيا وَهُم بِالعُدوَةِ القُصوىٰ وَالرَّكبُ أَسفَلَ مِنكُم وَلَو تَواعَدتُم لَاختَلَفتُم فِى الميعٰدِ وَلٰكِن لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا لِيَهلِكَ مَن هَلَكَ عَن بَيِّنَةٍ وَيَحيىٰ مَن حَىَّ عَن بَيِّنَةٍ وَإِنَّ اللَّهَ لَسَميعٌ عَليمٌ (آيت : 42) |
ياد ڪريو اهو وقت جڏهن توهان واديءَ جي هڪ ڀر هئا ۽ هو ٻيءَ ڀر ويٺا هئا ۽ قافلو هيٺ (سمنڊ ڪناري) تي هو توهان کان، جيڪڏهن اڳيئي توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ مقابلي جي طئي ٿيل هجي ها قرارداد، ته پاسو ڪيو ها، پر جيڪو پيش آيو ان لاءِ جيڪو فيصلو الله ڪري چڪو نروار هو، جيئن جنهن کي هلاڪ ٿيڻو آهي سو پڌرن دليلن سان هلاڪ ٿئي ۽ جنهن کي زنده رهڻو آهي سو پڌرن دليلن سان زنده رهي، ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ يُريكَهُمُ اللَّهُ فى مَنامِكَ قَليلًا وَلَو أَرىٰكَهُم كَثيرًا لَفَشِلتُم وَلَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ سَلَّمَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 43) |
ياد ڪريو اهو وقت (اي نبي!) انهن کي توهان جي خواب ۾ ٿورا ڏيکاريا، جي توهان کي انهن جو تعداد گهڻو ڏيکاري ها ته ضرور لڙائي بابت جهڳڙو ڪريو ها همت هاري ويهڻ کان، پر بچايو هو الله انهيءَ ڳالهه کان توهان کي، بيشڪ هو سينن جا راز ڄاڻي ٿو. |
وَإِذ يُريكُموهُم إِذِ التَقَيتُم فى أَعيُنِكُم قَليلًا وَيُقَلِّلُكُم فى أَعيُنِهِم لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 44) |
۽ ياد ڪريو جڏهن مقابلي جي وقت الله توهان جي اکين ۾ دشمنن کي ٿورو ڏيکاريو ۽ انهن (ڪافرن) جي نگاهن ۾ توهان کي ٿورڙو ڪري پيش ڪيو ان لاءِ جا ڳالهه ٿيڻي هئي سا الله ظاهر ڪئي، ۽ سڀ معاملا الله ڏي ئي موٽن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُم فِئَةً فَاثبُتوا وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 45) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! توهان جو ڪنهن ٽولي سان مقابلو ٿئي ته ثابت قدم رهو ۽ ياد ڪريو الله کي ڪثرت سان، اميد ته توهان کي ڪاميابي ملندي. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَنٰزَعوا فَتَفشَلوا وَتَذهَبَ ريحُكُم وَاصبِروا إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 46) |
۽ اطاعت ڪريو الله ۽ سندس رسول جي، ۽ جهيڙو نه ڪريو نه ته توهان ۾ پئدا ٿيندي ڪمزوري ۽ هوا نڪري ويندي، ۽ صبر ڪريو. بيشڪ الله ساٿي آهي صبر ڪرڻ وارن جو. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم بَطَرًا وَرِئاءَ النّاسِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَاللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 47) |
۽ اختيار نه ڪريو انهن ماڻهن وارو رنگ ڍنگ، جيڪي گهرن مان آڪڙجي نڪتا پنهنجو شان ڏيکاريندي پنهنجي ماڻهن کي ۽ سندن روش هيءَ آهي جو الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪين ٿا، ۽ الله جي پڪڙ کان ڪو ٻاهر نه آهي. |
وَإِذ زَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم وَقالَ لا غالِبَ لَكُمُ اليَومَ مِنَ النّاسِ وَإِنّى جارٌ لَكُم فَلَمّا تَراءَتِ الفِئَتانِ نَكَصَ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَقالَ إِنّى بَريءٌ مِنكُم إِنّى أَرىٰ ما لا تَرَونَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 48) |
۽ سوچيو ان وقت جڏهن سهڻا ڪري ڏيکاريا شيطان انهن ماڻهن جا ڪرتوت سندن نگاهن ۾ ۽ کين چيو ته غالب نه ايندؤ ڪوبه اڄ توهان تي ماڻهن مان، ۽ آئون توهان سان گڏ آهيان، پر جڏهن ٻئي ٽولا آمهون سامهون ٿيا ته هو کُڙين ڀر پوئتي ڦري ويو ۽ چوڻ لڳو منهنجو توهان سان ساٿ ڪونهي، آئون اهو ڏسي رهيو آهيان جيڪو توهان نٿا ڏسو، مون کي خوف ٿئي ٿو الله جو، ۽ الله ڏاڍي سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
إِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ غَرَّ هٰؤُلاءِ دينُهُم وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 49) |
جڏهن ته چئي رهيا هئا منافق ۽ اهي سڀ ماڻهو جن جي دلين ۾ لڳل آهي روڳ، ته انهن ماڻهن کي جنوني بڻايو آهي سندن دين، پر جيڪڏهن توڪل ڪري ڪوبه الله تي، ته بيشڪ الله ڏاڍو زبردست ۽ داناءُ آهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ يَتَوَفَّى الَّذينَ كَفَرُوا المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 50) |
۽ جيڪڏهن تون اها حالت انهن ماڻهن جي ان وقت ڏسين ها جو قتل ڪيل ڪافرن جا روح ملائڪ قبض ڪري ۽ سندن منهن ۽ دڏن کي ڪٽيندا ٿي ويا ۽ چوندا پئي ويا ته اچو ۽ هاڻي باهه جي سزا چکي وٺو. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 51) |
هيءَ اها ئي سزا آهي جنهن جو انتظام توهان جي هٿن اڳواٽ ڪيو، ۽ بيشڪ الله ناهي ظلم ڪندڙ پنهنجي بندن تي. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 52) |
معاملو انهن سان آل فرعون وارن ۽ انهن کان اڳ وارن وانگر پيش آيو جو انڪار ڪيائون الله جي آيتن جو ۽ پڪڙي ورتو الله کين سندن گناهن جي ڪري، بيشڪ الله وڏي طاقت وارو ۽ سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ لَم يَكُ مُغَيِّرًا نِعمَةً أَنعَمَها عَلىٰ قَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 53) |
هي الله جي ان سنت مطابق آهي ته هو جيڪا نعمت ڪنهن قوم کي عطا ڪندو آهي، ته نه بدلائيندو آهي ڪنهن کي جيستائين اها پاڻ نه ٿي بدلائي، ۽ بيشڪ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَكُلٌّ كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 54) |
جيڪي ڪجهه پيش آيو آلِ فرعون ۽ ان کان اڳين قومن کي، جو انهن ڪوڙو چيو پنهنجي رب جي آيتن کي ته اسان کين سندن گناهن جي سزا ۾ ناس ڪيو، ۽ غرق ڪيو آلِ فرعون (سڀني) کي، ۽ اهي سڀ ئي ماڻهو ظالم هئا. |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الَّذينَ كَفَروا فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 55) |
بيشڪ الله جي نظر ۾ زمين تي هلڻ واري مخلوق مان وڌيڪ بڇڙا اهي ماڻهو آهن جن انڪار ڪيو حق جو ۽ ڪڏهن به حق مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. |
الَّذينَ عٰهَدتَ مِنهُم ثُمَّ يَنقُضونَ عَهدَهُم فى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُم لا يَتَّقونَ (آيت : 56) |
انهن سان تو معاهدو ڪيو جن سان اهي هر موقعي تي ان کي ٽوڙيندا رهن ٿا ۽ ذرو به (خدا جو) خوف نٿا ڪن. |
فَإِمّا تَثقَفَنَّهُم فِى الحَربِ فَشَرِّد بِهِم مَن خَلفَهُم لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 57) |
پوءِ جيڪڏهن توکي ملي وڃن لڙائي ۾، ته انهن جي اهڙي خبر وٺجان جو ٻين جا حواس خطا ٿي وڃن، ٻيا ان مان سبق وٺندا. |
وَإِمّا تَخافَنَّ مِن قَومٍ خِيانَةً فَانبِذ إِلَيهِم عَلىٰ سَواءٍ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الخائِنينَ (آيت : 58) |
۽ ڪنهن خيانت جو انديشو هجي ڪنهن قوم مان، ته انهن جي معاهدن کي اعلان سان سندن اڳيان ڦٽو ڪر، بيشڪ الله پسند نٿو ڪري خيانت ڪندڙن کي. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا سَبَقوا إِنَّهُم لا يُعجِزونَ (آيت : 59) |
۽ انهيءَ غلط فهميءَ ۾ نه رهن حق جا منڪر ته هُو گوءِ کڻي ويا، بيشڪ هو اسان کي شڪست ڏئي نٿا سگهن. |
