| وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي انهن (ملائڪن) جو جيڪي سختيءَ سان ڇڪن ٿا |
| وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
|
۽ هوريان ڪڍي وٺن ٿا |
| وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
|
۽ (انهن فرشتن جو جيڪي ڪائنات ۾) تڪڙو تڪڙو ترندا وتن ٿا |
| فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ (حڪم بجا آڻڻ ۾) هڪ ٻئي کان اڳرائي ڪن ٿا |
| فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ (الله جي حڪمن مطابق) معاملا هلائن ٿا |
| يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
|
جنهن ڏينهن ڌوڏي ڇڏيندو اهو لوڏو |
| تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
|
۽ ان جي پويان وري هڪ ٻيو لوڏو ايندو |
| قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
|
ڪي دليون انهيءَ ڏينهن ڊپ وچان ڏڪي رهيون هونديون |
| أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
|
سندن نظرون هيٺ جهڪيل هونديون |
| يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
|
هي چون ٿا ته "ڇا اسان وري پوئين حالت ڏانهن موٽائي آندا وينداسون؟ |
| أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
|
ڇا جڏهن اسان ڀـُـتا ۽ ڳريل هڏا ٿي چڪا هونداسون؟" |
| قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
|
چوڻ لڳا: "اهو موٽڻ ته پوءِ وڏي نقصان وارو هوندو" |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
جڏهن ته اها رڳو هڪڙي وڏي زور واري هڪل ٿيندي |
| فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
|
۽ پوءِ هڪدم اهي سڀئي کلي ميدان ۾ هوندا |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
|
(اي نبي) ڇا توکي موسيٰ جي قصي جي خبر پهتي آهي؟ |
| إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
|
جڏهن سندس رب کيس طويٰ جي پاڪ واديءَ ۾ سڏي چيو هو |
| اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
|
ته "فرعون ڏي وڃ، هو ڏاڍو باغي ٿي ويو آهي |
| فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
۽ چويس ته ڇا تون ان لاءِ تيار آهين جو پاڪائي اختيار ڪرين |
| وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
|
۽ مان توکي تنهنجي رب ڏانهن واٽ ڏسيان ته تون (کانئس) ڊڄڻ لڳين؟" |
| فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
|
پوءِ موسيٰ (فرعون وٽ وڃي) کيس وڏي نشاني ڏيکاري |
| فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
|
پر هن ڪوڙ ڀانيو ۽ نه مڃيائين |
| ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
|
پوءِ ڪو بلو ڪرڻ لاءِ پوئتي موٽيو |
| فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
|
۽ ماڻهن کي گڏ ڪري سڏي چيائين |
| فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
|
ته "مان توهان جو وڏي ۾ وڏو رب آهيان" |
| فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
|
نيٺ الله کيس آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ جڪڙي ڇڏيو |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
|
حقيقت ۾ ان ۾ وڏي عبرت آهي، هر ان شخص لاءِ جيڪو ڊڄي |
| ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
|
توهان کي خلقڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي يا آسمان کي؟ الله ان کي بڻايو |
| رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
|
ان جي ڇت تمام مٿي ڪيائين. پوءِ ان کي برابر بيهاريائين |
| وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
|
۽ ان جي رات کي ڍڪيائين ۽ ان جي ڏينهن کي ڪڍيائين |
| وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
|
ان کانپوءِ زمين کي وڇايائين |
| أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
|
۽ منجهانئس ان جو پاڻي ۽ گاهه ڪڍيائين |
| وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
|
۽ ان ۾ جبل کوڙيائين |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
|
توهان لاءِ ۽ توهان جي چوپائي مال لاءِ زندگي گذارڻ جو سامان ڪري |
| فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
|
پوءِ جڏهن اهو وڏو ٿرٿلو مچندو |
| يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
|
جنهن ڏينهن انسان پنهنجو سڀ ڪيو ياد ڪندو |
| وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
|
۽ هر ڏسڻ واري جي آڏو دوزخ کي کولي ظاهر ڪيو ويندو |
| فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
|
پوءِ جنهن سرڪشي ڪئي هئي |
| وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
|
۽ دنيا جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني هئائين |
| فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
|
ته دوزخ ئي ان جو ٺڪاڻو هوندو |
| وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
|
۽ جيڪو پنهنجي رب جي آڏو بيهڻ کان ڊنو هو ۽ نفس کي بڇڙين خواهشن کان جهلي ڇڏيو هيائين |
| فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
|
ته جنت ان جي جاءِ هوندي |
| يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
|
توکان پڇن ٿا ته ڀلا اها گهڙي ڪڏهن اچي سهڙندي؟" |
| فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
|
تنهنجو ڇا، جو ان جو وقت ٻڌائين |
| إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
|
ان بابت ڄاڻ جو ته تنهنجي رب تي وڃي ٿو دنگ ٿئي |
| إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
|
تون ته فقط خبردار ڪرڻ وارو آهين، هر انهيءَ شخص کي جيڪو انهيءَ کان ڊڄي |
| كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
|
جنهن ڏينهن اهي ان کي ڏسندا ته ائين لڳندن ته ڄڻ (هو دنيا ۾ يا موت واريءَ حالت ۾) ڏينهن جو بس ڪو پويون پــَـهــَـر يا اڳيون پــَـهــَـر مس ترسيا آهن |