| وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
|
انهن (فرشتن) جو قسم آهي جي (ڪافرن جا روح ٽٻي ڏئي تمام سختي سان ڇڪي ڪڍن ٿا. |
| وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
|
۽ انهن جو قسم جي (مومنن جي جان) سولي چڪي ڪڍن ٿا، |
| وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
|
۽ انهن جو قسم جي (آسمان ۽ زمين جي وچ ۾) ترن ٿا، |
| فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ (هڪ ٻئي کان) اڳي وڌن ٿا. |
| فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ (دنيا جا انتظام ڪن ٿا. (ته قيامت ضرور ٿيندي). |
| يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
|
پوءِ جڏهن زمين ڌڏندي. |
| تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
|
پوءِ ان جي پٺيان ٻيو زلزلو ايندو. |
| قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
|
ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن ڏڪڻ لڳنديون. |
| أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
|
(ذلت کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون. |
| يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
|
چون ٿا ته اسين پهرين حالت (جئيڻ ڏي) موٽايا وينداسون. |
| أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
|
ڇا جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون. |
| قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
|
چون ٿا ته اهو موٽڻ (وري جئيرو ٿيڻ) وڏي نقصان وارو موٽڻ آهي. |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
نه (مشڪل سمجهو ان کي) ڇو ته اها (قيامت) ته رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي، |
| فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
|
پوءِ اهي يڪدم پڌري پٽ تي (حشر جي ميدان) تي موجود هوندا. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
|
(اي رسول!) ڇا تو کي موسى جي ڳالھ پهتي آهي؟ |
| إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
|
جڏهن کيس سندن پالڻهار “طوى” جي مقدس ميدان ۾ سڏيو. |
| اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
|
ته فرعون ڏي وڃ! ڇو ته اهو حد کان لنگهي ويو آهي. |
| فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
۽ (ان کي) چئو ته ڇا تنهنجي خواهش آهي ته ڪفر کان پاڪ ٿئين! |
| وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
|
۽ آءُ تو کي تنهنجي پالڻهار جي راھ ڏسيان ته تون ان کان ڊڄين، |
| فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
|
نيٺ موسى کيس (عصا جو) وڏو معجزو ڏيکاريو. |
| فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
|
پر هن ڪوڙ ڪيو ۽ نه مڃيو، |
| ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
|
پوءِ ڦري (پاڻ مخالف) ڪوشش ڪرڻ لڳو. |
| فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
|
وري (ماڻهن کي) گڏ ڪيائين. |
| فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
|
۽ وڏي آواز چيائين ته آءُ توهان ماڻهن جو سڀ کان وڏو پالڻهار آهيان، |
| فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
|
ته خدا (به) دنيا ۽ آخرت (ٻنهي) جي عذاب ۾ گرفتار ڪيس. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
|
بيشڪ جو شخص (خدا کان) ڊڄي تنهن لاءِ ان ڳالھ ۾ سبق آهي. |
| ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
|
ڀلا اوهان جو پيدا ڪرڻ ڏکيو آهي يا آسمان جو جنهن ان کي بڻايو؟ |
| رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
|
ان جي ڇت تمام بلند ڪيائين ۽ وري ان کي درست ڪيائين. |
| وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
|
۽ ان جي رات کي اونداهي وارو ۽ (ڏينهن جو) ان جي اس ڪڍيائين. |
| وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
|
۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇايائين. |
| أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
|
(هن طرح جو) ان مان ان جو پاڻي ۽ ان جو گاھ ڪڍيو اٿس، |
| وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
|
۽ جبلن کي کوڙيو اٿس، |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
|
(اهو سڀ ڪجھ ۽ ان جي وهٽن کي فائدي پهچائڻ لاءِ آهي. |
| فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
|
پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي. |
| يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
|
جنهن ڏينهن سڀ ڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين. |
| وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
|
۽ ڏسڻ وارن جي اڳيان دوزخ ظاهر ڪيو ويندو. |
| فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
|
ته جنهن (به دنيا ۾) آڪڙڪئي هوندي، |
| وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
|
۽ دنيا جي حياتي کي پسند ڪيو هوندو، |
| فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
|
تنهن جو ٽڪاڻو ته پڪ دوزخ آهي. |
| وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
|
۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ پاڻ کي ناجائز خواهش کان روڪيندو رهيو. |
| فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
|
ته ان جو ٽڪاڻو پڪ بهشت آهي. |
| يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
|
(اي رسول!) تو کان قيامت جي باري ۾ پڇن ٿا ته اها ڪڏهن قائم ٿيڻ واري آهي؟ |
| فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
|
(اي رسول!) تنهنجو ان جي بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو! |
| إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
|
تنهنجي پروردگار کي ئي ان جي پڇاڙي جي خبر آهي. |
| إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
|
تون ته رڳو جو شخص ان کان ڊڄي تنهن کي ڊيڄارڻ وارو آهين. |
| كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
|
جنهن ڏينهن ان (قيامت) کي ڏسندا (تنهن ڏينهن ائين ڀائيندا) ته ڄڻ (دنيا) ۾ هڪڙي شام صبح رهيا هئا. |