وَأَعِدّوا لَهُم مَا استَطَعتُم مِن قُوَّةٍ وَمِن رِباطِ الخَيلِ تُرهِبونَ بِهِ عَدُوَّ اللَّهِ وَعَدُوَّكُم وَءاخَرينَ مِن دونِهِم لا تَعلَمونَهُمُ اللَّهُ يَعلَمُهُم وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فى سَبيلِ اللَّهِ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 60) |
۽ توهان ماڻهو جيترو وس هلي، وڌ ۾ وڌ طاقت (کي گڏ ڪيو) ۽ تيار ٻڌل گهوڙا انهن جي مقابلي ۾ موجود رکو، جيئن انهن جي ذريعي الله جي دشمنن ۽ توهان جي دشمنن کي ڊيڄاريو جن کي توهان نٿا ڄاڻو، پر الله ته انهن کي ڄاڻي ٿو، ۽ جيڪو به خرچ ڪندا جنهن به شيءِ جو الله جي راهه ۾، ان جو پورو اجورو توهان ڏانهن موٽايو ويندو، ۽ توهان سان هرگز ظلم نه ٿيندو. |
وَإِن جَنَحوا لِلسَّلمِ فَاجنَح لَها وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 61) |
۽ (اي نبي!) دشمن سلامتي ۽ صلح ڏي مائل ٿين ته تون به مائل ٿي وڃ ۽ ڀروسو رک الله تي، بيشڪ اهوئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِن يُريدوا أَن يَخدَعوكَ فَإِنَّ حَسبَكَ اللَّهُ هُوَ الَّذى أَيَّدَكَ بِنَصرِهِ وَبِالمُؤمِنينَ (آيت : 62) |
۽ جي اهي توهان سان دوکي جو ارادو رکندا هجن ته بيشڪ تنهنجي لاءِ الله ڪافي آهي، اهو ئي ته آهي جنهن پنهنجي مدد سان مؤمنن جي وسيلي تنهنجي تائيد ڪئي. |
وَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِهِم لَو أَنفَقتَ ما فِى الأَرضِ جَميعًا ما أَلَّفتَ بَينَ قُلوبِهِم وَلٰكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ بَينَهُم إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 63) |
۽ ڳنڍي ڇڏيون مؤمنن جون دليون پاڻ ۾، تون خرچ ڪرين ها ساري زمين جي دولت، تڏهن به انهن جي دلين ۾ الفت نه اچي ها، پر اهو الله ئي هو جنهن انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو، بيشڪ اهو وڏو زبردست ۽ داناءُ آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَسبُكَ اللَّهُ وَمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 64) |
اي نبي! تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي پوئلڳ مؤمنن لاءِ الله ئي ڪافي آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَرِّضِ المُؤمِنينَ عَلَى القِتالِ إِن يَكُن مِنكُم عِشرونَ صٰبِرونَ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ يَغلِبوا أَلفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 65) |
اي نبي! همت ٻڌاءِ مؤمنن کي جهاد جي لاءِ، جيڪڏهن توهان مان هوندا ويهه ماڻهو صبر وارا ته اهي غالب ٿيندا ٻن سون تي، ۽ جيڪڏهن هجن هڪ سؤ ماڻهو اوهان مان غالب ايندا هڪ هزار تي جيڪي حق جا منڪر آهن ڇوته اهي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي عقل کان ڪورا آهن. |
الـٰٔنَ خَفَّفَ اللَّهُ عَنكُم وَعَلِمَ أَنَّ فيكُم ضَعفًا فَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ صابِرَةٌ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم أَلفٌ يَغلِبوا أَلفَينِ بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 66) |
چڱو هاڻي الله اوهان جو هلڪو ڪيو بار۽ کيس معلوم ٿيو ته اڃا به اوهان ۾ ڪمزوري آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان مان هڪ سؤ ماڻهو صبر وارا هجن ته اهي ٻن سون تي ۽ اگر هڪ هزار ماڻهو توهان مان هجن ته اهي غالب ايندا ٻن هزارن تي الله جي حڪم سان، ۽ الله انهن سان آهي جيڪي صابرين آهن. |
ما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكونَ لَهُ أَسرىٰ حَتّىٰ يُثخِنَ فِى الأَرضِ تُريدونَ عَرَضَ الدُّنيا وَاللَّهُ يُريدُ الءاخِرَةَ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 67) |
ڪنهن به نبيءَ لاءِ اها ڳالهه نٿي سونهين ته وٽس قيدي هجن جيستائين هو دشمنن کي چٿي نه ڇڏي زمين ۾، توهان ماڻهو طلبيو ٿا مفاد کي دنيا ۾، ۽ الله جي نظر ۾ آخرت آهي، ۽ الله ته غالب حڪمت وارو آهي. |
لَولا كِتٰبٌ مِنَ اللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُم فيما أَخَذتُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 68) |
جيڪڏهن لکيل نه هجي ها الله وٽ تقدير اڳي ئي، ته توهان ماڻهن جيڪو ورتو آهي (فديو) ته توهان کي وڏو عذاب ڏنو وڃي ها. |
فَكُلوا مِمّا غَنِمتُم حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 69) |
پوءِ کائو اهو ورتل مال اهو حلال ۽ پاڪ آهي، ۽ ڊڄندا رهو الله کان، بيشڪ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِمَن فى أَيديكُم مِنَ الأَسرىٰ إِن يَعلَمِ اللَّهُ فى قُلوبِكُم خَيرًا يُؤتِكُم خَيرًا مِمّا أُخِذَ مِنكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 70) |
اي نبي! توهان ماڻهن جي قبضي ۾ جيڪي قيدي آهن، انهن کي چؤ ته اگر الله توهان جي دلين ۾ ڪا چڱائي ڏٺي ته هو توهان کي ان کان گهڻو وڌيڪ ڏيندو جيڪو توهان کان ورتو ويو آهي، ۽ توهان جون خطائون معاف ڪندو، الله بخشڻهار ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي. |
وَإِن يُريدوا خِيانَتَكَ فَقَد خانُوا اللَّهَ مِن قَبلُ فَأَمكَنَ مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
پر جيڪڏهن هو تو سان خيانت ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا ته هو الله سان خيانت ڪري چڪا آهن هن کان اڳي به، ان جي سزا کين اها ملي جو تنهنجي پڪڙ ۾ اچي ويا، بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ داناءُ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَالَّذينَ ءامَنوا وَلَم يُهاجِروا ما لَكُم مِن وَلٰيَتِهِم مِن شَيءٍ حَتّىٰ يُهاجِروا وَإِنِ استَنصَروكُم فِى الدّينِ فَعَلَيكُمُ النَّصرُ إِلّا عَلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 72) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ پنهنجا مال کپايا ۽ پنهنجون جانيون لڙايون الله جي راهه ۾، ۽ جن ماڻهن انهن مهاجرن کي جڳهه ڏني ۽ مدد ڪئي هڪ ٻئي سان، اهي ئي وارث آهن هڪ ٻئي جا. پر اهي ماڻهو جن ايمان ته آندو پر اهي هجرت ڪري (دار السلام) ڪونه آيا، ته انهن سان توهان جو دوستي وارو تعلق ناهي، جيستائين هو هجرت ڪري نه اچن، ها جيڪڏهن هو تو کان مدد گهرن دين جي معاملي ۾ ته سندن مدد ڪرڻ توتي فرض آهي پر ڪنهن اهڙي قوم جي خلاف نه، جنهن سان توهان جو ڪو معاهدو هجي، ۽ الله سڀ ڪجهه ڏسي ٿو جيڪي توهان ڪريو ٿا. |
وَالَّذينَ كَفَروا بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ إِلّا تَفعَلوهُ تَكُن فِتنَةٌ فِى الأَرضِ وَفَسادٌ كَبيرٌ (آيت : 73) |
۽ جيڪي ماڻهو حق جا منڪر آهن اهي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا، جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندؤ ته فتنو فساد برپا ٿي ويندو زمين ۾ ۽ وڏو فساد ٿي ويندو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 74) |
پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ گهر ٻار ڇڏيا، جهاد ڪري نڪري پيا (پاڻ پتوڙيو) الله جي راهه ۾ ۽ جن ماڻهن پناهه ڏني ۽ مدد به ڪئي، اهي ئي مؤمن آهن سچا، انهن جي لاءِ گناهن جي معافي ۽ بهترين رزق آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا مِن بَعدُ وَهاجَروا وَجٰهَدوا مَعَكُم فَأُولٰئِكَ مِنكُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 75) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو بعد ۾ ۽ هجرت ڪري آيا ۽ جدوجهد ڪرڻ لڳا تو سان، اهي به توهان ۾ ئي شامل آهن، پر رت جا رشتا هڪ ٻئي جا وڌيڪ حقدار آهن الله جي ڪتاب ۾، بيشڪ الله هر شيءِ جو ڄاڻندڙ آهي. |